تهران/واشگنٽن/تل ابيب(ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران آمريڪا، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ بيان بازي ۽ فوجي قدمن ۾ تيزي اچي وئي آهي، ايراني صدر پاڙيسري ملڪن کان معذرت ڪئي آهي ۽ خاطري ڪرائي آهي ته ايران تيستائين حملا نه ڪندو جيستائين پاڙيسري ملڪن کان هن تي حملا نه ڪيا ويندا، آمريڪي صدر ايران کي سخت نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، جڏهن ته اسرائيلي فوج ايران جي مختلف شهرن تي حملن جي نئين لهر جو اعلان ڪيو آهي.
ٽرمپ جي ايران کي اڄ تمام وڏو نقصان پهچائڻ جي ڌمڪي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران کي ”تمام وڏي شدت سان نشانو“ بڻايو ويندو ۽ فوج نون هدفن تي غور ڪري رهي آهي.
ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر ايراني صدر جي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته ”ايران معافي گهري آهي ۽ پنهنجي وچ اوڀر جي پاڙيسري ملڪن آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا آهن، جڏهن ته واعدو ڪيو آهي ته هاڻي انهن تي حملو نه ڪندو. “
صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايراني صدر اهو واعدو رڳو آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن سبب ڪيو آهي.
واضح رهي ته ايراني صدر طرفان پاڙيسري ملڪن تي حملو نه ڪرڻ واري اعلان باوجود دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ويجهو هڪ ڊرون ڪِري پيو، جڏهن ته قطر جو به چوڻ آهي ته هن هڪ ميزائل کي روڪيو آهي.
ان کانپوءِ ۾ ٽرمپ هڪ ٻي پوسٽ ۾ چيو ته اڄ ايران کي تمام وڏو نقصان پهچايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ”ايران ۾ مڪمل تباهي ۽ يقيني موت بابت سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي، اهڙن علائقن ۽ ماڻهن کي نشانو بڻايو ويندو جن کي هينئر تائين هدف ناهي بڻايو ويو.“
اسرائيلي فوج جو ايران ۾ حملن جي نئين لهر شروع ڪرڻ جو اعلان
اسرائيلي فوج ايراني راڄڌاني تهران ۽ اصفهان شهر ۾ حملن جي نئين لهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٻئي پاسي ايراني فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ”اسان اهڙن سمورن اڏن کي نشانو بڻايو جتان ايران تي حملا شروع ٿيا هئا، پوري ڪوشش هئي ته پاڙيسري مسلم ملڪن کي ڪو به نقصان نه پهچي.“
ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا کي ايران تي حملي لاءِ فضائي حدون فراهم نه ڪندڙ ملڪن تي حملو ناهي ڪيو ويو.
ايراني صدر پاران پاڙيسڙي ملڪن خلاف حملن تي معذرت
ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته پاڙيسري ملڪن خلاف ڪو به حملو يا ميزائل حملا نه ڪيا ويندا.
هڪ بيان ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ٿيل حملن تي پاڙيسري ملڪن کان معذرت خواهه آهيون، اسان جو ٻين ملڪن تي حملو ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.
ايراني صدر اهو به چيو ته عبوري ليڊرشپ ڪائونسل پاڙيسري ملڪن خلاف ڪو حملو يا ميزائل حملو نه ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيستائين پاڙيسڙي ملڪن طرفان ايران تي حملو نه ڪيو ويندو، تيستائين ايران طرفان ڪو به حملو يا ميزائل حملا نه ڪيا ويندا.
مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته ايران آمريڪا ۽ اسرائيل آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندو، دشمن کي ايراني عوام جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري خواهش قبر ۾ کڻي ويندو.
آمريڪا جو اسرائيل کي 151 ملين ڊالر جا بم وڪرو ڪرڻ جو فيصلو
آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ٽرمپ انتظاميا اسرائيل کي 151 ملين ڊالر جا بم وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب اسرائيل 12 هزار، هڪ هزار پائونڊ وزني بم باڊيز خريد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي بم وڪرو ڪرڻ سان گڏ انجنيئرنگ، فني مدد، لاجسٽڪس ۽ پروگرام سپورٽ پڻ شامل هوندي، جڏهن ته دفاعي سامان ۽ دفاعي خدمتن جي اسرائيل کي فوري وڪري کي قومي سلامتي جي مفاد ۾ قرار ڏنو ويو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، آرم ايڪسپورٽ ڪنٽرول ايڪٽ جي سيڪشن 36 بي تحت ڪانگريس جي جائزي واري شرط کي معاف ڪيو ويو آهي.
