ڇا گڊ گورننس، حڪومتن جو آدرش ناهي رهي؟

اسان هميشه اهو چوندا رهيا آهيون ۽ لکندا به رهيا آهيو ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي زندگي جي ڪنهن به موڙ تي ڪو عهدو ملندو آهي يا ڪنهن سياس جماعت کي حڪومت ڪرڻ يا پارليامينٽ اندر اپوزيشن بينچن تي ويهڻ جو موقعو ملندو آهي يا ڪنهن ماڻهوءَ کي وزير ٿيڻ، ايم اين اي، ايم پي اي ٿيڻ يا ڪنهن اداري جو سربراهه ٿيڻ جو موقعو ملندو آهي ته اسان ان کي اصل ۾ تاريخ طرفان ان ماڻهو، ڪنهن سياسي جماعت يا حڪومت کي پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو هڪ وڏو  مليل موقعو سمجهندا آهيون. پر الائي ڇو ان جي اهميت جو احساس گهٽ نظر ايندو آهي.

وري ٻئي پاسي ڏسجي ته حڪومت ۾ اچڻ، اقتدار ماڻڻ لاءِ جفاڪشي به ڪئي ويندي آهي پر جڏهن اها شئي يا منزل ملي ويندي آهي ته پوءِ وري بلڪل ئي خاموش ٿي ويندا آهن. ايئن جيئن اڪثر سرڪاري ملازم نوڪريون وٺي گهر وٺي پگهارون کڻڻ وارو مجرماڻو ڪم ڪندا آهن. اها صورتحال هن جديد ۽ ٽيڪنالاجي جي سهولت واري دور ۾ حڪومتي وزيرن سان به لاڳو آهي ته اهي وزارتون وٺي پوءِ غائب ٿي ويندا آهن. ايئن اسيمبلين جا چونڊيل نمائندا به ووٽ وٺڻ کانپوءِ پنهنجن تڪن ڏانهن ويندا ئي ناهن. جڏهن ته وڏيون وڏيون پگهارون ۽ مراعاتون به ماڻيندا آهن.

اسان وٽ ڏسجي ته هر قسم جي ڪم جي گنجائش آهي ئي آهي. ميدان صفا خالي آهي پر ڪير اڳتي اچڻ ۽ ڪک ٻيڻو ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. جڏهن ته ماضيءَ ۾ اها شڪايت عام هوندي هئي ته ڪير ڪنهن کي اڳتي اچڻ جو موقعو نٿو ڏئي، ڪير ڪرسي خالي نه ٿو ڪري پر هاڻي ڪنهن کي موقعو ڏجي ٿو اهو اڳتي اچڻ لاءِ ۽ ذميواريون کڻڻ لاءِ تيار ناهي. اهڙو ئي حال حڪومتن جو آهي. سياسي جماعتون اقتدار ماڻڻ ۽ حڪومتن ۾ اچڻ جا ته وڏا جتن ڪنديون آهن ۽ ڪوششن ۾ جيئن تيئن ڪري ڪامياب به ٿي ويندون آهن پر اسان گذريل 20 سالن کان ڏسون ٿا ته ڪنهن به حڪومت وٽ ”سٺي حڪومت“ ڪرڻ جو ڪو آدرش ئي ناهي رهيو ته سندن حڪومت عوامي سطح تي ڊليور ڪري ۽ عوام اندر مشهوري ماڻي.

اها صورتحال ان ملڪ ۾ آهي جتي اونئن ئي غير جمهوري طاقتن جو راڄ آهي ۽ انهن عوام وٽ جمهوريت کي بدنام به ڪيو آهي ته جمهوري حڪمران ڪرپٽ آهن، هڪٻئي جي مئنڊيٽ کي قبول ناهن ڪندا، هڪٻئي جي جماعتن جون ڄنگهون ڪڍڻ ۾ پورا هوندا آهن ۽ عوام وٽ به اڪثريتي طور تي اهو تاثر قائم ٿي چُڪو آهي ته جمهوري نظام فضول آهي، ان جو ثمر عوام کي ٽڪي جو به نه ٿو ملي، سڀ پيسا، سڀ فنڊ ڪرپشن جي نذر ٿي وڃن ٿا. عوام سان ڪير به سچو ناهي سڀ پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آهن. اهو ٻڌائڻ جو مقصد آهي ته هتي پارلياماني نظام هونئن ئي عتاب ۾ آهي. غير جمهوري طاقتون حڪمران جماعتن کي مڪمل اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. پارليامينٽ جيڪا آئيني طور تي سپريم ادارو آهي تنهن کي بالادست ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي. نه هتي چونڊ نظام صاف ۽ شفاف آهي نه ئي عدالتن ۾ آئين ۽ قانون تحت فيصلا ٿين ٿا. اڃان به هر دور ۾ غير جمهوري طاقتن انهن کان ”نظريهء ضرورت“ تحت پئي فيصلا ڪرايا آهن. اهڙي ماحول ۾ بجاءِ ان جي ته حڪمران جماعتون چئلينج سمجهي ڪري حڪومتون ڪن ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، گڊ گورننس قائم ڪري عوام جون دليون کٽن الٽو بيڊ کان بيڊ گورننس ئي ڪري رهيا آهن. هاڻي سوال اهو آهي ته ائين ڇو آهي، ان جو هڪ سبب اهو آهي ته هاڻي طاقت جو سرچشمو عوام ناهي رهيو.

