هن وقت قطر جي فوج جو تعداد هن ريت آهي. ٽوٽل آرمي 19000، نيوي 4000، ايئرفورس 4000، بادشاهي گارڊ 7500 ۽ اندروني سيڪيورٽي جو تعداد 1500 آهي. پر تعجب جهڙي ڳالهه اهيا آهي قطر جي آرمي ۽ ايئرفورس جا پائليٽ توڻي قطرين کي ٽريننگ ڏيندڙ آمريڪي آهن. يعني قطر جي فوج جو ڪنٽرول مڪمل طور آمريڪا جي اثر هيٺ آهي. بحرالحال دنيا جي اسلامي ملڪن جو عوام قطر، سعودي عرب، عرب امارات ۽ ٻين عرب ملڪن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ قطر، سعودي عرب، متحده عرب امارات لاءِ مسلمان ملڪن جي عوام پاران نفرت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ان نفرت جا ته هونءَ ڪافي سبب آهن پر اهم سبب اهيو به آهي ته عرب ملڪ عياش پرست آهن اهي هميشه عياشيءَ جي نشي ۾ ڌت رهن ٿا جيڪا سندن عادت ۾ شمار ٿئَي ٿي. عرب ملڪن کي مستقبل جي لاءِ ڪابه منصوبابندي سندس آڏو نه هوندي آهي. هو دولت جي نشي ۾ ڌت رهن ٿا. عرب ملڪ تقريبًا آمريڪا جي اثر هيٺ آهن. عرب ملڪن مٿان آمريڪا جي اجارداري ته آهي ئي پر آمريڪا جي چرچ تي اسرائيل، گريٽر اسرائيل لاءِ ڪوششون ڪندي عرب ملڪن ۾ خوف ۽ حراسمينٽ پيدا ڪري رهيو آهي ته جيئن عرب ملڪ اسرائيل جي منصوبي گريٽر اسرائيل لاءِ آماده ٿيندي سندس منصوبي کي تسليم ڪندي گريٽر اسرائيل کي مڃي وٺن.
تعجب ڏيندڙ ڳالهه اهيا آهي ته قطري نااهل بادشاهه ملڪ ۾ فوج جي واڌاري ۽ ان جي مضبوط ٽريننگ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن. ۽ هن وقت قطر وٽ ٿوري مقدار ۾ فوج آهي يعني قطر جي فوج جي تعداد کان سنڌ پوليس جو تعداد به تمام گهڻو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته قطر جي لڳ ڀڳ 30 لکن ۾ آهي ۽ ان حساب سان قطر پنهنجو فورس ٺاهي سگهيو آهي پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته عمان جيان ملڪ ۾ فورس جي واڌاري لاءِ آبادي تي ڀاڙڻ بدران پاڪستان جا اڪثر نوجوان عمان جي فوج ۾ ڀرتي ٿيل آهن. جنهن جي ڪري عمان جو فورس به قطر جي فورس کان تمام گهڻو آهي. افسوس آهي قطري نااهل بادشاهه تي جنهن کي ملڪ هلائڻ جي ڪابه ڄاڻ نه آهي. قطر وٽ جيتوڻيڪ جديد ريڊار ۽ لڙاڪا جهاز ته موجود آهن پر انهن کي هلائڻ وارا ۽ ٽريننگ ڏيندڙ پائليٽ ۽ ريڊارن کي هلائيندڙ آمريڪا جا انجنيئر ۽ پائيليٽ آهن. ان ڪري اهي اسرائيل مٿان جوابي حملو نه ڪري سگهيا. ڇاڪاڻ ته اڻ سڌيءَ طرح انهن کي روڪيو ويو هو ۽ انهن کي اڳواٽ ڄاڻ به ڏنل هئي ته اسرائيل قطر جي گادي واري شهر دوحا تي هڪ خاص جڳهه تي حملو ڪندو جتي حماس جا اهم ۽ ڪارائتا اڳواڻ ويٺل آهن.