جنگ دوران هينئر تائين ايران ۾ 6668 شهري يونٽن، 14 ميڊيڪل سينٽرن ۽ 65 اسڪولن کي نشانو بڻايو ويو
ايراني هلال احمر جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان شروع ڪيل جنگ جي شروعات کان هينئر تائين 6 هزار 668 کان وڌيڪ شهري يونٽن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
ايراني هلال احمر موجب، جنگ دوران هينئر تائين 5 هزار 535 رهائشي يونٽ نشانو بڻيا، جڏهن ته هينئر تائين هڪ هزار 41 ڪمرشل يونٽ، 14 ميڊيڪل سينٽر ۽ 65 اسڪول پڻ نشانو بڻايا ويا آهن.
ايراني هلال احمر جو چوڻ آهي ته جنگ جي شروعات کان هينئر تائين هلال احمر جي 13 مرڪزن کي به نشانو بڻايو ويو آهي، حملن دوران ڪيئي امدادي ۽ رليف گاڏين کي نقصان پهتو، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن دوران هلال احمر جا ورڪر به زخمي ٿيا.
دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪجهه اُڏامن جي لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف
دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اڄ ڪجهه اڏامون لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ڪري رهيون آهن، گڏيل عرب امارتن جي اختيارين ان کان اڳ بنا وضاحت اڏامون معطل ڪري ڇڏيون هيون.
دبئي ايئرپورٽ تان ڪجهه اڏامون روانو ته ٿي رهيون آهن، پر دير سان.
ايمريٽس جي اُڏام EK001 لنڊن هيٿرو لاءِ مقامي وقت موجب ستين وڳي ٽرمينل ٿري تان رواني ٿيڻي هئي، پر هاڻي ڪيئي ڪلاڪن دير سان رواني ٿي رهي آهي.
آمريڪي تيل ڪمپنين عراق مان پنهنجو عملو ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيو
وچ اوڀر ۾ غير ملڪي تيل ڪمپنين عراق جي آئل فيلڊز مان پنهنجو عملو ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
رائٽرز طرفان گڏ ڪيل فوٽيج ۾ عملي کي صفوان سرحد مان گذري ڪويت ويندي ڏيکاريو ويو آهي.
آمريڪي آئل فرم ”هاليبرٽن“ جي سيڪيورٽي گارڊ محمد طعم رائٽرز کي ٻڌايو ته ”عراق ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي غير ملڪي عملو ڪويت لاءِ روانو ٿي ويو آهي ۽ اتي ڏٺو ويندو ته اڳتي ڪاڏي وڃڻو آهي.“
هڪ ٻي آمريڪي آئل فرم ايڇ ڪَي اين انرجي به عراق ۾ ”غير قانوني گروهن“ جي حملي جي رپورٽن کانپوءِ جمعي ڏينهن عراقي ڪردستان ۾ هڪ سائيٽ تي پيداوار بند ڪري ڇڏي آهي.
ايراني ميڊيا آبنائي هرمز ۾ سڙندڙ آئل ٽينڪر جي تصوير جاري ڪري ڇڏي
پاسدارانِ انقلاب گارڊز ان کان اڳ بيان جاري ڪندي چيو هو ته هن ايراني نار ۾ آبنائي هرمز مان گذرندڙ هڪ آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو هو.
پاسداران انقلاب گارڊز موجب، اِهي آئل ٽينڪرز ۽ وپاري جهاز جيڪي دشمن ملڪن جا حمايتي آهن تن کي آبنائي هرمز وٽان لنگهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
فيلڊ مارشل عاصم منير جي سعودي جي بچاءُ واري وزير سان ملاقات، ايراني حملن جي روڪٿام بابت خيالن جي ڏي وٺ
فيلڊ مارشل ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايران جي ڊرون ۽ ميزائل حملن سبب پيدا ٿيل سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي عرب ۾ بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ايراني ڊرون ۽ ميزائل حملن سبب پيدا ٿيل سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن حملن جي روڪٿام لاءِ اسٽرٽيجڪ دفاعي معاهدي تحت قدمن تي به خيال جي ڏي وٺ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته بنا سبب اڳرائي خطي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهي، حملا امن لاءِ ڳالهين جي امڪانن کي محدود ڪن ٿا ۽ بحران کي وڌائين ٿا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته ايران سمجهه ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪندو، ايران جي محتاط حڪمت عملي دوست ملڪن کي بحران جي پرامن حل لاءِ ڪوششن ۾ مدد ڏيندي، ملاقات ۾ علائقائي سيڪيورٽي ۽ دوستي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار مضبوط ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو، ٻنهي ملڪن گڏيل سهڪار ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو.