ڇا تيل وڌيڪ مهانگو ٿيندو؟ اوگرا ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن تي اوگرا جي وضاحت اچي وئي.
اوگرا ترجمان پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته اوگرا طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 73 رپيا 40 پيسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 84 رپيا 95 پيسا واڌ جي ڪا سمري وزيراعظم کي ناهي موڪلي وئي.
ترجمان چيو ته اهڙيون خبرون بي بنياد آهن ۽ انهن جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي، عوام غير تصديقي خبرن تي ڌيان نه ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.