هاڻي سياسي ۽ اقتداري جماعتن اسٽيبلشمين کي پنهنجي طاقت جو سرچشمو بڻايو آهي ۽ انهن جي مفادن لاءِ حڪومت ڪن ٿيون. ان کي ئي پنهنجو باس سمجهي ڪري خوش ڪن ٿيون ۽ انهن جي ئي پاليسين تي هلن ٿيون. هڪ پاسي اسٽيبلشمينٽ کين پنهنجي ماتحت رکيو آهي ۽ ريموٽ ڪنٽرول تي کين هلائي رهي آهي ته ٻئي پاسي وري عوام وٽ اهو تاثر جڙي رهيو آهي ته جمهوري جماعتون ۽ حڪمران اصل ۾ اهل ئي ناهن.

سو اهي زميني حقيقتون پنهنجي جاءِ تي پر سوال اهو آهي ته آخر انهن ناسازگار ۽ ناگوار حالتن جو مقابلو ڪير ڪندو، جمهوريت جي ساک ڪير بحال ڪندو، پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ ڪير ڪم ڪندو. اها ڪنهن جي آخري ذميواري آهي. اسان جو خيال آهي ته آخري زميواري پارليامينٽ جي بلادستي لاءِ ڪير ڪم ڪندو. اها ڪنهن جي آخري ذميواري. اسان جو خيال آهي ته آخري زميواري پارلياماني ۽ جمهوري جماعتن جي آهي ته اهي پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ پاڻ ۾ متحد ٿين ۽ گڊ گورننس تي ڪا سوديبازي نه ڪن. اهو سڀ ان احساس وچان ڪن ته جيڪڏهن سندن حڪومت ڪمزور هوندي، عوام وٽ ناماچاري نه رکندي، پنهنجي حڪومتي ساک وڃائيندي ته الٽو ان حڪومت کي ئي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو تنهن ڪري مضبوط پاليامينٽ ۽ مضبوط جمهوريت جي تقاضا اها آهي ته سڀ پارلياماني جماعتون پاڻ متحد ٿين، هڪٻئي سان سهڪار ڪن ۽ پارليامينٽ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪن. ان ۾ سندن به مفاد آهي ته عوام جي به خوشي آهي.

اسان عام طور تي اها پروپيئگنڊا ته لاڳيتو ڪندا رهيا آهيون ته ”بدترين جمهوريت سٺي آمريت کان بهتر آهي“ ڇو ته اها پوءِ به آئيني، قانوني، غير قانوني، اصولي هوندي آهي  جڏهن ته آمريتي نظام  غير جمهوري۽ غير اخلاقي هوندو آهي  پر ان جو اهو مطلب ناهي ته جمهوري حڪمران پنهنجي حصي جو ڪم ئي نه ڪن، ڪک ٻيڻو به نه ڪن ۽ نه ئي گڊ گورننس کي آدرش بڻائين.افسوس ته واڻ اهو سڀ ئي ڏسي رهيا آهيون. اڄ جي حڪومتن وٽ گڊ گورننس جو ڄڻ ڪو آدرش ئي ناهي. وزيراعظم آهي ته ملڪ ججو بهترين ۽ مثالي وزيراعظم ٿيڻ جي ڪا حسرت نٿو رکي، ڪنهن صوبي جو ڪو وڏو وزير آهي ته مثالي وڏو وزير ٿيڻ جي ڪا خواهش نٿو رکي، نه ئي وزيرن ۾ سٺي وزير ٿيڻ جي تڙپ آهي نه ئي اسيمبلين ۾ ويٺل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز وٽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو ڪو تصور آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.