12 سيپٽمبر 2025 تي پنجند ۾ ھن مھيني جي وڌ ۾ وڌ وھڪري 685000 ڪيوسڪ کانپوءِ ڪجهه ھزار شام جو لٿو آھي۔ گڊو 525000 ڪيوسڪ جي ويجھو ۽ چاڙھ ۾ آھي۔ برسات ۽ ٻوڏن جو پاڻي پاڪستان تي وڏي آفت جي صورت ۾ نازل ٿيو آھي. پر هن سال ان جو سڀ کان وڏو ڏکائيندڙ بار ڏکڻ پنجاب تي پيو آهي، جتي درياھن کي پنھنجن ميلن ۾ ڦھليل پراڻن پٽن ۽ وساريل وٿاڻن تي ورڻو پيو آھي؛ جن تي ڏھاڪن کان جڙيل وسنديون، ھزارين ايڪڙ زرعي زمينون، شھر ۽ ڳوٺ وقت جي ويسر ۾ درياھن جي ايڏي وڏي دھشت کان نا آشنا ھئا ۽ ھڪ وڏي ٻوڏ کي منھن ڏئي رھيا آھن۔ ان پاڻين جي اٿل نه رڳو بيٺل فصلن کي اجاڙي ڇڏيو آهي پر هزارين گهر ۽ زندگيون به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. چناب، ستلج ۽ راوي جهڙن درياھن جا اڀرندڙ پاڻي جا وهڪرا، رحيم يار خان کان وٺي ملتان، مظفرگڙهه، بهاولپور ۽ ڊيرا غازي خان تائين پکڙجي ويا آهن، ۽ خوشحال نظر ايندڙ ميدانن کي ڍنڍن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) جي 12 سيپٽمبر 2025 تائين جي انگن اکرن موجب، هن آفت ۾ 940 انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن ۽ 1,044 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ڏکڻ پنجاب ۾ تباهي جو منظر خوفناڪ آهي: سرڪاري انگن موجب يارھن لکن کان کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر يا سخت متاثر ٿيا آهن ۽ 1,652 ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ آهن. 50 لک ماڻھو اثرانداز ٿيا آھن،لکن ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه، چانور، ڪمند ۽ ٻيا فصل پاڻيءَ جي نظر ٿي ويا آهن. پر، هي انگ اکر رڳو ڪاغذي حقيقت آهن. اصل حقيقت ته انهن ماڻهن جو درد آهي جيڪي پنهنجي گهرن، مال ۽ وسندين کان محروم ٿي ويا آهن.
هيءَ صورتحال هر ڀيري اها ئي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته 2010 ۽ 2022 جي تباهين کان پوءِ به اسان ڪو وڏو سبق نه سکي سگهيا آهيون. هر ڀيري اها اميد جاڳندي آهي ته هاڻي مستقبل جي آفتن لاءِ بهتر تياري ڪئي ويندي، پر هر ايندڙ ٻوڏ ان اميد کي وڌيڪ ڌنڌلو ڪري ڇڏي ٿي.
ٻوڏن جو انساني چهرو عارضي ڪيمپن ۾ ماڻهن جو جهڙوڪر هڪ نئون وجود شروع ٿئي ٿو، جتي زندگي جون تمام آسائشون ۽ سهولتون ناپيد آهن. عورتون پنهنجي حفاظت ۽ ستر جي ڪري پريشان آهن، ننڍڙا ٻار بک، بيمارين ۽ محفوظ پاڻي جي کوٽ سبب خطرن ۾ آهن. معذور ۽ پيرسن لاءِ ته ڪا به خاص سهولت موجود ناهي، جنهن ڪري اهي تمام مشڪل ۾ آهن. اسپتالون يا ته پاڻ تباهه ٿي ويون آهن يا اتي دوائن جي سخت کوٽ آهي، جنهن ڪري بيمارن جو علاج مشڪل بڻجي ويو آهي. اڃان ڪيئي خاندان پاڻي ۾ ڦاتل آھن، ٻيڙيون اڻلڀ آھن ، يا ڏاڍيون مھانگيون، ماڻھو پنھنجن ٻچن کي ڪڍڻ لاءِ ڍنڍڪرن ۾ آھن!
