امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ۽ قدامت پسند تنظيم ’ٽرننگ پوائنٽ‘ جي گڏيل باني چارلي ڪرڪ کي اربع ڏينهن يوٽاهه ۾ هڪ تقريب دوران گولي هڻي قتل ڪيو ويو.انهن جي موت جي تصديق پاڻ صدر ٽرمپ ڪئي. صدر ٽرمپ، چارلي ڪرڪ کي هڪ ’سچو محب وطن‘ قرار ڏيندي آمريڪا لاءِ ان کي ’هڪ اونداهو پل‘ سڏيو31 سالن جو چارلي ڪرڪ، يوٽاهه ويلي يونيورسٽي ۾ هڪ تقريب ۾ شريڪ هو، جتي لڳ ڀڳ ٽي هزار ماڻهو موجود هئا. جڏهن هن تي حملو ٿيو، هو هڪ اڇي ٽينٽ هيٺ ويٺل هو ۽ ساڻس گڏ سندس زال ۽ گهروارا به موجود هئا، جيڪي محفوظ رهيا. فوري طور تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ڪلاڪن بعد صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي سندن وفات جو اعلان ڪيو. رپورٽ موجب ڪرڪ کي ڳچيءَ ۾ گولي لڳي هئي، جيڪا ويجهو عمارت جي ڇت تان هڪ ماڻهو هڻي هئي. بي بي سي جي نمائندي ندا توفيق موجب، ڪرڪ تقرير کان پوءِ سامعين سان بحث ۾ ويٺو هو ته ڇت تي ڳاڙها ڪپڙا پهريل هڪ ماڻهو نظر آيو ۽ هڪ ئي گولي هنئي، جيڪا ڳچيءَ ۾ لڳي.
اڳوڻي آمريڪي ڪانگريس ميمبر جيسن چاڦيٽز چيو ته هو پنهنجي ڌيءَ سان اتي موجود هو جڏهن ’گولي سڌي طرح ان ڏانهن آئي ۽ ڀاڳ ڊوڙ مچي وئي.‘ عيني شاهديون ٻڌائن ٿيون ته ماڻهو رڙيون ڪندا ٻاهرين دروازن ڏانهن ڊوڙيا. هڪ وڊيو ۾ لڳ ڀڳ 130 ميٽر پري ڇت تي هڪ شخص بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪيترن کي حيرت هئي ته تقريب ۾ سيڪيورٽي ڇو نه هئي ۽ ڪنهن به سندن بيگ نه چيڪ ڪيو. حمل کان پوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو پر ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪيو ويو. اصل حملو ڪندڙ اڃا تائين پڪڙ کان ٻاهر آهي.
ٽرمپ پنهنجي ٽروٿ سوشل پليٽفارم تي لکيو ته ’عظيم ۽ ليجنڊري چارلي ڪرڪ هاڻي نه رهيو آهي. آمريڪا جي نوجوانن کي ڪنهن به اهڙي طرح نه سمجهيو ۽ نه ئي اهڙي محبت ڪئي جيئن چارلي ڪئي.‘ هن وڌيڪ چيو ته ’چارلي هڪ سچو محب وطن هو جنهن پنهنجي زندگي اظهار جي آزادي ۽ آمريڪا جي لاءِ وقف ڪئي.‘ اڳوڻي صدر بارڪ اوباما، برطانوي وزيراعظم سر ڪير اسٽرامر ۽ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سميت ڪيترن عالمي اڳواڻن چارلي ڪرڪ جي قتل جي مذمت ڪئي. نيتن ياهو چيو ته ڪرڪ کي سچ ڳالهائڻ ۽ آزادي جي حمايت ڪرڻ جي سزا ڏني وئي. ’اهو اسرائيل جو هڪ بهادر دوست هو، جيڪو ڪوڙ جو مقابلو ڪندو رهيو ۽ يهودي-عيسائي تهذيب لاءِ بيٺو رهيو.‘ نيتن ياهو ٻڌايو ته ٻه هفتا اڳ ئي هن سان ڳالهايو ۽ کيس اسرائيل اچڻ جي دعوت ڏني هئي، پر هاڻي اهو دورو ممڪن نه آهي. چارلي ڪرڪ اسرائيل ۽ غزه بابت سخت خيالن جو حامي هو ۽ اڪثر اسرائيلي قدمن جو دفاع ڪندو هو. جولاءِ ۾ به هن اسرائيل تي غزه ۾ ماڻهن کي بکيو رکڻ جي الزام کي رد ڪيو هو.
