سنڌو درياءَ وڏو سفر ڪري، جبلن مان وهندو ، مختلف علائقن مان ٿيندو، سنڌ ۾ پهچي ٿو. هن درياءَ کي “اباسين”، “بادشاهه درياءَ”، “سردرياءَ” ۽ ٻين به ڪيترن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جنهن علائقي مان لنگهي ٿو. اتان جا مقامي ماڻهو پنهنجي علائقائي ٻولي ۾ نالو وٺن ٿا. هر علائقي مان موج مستي سان، ڇوليون هڻندو، جبل لتاڙيندو اچيو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هيءَ درياءَ، پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو درياءَ آهي. جنهن ۾ ٻيا درياءَ به اچيو ڇوڙ ڪن ٿا ۽ ملن ٿا. اهو سنڌ جي سڃاڻپ آهي. سنڌ ۾ اچيو ختم ٿئي ٿو. جنهن ڪري هن کي “سنڌو درياءَ” جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جون زمينون، هن جي پاڻي تي آباد ۽ ذرخيز ٿين ٿيون. هن درياءَ جي ڪري خوشحالي پيدا ٿئي ٿي. هتان جي ماڻهن کي ڪيترائي روزگار جا وجهه ۽ موقعا پڻ ملن ٿا. اسان کي ان تي فخر ۽ ناز آهي. اسان ئي ان جا وارث ۽ مالڪ آهيون.
مون پنهنجي عمر ۾، جيڪي ٻوڏون ڏٺيون ۽ ٻڌيون تن جي باري ۾ هڪ الڳ مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. انهن متعلق صرف ايترو عرض ڪندس ته، جيڪو به پاڻي ايندو هو. سو، بناروڪ ٽوڪ جي انڊس ڊيلٽا کان پوءِ سمنڊ ۾ وڃي پوندو هو. ماڻهو ڏاڍا سرها ۽ خوش ڏسڻ ۾ ايندا هئا. بچاءَ بندن تي زميندارن جون ڇيڙون هونديون هيون. مقامي ماڻهو چوڪي ڏيندا هئا ته ڪٿان بند نه ٽٽي پوي. ان وقت جا حڪمران هٿ سان بندن کي ڪٽ هڻي ملڪ ڪونه ٻوڙيندا هئا. نقصان ڪونه ڪندا هئا. پر، بندن جي حفاظت ڏانهن خاص ڌيان ڏيندا هئا. اڄوڪي حڪمرانن وانگر ڪونه سوچيندا هئا ته ڪٿان ڪٽ هڻائجي. ڪهڙا ڳوٺ ۽ فصل ٻوڙائجن. اها سوچ بلڪل ڪونه هوندي هئي. پاڻي جون مستيون ۽ ڇوليون ڏسي دل پئي خوش ٿيندي هئي. پاڻي کي ڪابه روڪ ڪونه هوندي هئي. هو، پنهنجو رستو وٺي هليو ويندو هو. هروبرو ڪنهن کي ڪونه ستائيندو هو. ڪچي ۾ ٻيلا هوندا هئا. لکين وڻن کي پاڻي ملندو هو ۽ اهي ويتر ساوڪ ڪندا هئا. تنهن زماني ۾ ٻيلن جي خوبصورتي به نرالي هوندي هئي. جنهن جي باري ۾ مون وٽ لفظ ئي ڪونه آهن جو بيان ڪري سگھان.