ان مشڪل ۾ ھڪ وڏو سوال امداد جي ورهاست جو آهي. متاثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته امدادي شيون، جهڙوڪ راشن ۽ ٽينٽ، سياست جي بنياد تي يا واسطن جي حساب سان ورهايا پيا وڃن يا کوٽ ۾ آھن . اهو عمل صرف بي انصافي ناهي، پر اهو متاثر ماڻهن جي عزت نفس کي به مجروح ڪري ٿو، جيڪي اڳي ئي سڀ ڪجهه وڃائي چڪا آهن.
هيومينيٽيرين چارٽر ۽ اسان جو فرض
اهڙي حالت ۾، عالمي سطح تي تيار ڪيل "هيومينيٽيرين چارٽر” / ھنگامي حالتن ۾ ڪم ڪرڻ جي انساني ھمدردي واري چارٽر جي اهميت وڌي وڃي ٿي. هي ڪو رڳو ڪاغذي دستاويز ناهي، پر اهو انساني زندگين کي وقار سان ڏسڻ جو هڪ آئينو آهي. ان ۾ صاف طور تي چيو ويو آهي ته هر متاثر ماڻهو کي زندگي بچائڻ جي حق سان گڏ عزت ۽ برابري جو به حق آهي. امداد صرف زنده رهڻ جي ضمانت نه ڏي، پر هڪ وقار واري زندگي جي شروعات به هجي.
چارٽر واضح ڪري ٿو ته امداد ڏيڻ وقت ڪنهن به ماڻهو سان سندس مذهب، نسل، جنس يا سياسي لاڳاپن جي بنياد تي ڪو امتيازي سلوڪ نه ٿئي. خاص طور تي عورتن، ٻارن، معذورن ۽ پوڙهن ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ جو سبق به ڏئي ٿو. ڏکڻ پنجاب جي ڪيمپن ۾، جڏهن ننڍڙا ٻار گندي پاڻي سان کيڏي رهيا آهن، يا جڏهن عورتون رات جو بي آرام آهن، تڏهن هن چارٽر کي ياد ڪرڻ ضروري آهي. هي چارٽر اسان کي ٻڌائي ٿو ته صرف امداد پهچائڻ ڪافي ناهي، پر ان کي احترام ۽ انصاف سان ڏيڻ ضروري آهي.
اسفيئر اسٽينڊرڊز ۽ CHS: عملي قدم
هيومينيٽيرين چارٽر کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ "اسفيئر اسٽينڊرڊز” هڪ عملي رهنمائي فراهم ڪن ٿا. SPHERE معيار: انساني امداد لاءِ گھٽ ۾ گھٽ معيار، جيئن پاڻي، صفائي، کاڌو، پناهه، ۽ صحت، جيڪي بحران ۾ متاثر ماڻهن جي عزت ۽ تحفظ کي يقيني بڻائين.
انهن ۾ صاف طور تي گهٽ ۾ گهٽ ضرورتون بيان ڪيل آهن: هر متاثر ماڻهو کي روزانو 15 کان 20 ليٽر صاف پاڻي، 2,100 کان 2,500 ڪيلوريز خوراڪ ۽ 3.5 چورس ميٽر محفوظ رهائشي جاءِ. پر، ڏکڻ پنجاب جي حقيقت اها آهي ته اڪثر ڪيمپن ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي فراهمي انهن معيارن کان گهڻو گهٽ آهي، جنهن ڪري انساني زندگيون مسلسل خطرن ۾ آهن.
ان سان گڏوگڏ، "ڪور هيومينيٽيرين اسٽينڊرڊ” (CHS) امدادي ڪمن ۾ هڪ نئون رخ متعارف ڪرائي ٿو. CHS انساني همدرديءَ جي امداد ۾ معيار ۽ جوابداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ عالمي فريم ورڪ آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته امدادي ادارا وڌيڪ موثر ۽ انهن ماڻهن لاءِ جوابدار ٿين جن جي مدد ڪري رهيا آهن. اهو 9 اهم اصولن تي ٻڌل آهي، جن جو مرڪزي خيال اهو آهي ته متاثر ماڻهن کي صرف امداد جا وٺندڙ نه، پر فيصلي سازي ۾ فعال ڀاڱي دار سمجهيو وڃي. اهڙو معيار چوي ٿو ته متاثر ماڻهو صرف امداد جا وصول ڪندڙ نه آهن، پر هو پاڻ انهن فيصلن جو حصو هجڻ گهرجن جيڪي انهن جي زندگيءَ کي متاثر ڪن ٿا. جڏهن رحيم يار خان جو هڪ هاري پنهنجي ضرورتن بابت ٻڌائيندو، تڏهن ئي امداد سندس اصل حالتن سان ٺهڪي ايندي.