31 ورهين جو چارلي ڪرڪ آمريڪا جي نمايان قدامت پسند ڪارڪنن ۽ ميڊيا شخصيتن مان هڪ هو، جيڪو ٽرمپ جو ڀروسو مند ساٿي سمجهيو ويندو هو. سندس سوشل ميڊيا ۽ پوڊڪاسٽ ۾ اڪثر ڪلپس شيئر ٿيندا هئا، جن ۾ هو شاگردن سان ٽرانسجئنڊر سڃاڻپ، موسمياتي تبديلي، مذهبي عقيدا ۽ خانداني قدرن تي بحث ڪندو هو. هو شادي شده هو ۽ ٻه ٻار ڇڏيا اٿس. هر پوڊڪاسٽ جي شروعات ۾ ٽرمپ جو ڪلپ هلندو هو جنهن ۾ هو ڪرڪ جو ٿورائتو ٿيندو هو ۽ چوندو هو ته هن نوجوانن جي طاقتور ترين تنظيمن مان هڪ کي جنم ڏئي حيرت انگيز ڪم ڪيو آهي. 2012ع ۾ اوباما جي ٻيهر چونڊ کان پوءِ صرف 18 ورهين جي عمر ۾ ڪرڪ ٽرننگ پوائنٽ يو ايس اي جو بنياد وڌو، جنهن جو مقصد لبرل لاڙي رکندڙ ڪاليجن ۾ قدامت پسند خيالن کي وڌائڻ هو. هاڻي ان جون شاخون 850 کان وڌيڪ ڪاليجن ۾ آهن.
گذريل چونڊن ۾ به ڪرڪ جي تنظيم ٽرمپ ۽ ٻين ريپبلڪن لاءِ نون ووٽرن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. کيس ٽرمپ کي ايئريزونا ۾ ڪاميابي ڏيارڻ جو ڪريڊٽ به ڏنو ويندو آهي. ان بعد سندس ٽرمپ سان لاڳاپا وڌيڪ ويجهڙا ٿيا ۽ هو وائٽ هائوس جو باقاعده مهمان بڻيو. سندس آخري مهينن ۾ به ٽرمپ جي پٽ ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر سان گڏ گرين لينڊ جو دورو ڪيو. ٽرمپ کيس سچائي ۽ آزادي لاءِ حياتي قربان ڪندڙ سڏيندي، بظاهر ڏاڍو ڏک ۽ غصو ظاهر ڪيو. هن بائيون پاسي جي بنياد پرست سياست کي اهڙي تشدد جا ذميوار قرار ڏنو.
بي بي سي جي تجزيي موجب، اهڙا واقعا عام طور تي سياسي ڌرين کي گڏ ڪن ٿا. ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن ٻنهي پاسي جي اڳواڻن بشمول صدر جو بائيڊن ۽ اوباما ان قتل جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته آمريڪي جمهوريت ۾ اهڙي تشدد جي ڪا جاءِ ناهي. تنهن هوندي به ٽرمپ ۽ ڪرڪ جا حامي سخت ردعمل ڏيئي رهيا آهن ۽ انتقام جا مطالبا ڪري رهيا آهن. تجزيي ۾ چيو ويو آهي ته هي آمريڪا لاءِ هڪ خطري ڀريو موڙ ثابت ٿي سگهي ٿو.