اڄ پاڪستان پنهنجي تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي ور چڙهيل آهي. پنجاب جي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو علائقي ۾ ٻوڏ جي وهڪرن جي ڪري هزارين وسنديون ٻڏي ويون آهن، فصل ۽ رابطي وارا روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ۽ ڪيترن ئي ضلعن سان رابطو ٽٽي پيو آهي۔ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته موسمي تبديليون هڪ قدرتي حقيقت آهن، پر اسان جا حڪمران اهڙين آفتن جي مقابلي لاءِ ڪا به اڳواٽ منصوبابندي ڪرڻ کان لاچار نظر اچن ٿا۔ اسان ڪڏهن به موسمي تبديلين ۽ انهن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباھين کي سنجيدگي سان ناهي ورتو۔ پاڪستاني ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي ۾ 18 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ٻيلن کي ماحول، معيشت ۽ قومي سلامتي جي پهرين دفاعي لائن سمجهيو ويندو آهي۔
صنعتي انقلاب کان اڳ انسان وڏي حد تائين ماحول سان هم آهنگ هيو، پر ان کان پوءِ منافعو ۽ هر قيمت تي پيداوار ۾ اضافو سرمائيدار نظام جا اصول بڻجي ويا۔ اهڙيءَ طرح سرمائيداري نظام اسان کي فطرت سان لاڳاپيل نظام کان جدا ڪري ڇڏيو، ان ڳالهه کي سمجهڻ بنا ته جبلن، دريائن، ٻيلن ۽ فطرت جي وچ ۾ لکين سالن جي هم آهنگي سان ماحوليات جو توازن قائم ٿيو آهي۔ صدر ٽرمپ کان سواءِ دنيا جا سڀ ماهر متفق آهن ته انساني تهذيب ۽ بقا لاءِ هن وقت سڀ کان وڏو خطرو ڌرتي جو وڌندڙ گرمي پد آهي۔
عالمي موسمياتي تبديلين جي سنگين اثرن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان تڪڙي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي مقامي ۽ بين الاقوامي ماهرن جي مدد سان ڪريون۔ نوجوانن کي ايمرجنسي حالتن لاءِ شهري دفاع جي مڪمل تربيت ڏني وڃي ۽ اها تربيت تعليمي ادارن ۾ لازمي بڻائي وڃي۔ دريائن ۽ برساتي نالن جي ڀرسان رئيل اسٽيٽ جي ترقيءَ تي مڪمل پابندي لڳائڻي پوندي ۽ ٻيلن جو ڪاٺ وڍڻ وارن مافيا گروپن جو خاتمو ڪرڻو پوندو۔
اسان جو سماج ڪيترن ئي معاملن تي پاڻ به قابو حاصل ڪري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اسان مسلسل انهن آفتن کي صرف خارجي عنصرن تي مڙهينداسين ۽ اندروني ذميواري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪنداسين ته پوءِ اسان پاڻ ئي انهن ٻوڏن ۽ تباهين جي چڪر ۾ ڦاسي پونداسين۔ پاڪستان ۾ هاڻي هڪ عام روش بڻجي وئي آهي ته هر آفت کي موسمي تبديليءَ سان ڳنڍيو وڃي ٿو ۽ تياري نه هئڻ جو جواز مالي وسيلن جي کوٽ کي بڻايو وڃي ٿو۔
هاڻ اسان جي پاليسي سازن لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته اهي اڻ ترتيب، غير مربوط انفراسٽرڪچر جي تعمير ذريعي برسات ۽ پاڻي جي قدرتي وهڪرن کي روڪڻ يا ختم ڪرڻ واري پاليسي تي ٻيهر غور ڪن۔ ٻي صورت ۾ درياءَ پنهنجي قدرتي وهڪن ۾ واپس اچڻ جو عمل جاري رکندا، ۽ پاڪستان وڌيڪ تباهي ڏانهن وڌندو ويندو۔
ضروري ناهي ته ته رڳو ڊيمن ذريعي ٻوڏن کي روڪي سگهون، پر ان لاءِ ضروري آهي ته درياءَ کي پنهنجي قدرتي وهڪرن ۾ وهڻ ڏنو وڃي۔ ان سان درياءَ جو رستو وسيع رهندو ۽ ٻوڏ جي صورت ۾ پاڻي آسانيءَ سان زمين ۾ جذب ٿيندو، جيڪو زميني پاڻي جي سطح کي برقرار رکڻ لاءِ اهم آهي۔ هڪ جديد تحقيق مطابق پاڪستان جي دريائن جي هيٺان واري واريءَ ۾ ڪيترن ئي ملين ايڪڙ فٽن جو پاڻي جذب ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي۔
