رپورٽن موجب اسلام آباد ۾ هلندڙ گڏجاڻين ۾ 27هين آئيني ترميم بابت جيڪي نقطا سامهون آيا آهن، سي نه رڳو آئين جي ڍانچي کي بدلائي سگهن ٿا پر ملڪ جي وفاقي وحدت لاءِ به وڏو خطرو بڻجي سگهن ٿا. ملڪ اڳ ۾ ئي سياسي بحرانن، معاشي بحرانن ۽ ادارن جي وچ ۾ بي اعتماديءَ جي لپيٽ ۾ آهي، اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ نئين ڇڪتاڻ پيدا ڪئي وئي ته صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي. نون صوبن ٺاهڻ بابت ڳالهه ڪيترن سالن کان ٿيندي آئي آهي، پر هر ڀيري ان بحث جي پويان سياسي مقصد، طاقت جي ورهاست، وسيلن تي قبضو ۽ عوام کي ورهائڻ جا حربا سامهون آيا آهن. جيڪڏهن واقعي نون صوبن جي ضرورت آهي ته ان جو فيصلو ڪنهن عارضي مفاد يا مخصوص سياسي ايجنڊا جي بنياد تي نه پر عوامي راءِ، سڄاڻ بحث ۽ سڌي جمهوري طريقيڪار سان ٿيڻ گهرجي.
27هين آئيني ترميم بابت جيڪي خبرون سامهون آيون آهن، سي عوام ۽ سياسي حلقن اندر بيچيني وڌائڻ لاءِ ڪافي آهن. صوبن جا اختيار گهٽائڻ، نون صوبن ٺاهڻ جي عمل کي سولو ڪرڻ ۽ صوبائي اسيمبلين جي منظوري واري شرط کي ختم ڪرڻ اهڙا نُڪتا آهن، جيڪي وفاقيت جي سڄي ڍانچي کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي مختلف قوميتون پنهنجن حقن جي جدوجهد ۾ مصروف رهيون آهن، اهڙي قدمن جو مطلب هوندو ته ماڻهن جي احساس محرومي کي وڌيڪ وڌايو وڃي. سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اڳ ۾ ئي وفاقي پاليسين خلاف بيچيني موجود آهي، جيڪڏهن هاڻي سندن اختيارن ۾ گهٽتائي آندي وئي ته نتيجا وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. مبصرن جو چوڻ آهي ته اهو سڀ ون يونٽ جهڙي صورتحال ڏانهن واپسي هوندي، جنهن جو تجربو اڳي ئي ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ جنهن ملڪ کي ٻه ٽڪريون ڪري ڇڏيو هو.
ٻئي طرف جيڪي نڪتا سامهون اچي رهيا آهن، جيئن آرمي چيف جو عهدو ختم ڪري ٽنهي فوجن جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪرڻ، ججن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ، آئيني عدالت قائم ڪرڻ ۽ فاٽا جي 2018ع واري انضمام کي ختم ڪرڻ، اهي سڀ بحث جوڳا موضوع آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ اهڙي وڏي آئيني جراحيءَ جي حالت ۾ آهي؟ ڇا اسان کي ضرورت آهي ته هر ڪجهه سالن کان پوءِ آئين کي هٿ وجهجي ۽ ان کي تجربي لاءِ استعمال ڪجي؟ ملڪ کي آئيني استحڪام جي ضرورت آهي، نه ڪي نئين آزمائشن جي. جيڪڏهن هر حڪومت يا هر طاقتور ڌر پنهنجي مرضيءَ مطابق آئين ۾ ترميم ڪندي رهندي ته پوءِ آئين پنهنجي تقدس ۽ اعتبار وڃائي ويهندو.
نون صوبن جو بحث به ساڳي طرح حساس آهي. ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته نون صوبن سان انتظامي سهولتون وڌنديون، وسيلن تائين ماڻهن جي رسائي آسان ٿيندي ۽ علائقائي توازن پيدا ٿيندو. پر ان سوال جو جواب به ڏسڻو پوندو ته ڇا موجوده صوبن کي انهن جي آئين ۾ ڏنل مڪمل اختيار مليا آهن؟ ڇا وسيلن جي ورهاست ۾ انصاف ڪيو ويو آهي؟ ڇا مڪاني حڪومتن جو نظام مؤثر بڻايو ويو آهي؟ جيستائين موجوده نظام کي هلائڻ ۾ سنجيدگي نه ڏيکاري ويندي، تيستائين نوان صوبا ٺاهڻ عوام جي مسئلن جو حل نه بڻبو. حقيقت اها آهي ته اهڙي عمل جي پويان گهڻو ڪري طاقت جي ورهاست، وسيلن تي قبضي ۽ قومي تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ جا مقصد هوندا آهن. سنڌ ۾ به نئين صوبي جو نعرو وقت بوقت کنيو ويندو آهي، جنهن جو مقصد قومي وحدت کي ٽوڙڻ ۽ وسيلن تي ڌارين جي گرفت مضبوط ڪرڻ هوندو آهي.
اڄ ملڪ جي حالتن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ، سياسي قيادت ۽ ٻين ڌرين کي سمجهڻ گهرجي ته تجربن جو دور هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. هر ڪجهه سالن کان پوءِ آئين ۾ وڏيون وڏيون تبديليون ڪرڻ، صوبن جا اختيار گهٽائڻ ۽ ملڪ کي نون تجربي سان آزمائڻ، ملڪ جي وجود لاءِ خطرو آهي. جيڪڏهن وفاقي رياست کي بچائڻو آهي ته پوءِ صوبن کي سندن آئيني حقن سان گڏ عزت ڏني وڃي. نه ته ون يونٽ جهڙو تجربو ٻيهر ٿي سگهي ٿو، جنهن جو نتيجو اڳ ئي ڏسڻ ۾ اچي چڪو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به ماڻهن کي سندن وسيلن ۽ حقن کان محروم ڪيو ويو آهي، تڏهن تڪرار وڌيا آهن ۽ ملڪ کي وڏن بحرانن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. نون صوبن جو قيام جيڪڏهن وفاق کي مضبوط ڪندو ته اهو خوش آئند هوندو، پر جيڪڏهن اهو قدم وفاق کي ڪمزور ڪري علائقائي تڪرار وڌائيندو ته پوءِ ان کان وڏو نقصان ڪو نه ٿيندو.
ملڪ جي سياسي قيادت لاءِ پيغام اهو هجڻ گهرجي ته ملڪ کي تجربي گاهه بڻائي ان جا بنياد کوکلا نه ڪيا وڃن. آئيني استحڪام، صوبائي خودمختياري ۽ وفاقي وحدت کي هر قيمت تي بچائڻ گهرجي. ڇو ته ملڪ جو مستقبل ان ڳالهه سان جڙيل آهي ته اسان پنهنجن وسيلن کي ڪيئن ورهائيندا آهيون، پنهنجن ماڻهن کي ڪهڙو اعتماد ڏيندا آهيون ۽ پنهنجي آئين کي ڪيتري عزت ڏيندا آهيون. جيڪڏهن نون صوبن جو قيام عوامي خواهشن ۽ وفاقي اتفاق راءِ سان ٿيندو ته اهو يقينن سٺو قدم هوندو، پر جيڪڏهن اهو قدم طاقت جي زور تي ۽ صوبن جي مرضيءَ خلاف کنيو ويندو ته پوءِ اهو ملڪ لاءِ نئون بحران بڻجي سگهي ٿو.