سينڊائي فريم ورڪ ۽ مستقبل جو تصور
جڏهن ته امداد فوري ضرورت آهي، پر مستقبل جي آفتن کان بچاءَ لاءِ هڪ ڊگهي سوچ جي ضرورت آهي، جيڪا 2015-2030 سينڊائي فريم ورڪ ۾ ڏني وئي آهي. هي فريم ورڪ اسان کي ٻڌائي ٿو ته تباهي کان پوءِ امداد ڏيڻ بدران، تباهي اچڻ کان اڳ ئي ان کي روڪڻ يا ان جا اثر گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. ان ۾ چار مکيه نقطا آهن: خطرن جي سڃاڻپ، سٺي حڪمراني، لچڪدار انفراسٽرڪچر/اڏاوتن ۾ سيڙپڪاري، ۽ "اڳ کان بهتر” بحالي.ڏکڻ پنجاب لاءِ ان مان سبق واضح آهي: درياھن جي ويڪر کي سمجھي بچاءُ کي مضبوط ڪرڻ، پاڻي نيڪال واري نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ مقامي برادرين کي اڳواٽ خبرداري نظام ۾ شامل ڪرڻ. جيڪڏهن اهڙا قدم وقتائتي نموني کنيا وڃن ها، ته شايد اڄ لکين ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ محفوظ هجن ها.
بحالي جو انساني مرڪز
پاڻي لهي ويندو، پر ان کان پوءِ جو امتحان شروع ٿيندو. بحالي صرف ٽينٽ ۽ راشن ختم ٿيڻ جو نالو ناهي. اصل بحالي اهو آهي ته متاثر ماڻهو پنهنجي زندگي ٻيهر شروع ڪري سگهن. انهن کي محفوظ گهر، روزگار ۽ هڪ نئين شروعات جي ضرورت آهي.جيڪڏهن پاڪستان هيومينيٽيرين چارٽر ۽ سينڊائي فريم ورڪ جي اصولن تي عمل ڪري، ته بحالي صرف اڳ واري حالتن ڏانهن واپسي نه هوندي، پر هڪ وڌيڪ محفوظ ۽ سگهاري مستقبل جي طرف اڳڀرائي هوندي. مثال طور، ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل ڳوٺن کي وڌيڪ اوچائي تي ٻيهر تعمير ڪري سگهجي ٿو ته جيئن ايندڙ ٻوڏن کان محفوظ رهن.
ھن سال واريون ٻوڏون ۽ ڏکڻ پنجاب جو 2025 واري وڏي هڪ وڏي آفت آهي، پر اهو اسان لاءِ هڪ موقعو به آهي. اھڙو موقعو جنھن سان پنهنجي نظام کي نئين سر تعمير ڪريون، عالمي معيارن کي اختيار ڪريون ۽ متاثر ماڻهن کي عزت ۽ وقار سان بحاليءَ ۾ شريڪ ڪريون . هيومينيٽيرين چارٽر، اسفيئر اسٽينڊرڊز، CHS، ۽ سينڊائي فريم ورڪ ڪو به بيروني دٻاءُ ناهن، پر اهي انسانيت جا عالمي اصول آهن. اسان جا ادارا ڇا پاڻ يا عالمي ادارن سان گڏجي اھڙا گھاڙيٽا عمل ۾ آڻڻ لاءِ تيار آھن؟ انھن مان ڪن تي اسان جون صحيحون ھجڻ شامل آھن۔
جڏهن ايندڙ ڀيري اهڙي ڪا آفت ايندي، تڏهن سوال اهو نه هوندو ته اسان ڪيترا ٽينٽ پهچائي سگهيا آهيون، پر اهو هوندو ته ڇا اسان پنهنجي ماڻهن کي عزت ۽ وقار تي ٻڌل زندگي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اهو ئي اسان جو اصل امتحان آهي.