مزي جي ڳالهه اها به آهي ته انهن اڳواڻن کي قطر دوحا ۾ گهرايو هو ته جيئن فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگ کي ختم ڪري فلسطين جي نئين سر تعمير ڪري سگهجي. ان اجلاس ۾ حماس جا ٽوٽل چوٽيءَ جا اڳواڻ ۽ قطر جا سرڪاري ماڻهون به ڳالهين ۾ شريڪ هئا پر ان کي سازش جي نظر سان به ڏٺو وڃي ٿو. ڪٿي آمريڪا، قطر، اسرائيل، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي حماس کي ختم ڪرڻ جي چال ته نه هئي؟ اسرائيل ڏينهن ڏٺي جو قطر جي گاديءَ واري هنڌ دوحا ۾ 10 بم هنيا هئا. حماس جي اڳواڻن کي ختم ڪرڻ لاءِ قطر کي پنهنجن ڪجهه ماڻهن جي قرباني به ڏيئڻي پئي. قربانيءَ کان سواءِ ڪي به مقصد حاصل نه ٿيندا آهن. جيڪڏهن اها سازش آهي ته پوءِ برطانيا جي جنرل ڊائير ساڳيو ئي آمريڪي صدر جي روپ ۾ عرب ملڪن ۾ لٿل آهي. ڇاڪاڻ ته جنرل ڊائير به هڪ عرب ريڍار جي نفسيات کي چيڪ ڪيو هئو جنهن ۾ عرب ريڍار غدار نڪتو. سو عرب حڪمران به غدار آهن جنهن جي نفسيات کي آمريڪا پرکي رهيو آهي ۽ حماس جي اڳواڻن کي شهيد ڪرائي غدار عرب ريڍار ثابت ٿيا آهن.
آمريڪا جو سڀ کان وڏو ايئربيس به قطر دوحا ۾ آهي. ان به اسرائيل جي حملي جي ڪابه جوابي ڪاروائي نه ڪئي ڇاڪاڻ ته انهن کي سختيءَ سان منع ڪيل هو. نااهل قطري بادشاهه تازو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مهاني طور روڪ 200 ارب ڊالرن جي ڳنڍ ٻڌي ڏني جيڪي نه راهه رسول نه راهه خدا ويا مفت ۾ ڏنا ويا. ان کان علاوه ڊونلڊ ٽرمپ آڏو پنهنجون زالون به آنديون ۽ وڏي ڳالهه قطري بادشاهه 747 بوئنگ جهاز آمريڪي صدر کي تحفي طور ڏنو جنهن جي به قيمت ارب ڊالرن ۾ آهي. ان تحفي 7 روڪ رقم عيوض آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قطري بادشاهه کي دنيا ۾ خوار رسوا ۽ ذليل ڪري ڇڏيو. ڪاش اهيو پئسو مسلمان ملڪن کي دفاعي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي. مثال پاڪستان کي ڏنو وڃي ها ته جيئَن پاڪستان معاشي طور به اڳڀرو ٿئي ها ۽ فوجي طور مضبوط به هجي ها. ڇا عرب ملڪ انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا آهن؟ ان کان علاوه سعودي عرب 250 ارب ڊالر مهان طور پيش ڪيا ويا ۽ دبئي جي بادشاهن ڊونلڊ ٽرمپ آڏو عورتون به نچرايون ۽ روڪ رقم به ڊونلڊ ٽرمپ کي ڏني ويئي. وڏي نااهلي اهيا ته دبئي جي بادشاهه ڊونلڊ ٽرمپ کي جيڪي مسجد گهمائي اها مسجد ڊونلڊ ٽرمپ جوتو پائي گهمي. افسوس آهي عرب نشي ۽ عياشين ۾ ڌت آهن. انهن کي پنهنجي ملڪ جي مستقبل بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. دوحا حملي جو سمورو مقصد آمريڪا عرب ملڪن کي بليڪ ميل ڪري انهن ۾ حراسمينٽ پيدا ڪري انهن کان وڏي مقدار ۾ تيل ۽ سون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو يا ٻيو اهيو به ته آمريڪا عرب ملڪن ڏانهن چين جي رستا روڪ ڪرڻ چاهي ٿو. بحرالحال خليج وارن ملڪن ۾ سڌي طرح اسرائيل جو خوف آهي ۽ اسرائيل پاڪستان کي به ڌمڪائي رهيو آهي. چين ۽ ڀارت جي قربتن جي وڌڻ جو ڪارڻ به آمريڪا آهي.
