ڇا توهان سان به ڪڏهن ائين ٿيو آهي جو ڪنهن مشهور بزرگ جي وفات جي خبر ٻڌي، افسوس کان اڳ اهو خيال آيو هجي ته ”ڇا اهو زندهه هو ڇا؟ مون ته سمجهيو هو ته اهو گهڻو اڳ ئي گذاري ويو هوندو.”جنگ اخبار جڏهن پنهنجو ايڊيٽوريل ڇاپڻ بند ڪيو ته ڪجهه صحافين سوشل ميڊيا تي ’هڪ دور جي پڄاڻي‘ جو نوحو ڳايو. لڙهندڙ صحافت تي ماتم ڪيو. پر جيڪڏهن اخبار جو ڪو حقيقي ايڊيٽر ئي ڪونه هجي ته پوءِ اداريي جو ڪهڙو ڪم؟ جيڪڏهن اخبار جي پاليسي رڳو اشتهارن تي هجي ته پوءِ اداريي کي وڪڻڻ جو ڪهڙو فائدو۽ پوءِ منهنجي عمر هر صحافي هميشه اهو طعنو ڏيندا آهن ته: ”صحافت ته اسان جي زماني ۾ ٿيندي هئي، هاڻي ته رڳو فيڪ نيوز جو دور آهي.“ ڪيبل ٽي وي، سمارٽ فون ۽ سوشل ميڊيا کان اڳ اسان جهڙن اڌ پڙهيلن لاءِ اخبار رڳو خبرن جو ذريعو نه پر تفريح جو وسيلو به هوندو هو.
حجم جي دڪان تي، چانهه جي هوٽل تي يا ڳوٺ جي اوطاق ۾ هڪ ئي اخبار کي ڪيترائي ماڻهو پڙهندا هئا، ۽ ڪجهه ته اهڙي دلچسپيءَ سان پڙهندا هئا جيئن اڄ ڪلهه اسان سوشل ميڊيا تي ڊوم اسڪرولنگ ڪندا آهيون. اسان اخبار پڙهندا نه هئاسين، چٽيندا هئاسين. خبرن جا بقايا، سڀ ڪالم، پوءِ ڪلاسي فائيڊ صفحي تي رشتن جا اشتهار، ڪرائي لاءِ خالي گهر، عمرن جا پيڪيج، ۽ اڄ جي سون جي قيمت به پڙهي وٺندا هئاسين مون کي ياد ناهي ته ان زماني ۾ ڪڏهن ايڊيٽوريل پڙهيو هجي. اداريو ته ڄڻ انهيءَ لاءِ لکيو ويندو هو ته ڪو به نه پڙهي. هڪ صحافي جنگ جو اداريو بند ٿيڻ تي ڪمينٽ وٺڻ لاءِ مون کي فون ڪيو. مون کانئس پڇيو: “صحافت ۾ ڪيترا سال ٿيا اٿئي؟” هن چيو: “25 سال کان وڌيڪ.” مون پڇيو: “ڪڏهن جنگ جو ايڊيٽوريل پڙهيو اٿئي؟” هن چيو: “ڪڏهن به نه.” پر يقينن، هن موضوع تي به هڪ ڪهاڻي ٺهي ويندي آهي. اداريي کي ڇڏيو، هاڻي ڪاغذ وارو اخبار به رڳو سرڪاري آفيسن يا ڪن پراڻن صحافين جي گهرن ۾ ملندو آهي. پر ڊوم اسڪرولنگ اخبار بابت سدائين چيو ويو آهي ۽ صحيح چيو ويو آهي ته: ”اڄ جي تازي خبر جيڪا ڪاغذ تي ڇپجي، سڀاڻي ان ۾ پڪوڙا ويڙهبا آهن.“
گذريل ڪجهه سالن ۾ جڏهن به تندور مان نان يا ڪا شيءَ خريد ڪئي آهي ته اها اخبار ۾ ويڙهيل ملي آهي. پر اها اخبار مقامي نه هوندي آهي، چيني ٻوليءَ ۾ هوندي آهي اهو ڪهڙو وڌيڪ ويجهو لاڳاپو هوندو جو اسان جو برادر ملڪ رڳو اسان جي دفاعي ضرورتون نه پوري ڪري رهيو آهي، پر اسان جي پڪوڙن جي پيڪنگ ۾ به مدد ڪري رهيو آهي. هميشه مون کي اها حيرت رهي آهي ته اخبار جا پڙهندڙ ڪالم ته وڏي شوق سان پڙهندا آهن، پر ايڊيٽوريل ڇو نٿا پڙهن؟ شايد ان ڪري جو اداريي تي نه ڪنهن جي تصوير هوندي آهي، نه ڪنهن جو نالو. مقصد شايد اهو هوندو هو ته ٽي، چار پيرا ۾ اخبار جي پاليسي بيان ڪئي وڃي. پر پڙهندڙ ته اخبار جي پاليسي ته خبرن ۽ ڪالم مان ئي سمجهي ويندو آهي، پوءِ هو اداريو ڇو پڙهي؟ ۽ جيڪڏهن هڪ مرندڙ ميڊيم لاءِ اصل مسئلو رڳو ڪجهه سال مارڪيٽ ۾ زنده رهڻ جو هجي، ته پوءِ اخبار پنهنجي پاليسي بابت ڇو سوچيندو ۽ ڇا لاءِ سوچيندو؟
پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ مون فقط هڪ ٻه ڀيرا ڏٺو آهي ته ڪنهن اداريي سان سياست ۾ هلچل مچي هجي. ڪراچي جي هڪ انگريزي اخبار پراڻي ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين کي دٻيل لفظن ۾ “فاشسٽ” سڏيندي، اداريو پهرين صفحي تي ڇاپيو. ان کان پوءِ سڀني ميڊيا سيٺن کي سڄي رات الطاف ڀائي جو ليڪچر ٻڌڻو پيو ۽ صبح جو ناشتي تي معافي وٺڻ بعد وري اخبار ڇاپڻ جي اجازت ملي. تنهن کان پوءِ اداريي لکڻ لاءِ اڻڄاتل قلمڪار مقرر ٿيندا هئا. جيڪڏهن انهن جي نوڪري هلي وئي آهي ته ان جو افسوس آهي، پر اداريي ختم ٿيڻ جو ڪو به افسوس ناهي. مون جنگ جو آخري اداريو پڙهيو. جيڪو سيرت النبي ﷺ بابت هو، ٻيو پاڪ-چين دوستي بابت.يقين ڪريو، انهن ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونه هئي جيڪا توهان پاڻ نه لکي سگهو يا ان کان بهتر نه لکي سگهو. تنهنڪري جنگ وارن کي تنگ نه ڪريو، پنهنجو اداريو پاڻ لکي ڇڏيو!