لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ جي صورتحال

تحرير: ساجد تنيو

سنڌ جي اترين حصي ۾ دريائي ٻوڏ جو خطرو وڌڻ بعد لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هنگامي قدم کنيا ويا آهن. تعليم کاتي طرفان ضلعي جي چئني تعلقن لاڙڪاڻو، رتوديرو، باقراڻي ۽ ڏوڪري ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ سرڪاري بوائز ۽ گرلس اسڪولن کي رليف ڪيمپ طور ڊڪليئر ڪيو ويو آهي، جتي ٻوڏ متاثرن کي منتقل ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

ضلعي انتظاميا جي فيصلي مطابق رليف ڪيمپن ۾ رهائش اختيار ڪندڙن کي کاڌ خوراڪ، پاڻي، علاج سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري، انيس الرحمان جلباڻي جي هدايتن تحت لاڳاپيل تعلقن جي ايجوڪيشن آفيسرن کي اسڪولن جي فهرست موڪلي وئي آهي، جنهن موجب 307 اسڪول لاڙڪاڻي تعلقي، 308 رتوديرو، 214 باقراڻي، 146 ڏوڪري ۽ ڪچي علائقي جا 32 اسڪول رليف ڪيمپ طور استعمال ٿيندا. انهن ۾ لڳ ڀڳ 3290 ڪلاس رومز ۾ 32 هزار 900 کان وڌيڪ متاثرن کي رکڻ جي گنجائش موجود آهي.

لاڙڪاڻي شهر جا 70 کان وڌيڪ اسڪول ۽ يوسي مراد واهڻ، آگاڻي، عاقل، ٻيڙو چانڊيو، ڌامراهه، فتح پور، ڪوٺي، لنڊ، ماهوٽا، مٺوديرو، ڦل، رشيد وڳڻ، رتوڪوٽ، وڪيا سانگي سميت ڪيترائي ڳوٺ هن منصوبي ۾ شامل آهن. رتوديرو ۾ ميونسپل ڪميٽين کان وٺي ڳڙهي خدابخش ڀٽو، ڪوهيري، پيربخش ڀٽو، سعدو ديرو ۽ ٻين يونين ڪائونسلن جا اسڪول به متاثرن لاءِ کولي ڏنا ويا آهن. ساڳئي ريت باقراڻي ۾ خيرمحمد آريجا، ڳيريلو، گُڏ، مڏباهو، مهر وڏا، مشوري شريف، محراب پور، پراڻو آباد ۽ ٻين علائقن جا اسڪول رليف ڪيمپ بڻايا ويا آهن. ڏوڪري ۾ ٽائون ڪميٽي ڏوڪري ۽ باڊهه سميت دڙي، گاجي ديرو، ڪاراڻي، سامٽيا، ٽاٽڙي ۽ يارو لاکير جا اسڪول به متاثرن لاءِ کوليا ويا آهن.

ٻئي طرف ڪچي علائقن ۾ به خطرو وڌي ويو آهي، جتي 32 اسڪولن کي رليف ڪيمپ طور ڊڪليئر ڪيو ويو آهي. يونين ڪائونسل گاجي ديرو جا 10، پراڻو آباد جا 7، ڪاراڻي جا 5، گُڏ جا 4، يارولاکير جا 2 ۽ عاقل، بهمڻ، فريد آباد، عزت جي وانڍ جا هڪ هڪ اسڪول متاثرن لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. انتظاميه جو چوڻ آهي ته جيڪي اسڪول سڌي طرح پاڻي هيٺ اچڻ جو خطرو رکن ٿا، انهن مان سامان هٽائي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي.

هيڊماسترن کي واضح حڪم ڏنا ويا آهن ته اسڪولن جو رڪارڊ، فرنيچر، سولر پليٽون، بجلي جا موٽر ۽ ٻيو قيمتي سامان وقت سر محفوظ جڳهن تي منتقل ڪن. ساڳئي وقت چوڪيدارن ۽ عملي کي وڌيڪ خبردار رهڻ لاءِ چيو ويو آهي ته جيئن ڪا به نقصان جي صورتحال پيدا نه ٿئي. تعلقه ايجوڪيشن آفيسرن کي به روزاني بنيادن تي رپورٽون پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ته جيئن ضلعي انتظاميه ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر کي صحيح صورتحال کان آگاهه رکيو وڃي.

ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري انيس الرحمان جلباڻي جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تحت سڀني تعلقن ۾ اسڪولن کي متاثرن لاءِ کوليو ويو آهي. رليف ڪيمپن ۾ ايندڙ ماڻهن کي وقت سر سهولتون ڏيڻ لاءِ عملي سان لهه وچڙ ۾ رهيون ٿا. هن ٻڌايو ته ڏوڪري تعلقي جي يونين ڪائونسل گاجي ديرو جي 2 ۽ ٻلهڙيجي جي هڪ اسڪول ۾ متاثر ترسيل آهن، جڏهن ته درياهه ۾ چاڙهه کان پوءِ وڌيڪ ماڻهن کي به اسڪولن ۾ رکيو ويندو. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ ايمرجنسي فون نمبرن کي فعال ڪيو ويو آهي. ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ فوري طور تي لاڳاپيل آفيس سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن وقت لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ جي خطري سبب رليف ڪيمپن ۾ ماڻهن جي آمد جو سلسلو آهستي آهستي وڌي رهيو آهي. انتظاميا، تعليم کاتو ۽ مقامي آفيسر مسلسل رابطي ۾ آهن، جڏهن ته شهري حلقن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي رليف ڪيمپن ۾ کاڌ خوراڪ ۽ علاج تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ايندڙ ڏينهن ۾ متاثرن جو انگ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.

                 سنڌ جي اترين حصي ۾ دريائي ٻوڏ جو خطرو وڌڻ بعد لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هنگامي قدم کنيا ويا آهن. تعليم کاتي طرفان ضلعي جي چئني تعلقن لاڙڪاڻو، رتوديرو، باقراڻي ۽ ڏوڪري ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ سرڪاري بوائز ۽ گرلس اسڪولن کي رليف ڪيمپ طور ڊڪليئر ڪيو ويو آهي، جتي ٻوڏ متاثرن کي منتقل ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.