ملير جون صنعتون ڌرتي ڌڻين لاءِ نوگو ايريا بڻيل ڇو؟

تحرير: جميل چانڊيو

پاڪستان جي آئين، قانون ۽ صوبائي پورهيت کاتي جي جوڙيل قانون موجب صنعتي ادارن ۾ روزگار جو پهريون حق اتان جي ڌرتي ڌڻين جو آهي، روزگار سان گڏوگڏ ڀرپاسي جي ڪچي توڙي ٻهراڙي جي رهواسين لاءِ فلاحي طور تي صحت، تعليم ۽ پاڻي لاءِ پنهنجون خدمتون انهن جي حوالي ڪرڻيون آهن. هونئن ته ڪراچي جا اڌ درجن کان وڌيڪ صنعتي ايريا جن ۾ سائيٽ، ڪورنگي، لانڍي، پورٽ قاسم ۽ شمار هيٺ آهن. پورٽ قاسم، لانڍي ۽ قومي شاهراهه تي قائم نجي فيڪٽرين، ڪارخانن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين مان اڪثر ڌرتي ڌڻين لاءِ يا ته روزگار تي نٿا رکيا وڃن جيڪڏهن ڪا وڏي سفارش تي رکيا وڃن ٿا ته تن کي مد خارج ٺيڪيداري نظام جي ور چاڙهيو وڃي ٿو، پورهيو به هيٺين سطح تي ڏئي انهن کي مالي مزدور يا هيلپر طور تي رکيو وڃي ٿو.

ملير جي چونڊيل صوبائي توڙي ۽ قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان آهي جن وٽ آئي ڏينهن شڪايتون جا انبار لڳل آهن ته هو ملير سان تعلق رکندڙ يا صوبي سنڌ جي ڊوميسائل رکڻ جو نوجوانن کي مقامي صنعتن ۾ روزگار نٿو ڏنو وڃي ۽ مٿن اهو الزام ٿو لڳايو وڃي ته هو سنڌي، بلوچ نااهل آهن جڏهن ته هن صنعتي ايريا جون زمينون سنڌي ۽ بلوچ ماڻهن پاران ڏنل آهن خاص طور تي سرڪاري ادارن پورٽ قاسم، پاڪستان اسٽيل جهڙن ادارن جي زمينون ڳوٺاڻن جون هيون جن کي اهو آسرو ڏنو ويو ته ملڪ جي ترقي لاءِ اوهان پنهنجون زمينون ڏيو ته جيئن صنعتن جو ڄار وڇائي ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي راهموار ٿئي.

اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قانوني طور تي هنن ادارن ۾ 20 سيڪڙو هيٺين پوسٽن تي ڌرتي ڌڻين کي روزگار ڏيڻ جو هڪ قانوني مسودو پاس ڪري ادارن جي حوالي ڪيو هو پر بدقسمتي سان ان تي 40 سالن کان ڪو به عملدرآمد ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ڌرتي ڌڻين کي متبادل طور تي زمينون ڏنيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ هڪ سروي موجب ملير جي ڄاڻايل صنعتي زونن ۾ 4 لک کان وڌيڪ پورهيت، آفيسر روزگار سان لڳل آهن جنهن ۾ ڌرتي ڌڻين اٽي ۾ لوڻ برابر به نه آهن.

سنڌ جي قومپرست جماعتن ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا ڌرتي ڌڻين جي روزگار لاءِ فيڪٽرين، ڪارخانن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين آڏو ڌرڻا ۽ احتجاج ڪيا پر وقتي طور تي ان تي عملدرآمد ٿيو پر مستقل طور تي اڄ به ڌرتي ڌڻين لاءِ ادارا نوگو ايريا بڻيل آهن، تازو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو ٺيڪيداري ۽ سنڌ حڪومت پاران اعلانيل 40 هزار روپيا گهٽ ۾ گهٽ اجورو نه ملڻ خلاف احتجاجي مزدورن جي اڳواڻن عادل آرائين، اصغر کوسو، علي مراد کوسو، جمن لاشاري، عرفان سولنگي ۽ ٻين چيو ته هي ڪرپٽ مافيا جيڪو ظلم مزدورن سان ڪري رهيو آهي، اهو هاڻي ناقابلِ برداشت ٿي چڪو آهي۔ سندن چوڻ هو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ اعلانيل مزدورن جي اجرت 40 هزار روپيا آهي پر اسان کان زبردستي 24-25 هزار تي ڪم ڪرايو پيو وڃي۔ ساليانو بونس، گريجويٽي، ميڊيڪل ۽ ڪمپني SOPs تحت مزدورن جون سڀ سهولتون به کسيون ويون آهن، جنهن ڪري اسان جي گهرن مان روشنين بدران اونداهو وڌي ويو آهي۔ مزدورن جي آواز بلند ڪندڙ ٽيم جي اڳواڻ عادل آرائين چيو ته هي مزدور دشمن ٺيڪيدار صرف ملير ۾ نه پر ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ به اسد زما، مرزا ياسر بيگ ۽ چوڪيدار راجا تنيو ساڳئي ٺيڪيداري نظام ذريعي 4-5 يونٽن ۾ مزدورن کان گهٽ اجرت 23-24 هزار تي ڪم ڪرائي رهيا آهن۔ هن مطالبو ڪيو ته ڪمپني انتظاميا، سنڌ جي وڏي وزير، ليبر وزير ۽ چيف جسٽس سنڌ فوري طور مزدور دشمن ٺيڪيدار خلاف نوٽيس وٺي کين برطرف ڪن ۽ مزدورن کي اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ اعلانيل مڪمل اجرت ڏني وڃي.

هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر حڪومت اهڙي قانون تي ڪڏهن عملدرآمد ڪرائيندي جنهن ۾ ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي روزگار جو حق ۽ علائقن جي فلاح تي عمل ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.