پر، هاڻ ته قصو ئي ٻيو لڳو پيو آهي. ٻوڏ اچڻ کان اڳ ۾ واويلا مچيو وڃي. وٺ وٺان شروع ٿيو وڃي. ماڻهن جي لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿيو وڃي. حڪمران ۽ آفيسر ماڻهن تي زور ۽ دٻاءُ وجهندا رهندا آهن ته ٻوڏ جو پاڻي اچڻ وارو آهي. جاني توڙي مالي نقصان ڪري سگھي ٿو. جنهن ڪري ڪن محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي وڃو. پوءِ، ٻوڏ اچي يا نه اچي. جيئن هن سال ٻوڏ جي باري ۾ جيڪا راءِ قائم ڪئي ويئي. حڪمرانن جون روز پريس ڪانفرنسون ٻڌي ۽ پڙهي غريب ماڻهو ڊڄيو وڃي ٿو. چوڌاري غيريقيني، خوف ۽ هراس وارو ماحول پيدا ٿي پيو آهي. حالانڪه اڳ ۾ جيترو به پاڻي ايندو هو. مها ٻوڏ ٿيندي هئي. پر، پاڻي پنهنجو گس وٺي هليو ويندو هو. هاڻ بلڪل ائين ڪونه آهي. ٿورو به پاڻي ايندو ته خطرو پيدا ٿيو پوي ۽ نقصان ٿيڻ جي امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگھجي. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ائين ڇو ٿو ٿئي. جڏهن ته اڳ ۾ به درياءَ ساڳيو هوندو هو. ڪچي جو علائقو به اهو ئي هوندو هو. پوءِ ايترو نقصان نه ٿيڻ کپي. پاڻي پنهنجي گس سان هليو ويندو. اسان کي صرف بچاءَ بندن جي حفاظت ڪرڻ درڪار آهي. پر، اسان جون سوچون مٽجي ۽ تبديل ٿي ويون آهن.
ٻوڏ ٿيڻ جو سبب اهو آهي ته، درياءَ جي پاڻي جي وهڪرن کي بند ٻڌي روڪيو پيو وڃي. ڪچي ۾ ماڻهن فصل ڪاهيا آهن. گھر به اتي اٿن، انهن کي بچائڻ لاءِ بند ڏيئي ڇڏيا اٿن. جنهن ڪري پاڻي جو رخ تبديل ٿيو وڃي ٿو ۽ جتان گس مليس ٿو اوڏانهن وهڻ شروع ڪري ٿو. نتيجي ۾ وڏو نقصان ٿيو پوي. سنڌ جي ڪچي جي علائقي ۾ ڪيترائي زمينداري بند آهن جيڪي پنهنجي فصلن کي بچائڻ لاءِ ڏنا ويا آهن. پاڻي جي قدرتي وهڪرن جي گسن تي قبضا ڪيا ويا آهن ۽ اهي اڃا به ڪيا پيا وڃن. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين جاري رهيو ته پوءِ هر ننڍي توڙي وڏي ٻوڏ ۾ سنڌ ٻڏندي رهندي. ماڻهن جو جاني توڙي مالي نقصان ٿيندو رهندو. ان نقصان کان بچڻ لاءِ ۽ مستقبل جي خطرن کي نظر ۾ رکندي، حڪمرانن کي گھرجي ته، پاڻي جي قدرتي وهڪرن جا گس آزاد ڪرايا وڃن. انهن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن. زمينداري بند ٽوڙي پاڻي کي پنهنجو گس ڏنو وڃي. دريائي پاڻي جي وهڪرن کي روڪڻ کان پاسو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. درياءَ کي پنهنجي موج ۽ مستي سان وهڻ ڏنو وڃي. ائين ڪرڻ سان سنڌ کي ٻوڙڻ کان بچائي سگھجي ٿو ۽ ڪوبه ماڻهو متاثر ڪونه ٿيندو.