جڏهن مان هن وٽان، بابا جو ڪوئي ڪتاب ( جيڪو هن کائنس پڙهڻ لاءِ ورتو هو ) کڻڻ ويو هوس … هو ڪڏهن ڪڏهن بنهه مختلف رنگَ ۾ هوندو هو ۽ پوءِ هو کُلندو ويندو هو…کُلندو ويندو هو…
جيتوڻيڪ کيس ڪرڪيٽ منجهه دلچسپي نه هئي، پر مان جڏهن به ڳوٺ ورندو هوس يا اوچتو سندس سامهون اچي ويس، تڏهن پنهنجائپ ۽ ٻاجهه ڀرئي انداز ۾ پڇاڻو ڪندو هو: ”ڪٿي آهين؟ ڇا پيو ڪرين اڄڪلهه؟ تنهنجو مضمون پڙهيم، عوامي آواز مئگزين ۾ ڇپيو هو، هو جيڪو تو ڪرڪيٽ تي لکيو هو، ڏاڍو وڻيو، لکندو رهه.“
هو پڙهڻ جو ڪوڏيو هو، ڪتابُ پڙهندو نه هو پر ان کي نپوڙي ڇڏيندو هو، مطالعي دوران هن جي هڪ خاص عادت هئي جا مون نوٽ ڪئي ته پڙهڻ دوران ذهن ۾ جيڪي ڳالهيون اينديون هوس، سي نوٽ ڪندو ويندو، پوءِ ڪتاب جي ڪُنڊ پاسي لکي ڇڏيندو. جيڪڏهن ڪتاب ۾ ڪائي تاريخي غلطي ليکڪ طرفان يا پروف ۾ هوندي ته لکي ڇڏيندو ته ” اصل ان کي هيئن هئڻ گهرجي.“
هن پنهنجي جوانيءَ جا ڀرپور ڏينهن فڪر جي ايم سيد جي ڇانوَ ۾ گهاريا هئا، ھو جيئي سنڌ تحريڪ جي باني ڪارڪنن منجهان ھو، پر مون کيس هميشه ڳوٺ واري اوطاق تي گلن ۽ ٻوٽن سان پيار ونڊيندي ڏٺو…
هو فطرت سان پيار ڪندڙ شخص هو… ڳوٺ ۾ سندس هڪڙو ننڍڙو باغ هو، جتي قسمين قسمين ٻيرون، زيتون، انب، کجيون، شهتوت ۽ چَڪُن جا وڻ هوندا هئا.
هو ڳوٺ وارن لاءِ رئيس محمد خان جتوئي هو، پر بابا کيس ”خان“ ڪوٺيندو ۽ مون لاءِ به هو سدائين ”خان“ ئي رهيو… سندس اوطاق تي هڪ ٽيوب ويل پڻ هوندي هئي، جڏهن لڱ ساڙيندڙ لُڪن ۾ سنگت اها رٿ رٿيندي هئي ته ”اڄ خان جي ٽيوب ويل تي هلنداسين، پر مؤڪل تون وٺندين.“ ته بابا جي سنگت جو فائدو وٺندو هام هڻندو هوس، ٺيڪ آهي، ائين ئي ٿيندو، هڪ ٺاھوڪي گينگ ساڻ ڪري خان وٽ پهچبو، ۽ صدا هڻبي هئي، خان خوش ٿيندو هو ۽ چوندو هو ” وڃو، وڃي وهنجو.“
انيڪ يادون آهن… پوئين ڀيري ڊسمبر ۾ ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته ڪرڪيٽ جو پروگرام ٺهيو، اسان جي ڳوٺ ۾ ڏنگن مڙسن جي گهڻائي آهي، سو ڪرڪيٽ جو ميدان هوندي به پاڻ اتي وڃي نه سگهياسين، پوءِ دوستن خان جي باغ جي هڪ حصي ۾ ٽرف وڪيٽ تيار ڪئي، جيستائين اتي هوس، روز ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ خان سان ملڻ ٿيندو رهيو…
خان خالص ڳوٺاڻو ماڻهو هو، هڪ لاجواب ميزبان، سندس اوطاق تي ڪيئي ناليواريون شخصيتون اينديون رهنديون هيون، مون پهريون ڀيرو سنڌ جي جيئنس ليکاري علي بابا کي سندس اوطاق تي ڏٺو هو… ڳاڙها وار، اجرڪ پهريل علي بابا..! جنهن موهن جو دڙو جهڙو شاهڪار ناول لکيو هو…
خان کي انگور جو پاڻي ڏاڍو پسند هو، هن جيون ۾ ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا هئا، هو جڏهن موجن ۾ هوندو ته کلندو ۽ کلائيندو ويندو، هونئن ماڻهو کائنس ڊڄندا هئا، طرحين، طرحين جون ڳالهيون به گهڙيندا هئا، ڪيئي راز سندس من جي پاتارن ۾ لڪل هئا، جيڪي هاڻي فضا ۾ گم ٿي ويا آهن، هو هاڻي ڏور هليو ويو آهي اتي جتي هُن جا پَڳ مٽ يار ورهين کان سندس آمد جي اوسيئڙي ۾ هئا…