تازو پاڪستان جو وزيراعظم پنهنجي وفد سميت جنهن ۾ فيلڊ مارشل آرمي چيف به شامل هو. چين ۾ ان وقت هڪ اجلاس ۾ جنهن ۾ چين صدر به ڪابينا سميت شامل هو چين پاڪستان تي واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ موجود قدرتي وسيلا جن ۾ ڪاپر، ليٿم، يورينيم، ۽ سون جا وڏا وڏا ذخيرا موجود آهن جيڪڏهن پاڪستان اهي ذخيرا ڪنهن ٽين ڌر يعني آمريڪا کي ڏنا ته پوءِ چين پاڪستان بابت ڪجهه ٻيو سوچي سگهي ٿو. يعني دوستي ۾ وڏو ڏار پئجي سگهي ٿو. پر جيئن ئي پاڪستان جو وزيراعظم چين جي دوري کان واپس پهتو ته سندس انتظار ۾ آمريڪا جو سيڙپڪارن جو وڏو وفد اسلام آباد ۾ ويٺل هو. ان وفد کي آمريڪي صدر موڪليو هو ڇاڪاڻ ته آرمي چيف جڏهن آمريڪا جي دوري تي ويو هو ته هن آمريڪي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ قدرتي ذخيرن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ دعوت ڏئي ڇڏي. جنهن کي آمريڪي صدر وڏي دل سان خوش آمديد ڪيو. آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان کي چين کان ڪٽي ڇڏيان. نيٺ آمريڪا ڪامياب ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان آمريڪي جي سيڙپڪارن سان 5 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪري ورتو. آمريڪا جون اهي ڪمپنيون پاڪستان ۾ تيل، گئس، ڪاپر، سون ۽ ليٿم ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. ان جي برعڪس چين کي پاڪستان سمنڊ مان تيل ڳولڻ جو ٺيڪو ڏنو. جيڪو شايد چين کي قبول نه آهي. چين کي پرچائڻ لاءِ صدر زرداري اڄ ڪلهه چين جي دوري تي ويل آهي ۽ وزيراعظم قطر ۽ ٻين ملڪن جي دوري تي ويل آهي. بحرالحال پاڪستان کي ڪا واضح پاليسي ظاهر ڪرڻي پوندي. هڪ ڀيري، چين ڀارت کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان تي پاڻي وسيلي حملو ڪندو ته چين ڀارت کي ٻوڙيندو. پر چين جي ناراضگي کان پوءِ ڀارت پاڪستان کي ٻوڙي رهيو آهي ۽ چين خاموش آهي. قطر جو دفاعي نظام به آمريڪا جي قبضي ۾ آهي ۽ عرب ملڪن جا کربين ڊالر آمريڪا جي بئنڪن ۾ پيل آهن. جيڪڏهن عرب ملڪ اسرائيل خلاف گڏ ٿين به ته ڪجهه ڪري نٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته آمريڪا ناراض ٿيندو ۽ جڏهن آمريڪا ناراض ٿيندو ته پوءِ افغانستان جيان عرب ملڪن جا بئنڪ اڪائونٽ ختم ٿي ويندا ۽ رقم آمريڪا استعمال ڪندو. پوءِ عرب يا ٻيا ملڪ آمريڪا جو ڇا بگاڙيندا؟ هونءَ به آمريڪا مٿان دنيا جو وڏو قرض به موجود آهي.
بحرالحال ايران جيان قطر کي به اسرائيل مٿان حملو ڪرڻ گهرجي ها ته جيئن دنيا کي قطر جي دفاعي طاقت جو اندازو لڳي وڃي ها پر جيئن ته قطر جي فوج جو مڪمل قطر آمريڪا جي اثر هيٺ آهي ان ڪري قطر ڪڏهن به اسرائيل مٿان ايئر اسٽرائيڪ نٿو ڪري سگهي. صرف مذمتن ۽ ڳالهين تائين محدود رهندو ۽ سعودي عرب به اسرائيل مٿان قطر جي حملي جي حمايت نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته سعودي عرب آمريڪا کي ناراض نٿو ڪرڻ چاهي ۽ جيڪڏهن قطر اسرائيل مٿان جوابي ايئر اسٽرائيڪ يا جواب نه ڏنو ته پوءِ جلد ئي اسرائيل ڪنهن ٻي عرب ملڪ تي حملو ڪري سگهي ٿو جنهن کي صرف مسلمان ملڪ ڏسندا ئي رهندا. جيڪڏهن قطر پاڪستان جي 20 اربن ڊالرن جي مدد ڪري ته پاڪستان ايئرفورس جي حوالي سان قطر جي مدد ڪري سگهي ٿو پر ائين ٿيندو ڪونه جيئن ايران جلد ئي اسرائيل کي جواب ڏنو هيو قطر کي به ايئن ڏيڻ کپي. اصل ڳالهه عرب ملڪن کي پاڪستان، ترڪي، ايران ۽ انڊونيشيا جي ڀرپور مالي مدد ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي اسلامي ملڪ ايٽمي ملڪ آهن جن کان اسرائيل لنوائي رهيو آهي.