هن وقت، درياءَ جي وهڪرن جي رستن جي قبضن خلاف آواز اٿاريا پيا وڃن. سنڌ جي ساڃاه وند ۽ گھڻگھرندڙن کي ان ڳالهه جو ڏاڍو فڪر ۽ اونو آهي. تشويش اٿن ته، سنڌ ۾ جتي ڪٿي قبضا ٿي رهيا آهن. پر، درياءَ جي پاڻي جي رستن کي به ڪونه ٿو بخشيو وڃي انهن سان به جيڪو حشر ٿي رهيو آهي. ان متعلق مٿي بيان ڪري آيو آهيان. سنڌ جا گھڻگھرا اها گھر ڪري رهيا آهن ته، مذڪوره قبضن کي ختم ڪرايو وڃي. زمينداري ۽ بااثر وڏيرن جا ٺهرايل بند به ٽوڙايا وڃن. ڪجهه غريب عوام جو احساس ڪريو. پر، حڪومت اها ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهي. سندن ڪن تي جونءِ ڪانه ٿي رڙهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته اها بيوس ۽ لاچار آهي جنهن ڪري خاموشي اختيار ڪئي اٿس. اها خاموشي به مذڪوره معاملي جي رضامندي جي مترادف آهي. حڪومت کي اها خاموشي ٽوڙڻ گھرجي ۽ ٺوس قدم کڻڻ گھرجن. ڪچي جو سمورو علائقو قبضي هيٺ اچي چڪو آهي. جيڪڏهن قبضي ڪندڙن کي ڍر ڏني ويئي. انهن سان رعايت ۽ ڇوٽ وارو رويو برقرار رکيو ويو ته پوءِ ان جا نتيجا ڪي چڱا ڪونه نڪرندا. غريب عوام متاثر ٿيندو. عوام جو جيئڻ ئي جنجال بنجي سگھي ٿو. غريبن لاءِ کوڙ ساريون ڏکيائيون پيدا ٿي سگھن ٿيون.
ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ آبادگار بورڊ پاڻي جي قدرتي لنگھن تي ٿيل قبضن کي تباهي جو هڪ وڏو ڪارڻ قرار ڏنو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته، اهي قبضا ختم ڪرائي، پاڻي جا قدرتي لنگھ بحال ڪيا وڃن. سنڌ آبادگار بورڊ اهو پڻ چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته، مذڪوره قبضا ختم ڪرائڻ ڄاڻايل قدرتي وهڪرن جي گسن جي والار خلاف اجلاس پڻ ڪوٺايو ويو آهي. ۽ ان متعلق سنجيدگيءَ سان غور ويچار به ڪيو آهي. بورڊ جي سمورن ميمبرن ان مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي به ڪوٺائي چڪا آهن. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جو چوڻ آهي ته، درياءَ جا رستا نه روڪيا وڃن. ڪنهن به ڪئنال يا ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت نه آهي پاڻي کي انڊس ڊيلٽا موڪلڻ وقت جي اهم تقاضا ۽ ضرورت آهي. ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي جي ڪن ميمبرن سنڌو درياءَ تي اڏجندڙ سمورن ڪئنالن کي رد ڪندي انڊس ڊيلٽا ۾ ساليانو پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي گھر ڪئي آهي. وڌيڪ اهو به چيو ويو آهي ته، سنڌو درياءَ جي فطري وهڪرن کي روڪڻ سنڌ ۽ ملڪ سان دشمني آهي. ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي فورمن تان مذڪوره گسن جي قبضن کي ڇڏائڻ لاءِ مطالبا ڪيا پيا وڃن ۽ آواز اٿاريا پيا وڃن.
سنڌ ۾ وڏين ٻوڏن کان بچڻ لاءِ، درياءَ جي پاڻي کي گس ڏنو وڃي. پاڻي جي وهڪرن کي روڪڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سمورا غيرقانوني بند به ختم ڪرڻ گھرجن. تڏهن اسان ٻوڏن جي نقصانن کان بچي سگھنداسون. جنهن ڪري حڪومت کي هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ گھرجي. هن طرف توجه ڏيئي هي مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گھرجي. هن قوم تي رحم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اميد ته هن طرف ڌيان ڏنو ويندو ۽ سنڌ کي ٻوڏ جي تباه ڪارين کان بچائڻ لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو ويندو.