اسان کي انهن تباھين مان اهو سبق وٺڻ گهرجي ته ڊيم نه ٺاهڻ جي صورت ۾ به دريائن کي وهڻ ڏنو وڃي، ڇو ته دريائن جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ ايترو ئي ضروري آهي جيترو انساني جسم مان فاضل پاڻي جو نڪرڻ۔ دريائن کي انهن جي قدرتي منزل، يعني سمنڊ تائين وڃڻ کان روڪڻ هڪ غير فطري عمل آهي۔ جڏهن دريائن تي وڏا ڊيمز ۽ بيراج ٺاهيا وڃن ٿا ته قدرتي وهڪرن ۾ رنڊڪ پيدا ٿئي ٿي، جنهن سان فطرت جو توازن بگڙي وڃي ٿو۔ اسان وٽ هڪ عام سوچ هيءَ به آهي ته هر ٻوڏ کانپوءِ ڪجهه مخصوص حلقا ڪالا باغ ڊيم کي ئي هر مسئلي جو حل قرار ڏين ٿا، جڏهن ته تازي ٻوڏ ستلج ۽ راوي دريائن مان ۽ انهن دريائن جو پاڻي ڪالا باغ تائين ڪيئن منتقل ڪري سگهجي ٿو؟
ياد رهي ته 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ هالينڊ جي ماهرن کان مدد وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي، انهن 2016ع ۾ هر سائيٽ لاءِ مخصوص بندن کي ڊيزائن ڪرڻ جا طريقا ٻڌايا هئا، جيڪي ٻوڏ جي دفاع لاءِ بنيادي عنصر هئا۔ پر اسان جي حڪمرانن انهن تجويزن کي عوام آڏو آڻڻ کان انڪار ڪيو، ۽ پوءِ 2022ع جي هولناڪ سيلاب دوران دريائن تي ٺاهيل بند وهجي ويا۔ جيتوڻيڪ هر سال انهن بندن لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويندا هئا۔
ساڳيءَ طرح، 2015ع ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ IDA جي مالي مدد سان سکر بيراج جي 18 اهم دروازن جي مٽاسٽا جو منصوبو ٺاهيو ويو هو، پر 2022ع جي ٻوڏ وقت 42 مان 15 دروازا غير فعال هئا۔ اسان جا حڪمران اصرار ڪندا آهن ته ٻوڏون صرف بدلجندڙ ماحوليات جا نتيجا آهن، جڏهن ته حقيقت ۾ هيءَ حالتون ڏهاڪن تي پکڙيل ڪرپشن، لاپرواهي ۽ دانسته بدانتظامي جو نتيجو آهن۔
سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه 2010ع ۾ هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ آبپاشي عملدارن جي غفلت، نااهلي ۽ اداراجاتي بدانتظامي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي۔ ساڳيءَ طرح 2019ع ۾ هڪ عالمي پينل هڪ جامع مطالعي کانپوءِ نئين "نيشنل فلڊ پروٽيڪشن پلان” پيش ڪيو، جنهن ۾ بندن جي معيار کي جديد بڻائڻ ۽ هر علائقي لاءِ مخصوص ڊيزائن تي زور ڏنو ويو هو۔ ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته پاڪستان اڃا تائين 40 سال پراڻي "ڪاپي پيسٽ” ڊيزائن استعمال ڪري رهيو آهي۔ پر اسان جي حڪمرانن انهن سڀني رپورٽن کي نظرانداز ڪيو، جن جو نتيجو اسان 2022ع جي ٻوڏ جي تباهين جي صورت ۾ ڀوڳيو۔
اڄ وقت جي ضرورت آهي ته اسان هالينڊ جي ماهرن جي رپورٽ، جسٽس منصور علي شاهه جي تجويزن، ۽ 2019ع واري عالمي پينل جي سفارشن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي منصوبن جي نگراني، احتساب کي يقيني بڻائڻ ۽ معيار کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ حقيقي مانيٽرنگ سسٽم متعارف ڪرايون۔ اڄ پاڪستان هڪ نازڪ موڙ تي بيٺو آهي، ۽ جيڪڏهن اسان هاڻي به سڌارا نه ڪيا ته 2025ع کانپوءِ ايندڙ ٻوڏ انتهائي خطرناڪ هوندي۔
پاڪستان جو عوام نه رڳو مستقل دريائي بندن جو حقدار آهي، پر اهڙن ايماندار ۽ بي لوث اڳواڻن جو به حقدار آهي، جيڪي انهن جي بقاءَ لاءِ پاڻ پتوڙي ڇڏين۔ اهو به غور طلب آهي ته نيدرلينڊ جو 26 سيڪڙو علائقو سطح سمنڊ کان 7 ميٽر هيٺ آهي ۽ 59 سيڪڙو علائقو صرف 1 ميٽر مٿي آهي۔ ساڳيءَ ريت ڊنمارڪ، جرمني، بيلجيم ۽ فرانس جا ڪي علائقا به سطح سمنڊ کان هيٺ آهن، پر انهن ملڪن سائنسي اصولن جي بنياد تي ڊيمز، بيئراج ۽ جديد نظام جو منصوبابنديءَ سان بندوبست ڪيو آهي۔