ڪجهه ڏينهن اڳ نامياري ۽ سينئر صحافي توڙي ڪالم نگار وسعت الله خان جو ڪالم پڙهيو هيوسين جنهن ۾ هن لکيو هو ته ”نون صوبن ٺاهڻ جا بيان ٻڌي ٻڌي ڪن پچي پيا آهن.“ ايئن ئي وڏا ڊيم ٺاهڻ ۽ درياهه جي پاڻي جو سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿيڻ وارا بيان ٻڌي ٻڌي به اسان جا ڪن پچي پيا آهن. جڏهن ته ان موقف جي برخلاف وري جيڪو موقف ۽ دليل ڏنو ويندو آهي سو هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ايئن ڪڍيو وڃي ٿو ڄڻ ٻيو ڪو موقف وجود ئي نه رکندو هجي.
اهڙو احساس تازو خيبرپختونخواهه جي پي ٽي آءِ حڪومت جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ٽيون ڏينهن پريس ڪانفرنس ٻڌندي ٿيو. جڏهن هن به اهو رينگٽ ورجائيندي چيو هو ته موجوده برساتي ۽ ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ڪري ضايع ٿي رهيو آهي. سو ڪالاباغ ڊيم ٺاهي ان کي جمع ڪيو وڃي. اها هڪ اهڙي بي علمي آهي جنهن کي جاهلاڻي روش به چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته جنهن درياهي پاڻي جي سمنڊ ۾ وڃڻ کي اهي پاڻي جو زيان سمجهن ٿا سو عمل اصل ۾ سنڌو درياهه جي زندگي آهي. جيڪڏهن سنڌو درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪندو ۽ اڌ ۾ ان کي روڪيو ويندو، ان کي سمنڊ سان ملڻ نه ڏنو ويندو ته ان سان درياهه جي زندگي ئي ختم ٿي ويندي، اهو يا ته پوءِ ان رستي اچڻ ئي بند ڪري ڇڏيندو، رخ موڙي ڇڏيندو ۽ ايئن سنڌو درياهه جو ٻيٽ ماضي جي هاڪڙي درياهه وانگر سُڪي ٺوٺ ٿي ويندو ۽ پوءِ اتي واري ئي واري ملندي.
ٻيو ته انهن کي اها به خبر ناهي يا ڄاڻي واڻي اها پروڙ رکڻ نٿا چاهين ته جيڪڏهن اهو درياهي پاڻي سمنڊ اندر نه ويندو جنهن جي دٻاءُ تحت ئي اهو سمنڊ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي پر جيڪڏهن درياهه جي پاڻي جو اهو دٻاءُ سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪندو ته اهو سمنڊ اڳتي وڌندو ايندو ۽ آباد زرعي زمينن کي کارو ڪندو ويندو. جنهن جي شروعات ڪجهه سالن کا سنڌ ۾ ٿي چڪي آهي جنهن نتيجي ۾ سمنڊ سنڌ جي40 لک ايڪڙ زمين کاري چڪو آهي يعني ايترو اڳتي اچي چڪو آهي. سو جيڪڏهن درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪندو ته اهو نتيجي ۾ ايئن ئي اڳتي وڌندو ايندو ۽ پوءِ اهو سڄي سنڌ کي لتاڙيندو پنجاب جي سرحد اندر به داخل ٿي سگهي ٿو، جنهن جو کين اندازو به ناهي.
خيبرپختونخواهه جي پي ٽي آءِ جي حڪومت جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ٿو چوي ته سنڌ کي جيڪڏهن ڪالا باغ ڊيم تي ڪو اعتراض آهي ته انهن سان ڳالهائي سگهجي ٿو. سو موصوف کي اها خبر ئي ناهي ته ان اشوءَ تي ضياءَ الحق جي مارشل لائي دور کان وٺي ڳالهايو ويو آهي ايستائين جو جنرل پرويز مشرف به ڪالاباغ ڊيم تي مذاڪري جي سڀني کي دعوت ڏني هئي جنهن ۾ کيس هٿ مٿي ڪرڻا پيا جڏهن هن سنڌ جي ئي پاڻي جي ماهر اي اين جي عباسي کي وچ ۾ آندو ته اهو ٽيڪنيڪل ماهر آهي سو ئي سنڌين کي سمجهائي سگهي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم ضروري آهي پر اي اين جي عباسي فني بنياد تي هڪ رپورٽ تيار ڪري جنرل مشرف جي آڏو رکي جنهن ۾ هن ڪالاباغ ڊيم کي ”ناقابل اڏاوت“ قرار ڏئي سندس ڪالاباغ ڊيم جي مهم مان هوا ڪڍي ڇڏي هئي ۽ پوءِ جنرل مشرف به چپ ٿي ويو هو.
سو علي امين گنڊا پور سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم تي ڳالهيون ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ کان اڳ پهريون پاڻ ملڪ جي پاڻي جي تاريخ پڙهي ۽ پوءِ ڳالهائي. سو علي امين گنڊاپور کي سنڌو درياهه جي تاريخ ۽ ملڪ اندر ٿيل پاڻي جا معاهدا پڙهڻ گهرجن ۽ هاڻي به سندس موقف جي برخلاف پاڻي جي ماهرن جا موقف ۽ دليل پڙهڻ گهرجن. هن کي سنڌ کي سمجهائڻ جي نه پر سنڌ کان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهرحال وڏن ڊيمن ۽ پاڻي جي سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿيڻ وارو رينگٽ هڪ سياسي ۽ تعصبي مسئلو آهي. جڏهن ته شين کي سائنس، تاريخ ۽ فني بنيادن تي ڏسڻ گهرجي. هوائي سياسي بيان نه ڏيڻ گهرجن.
اها انتهائي غلط راءِ عامه بدقسمتي سان ٺهي چڪي آهي ته ملڪ اندر پاڻي کي بچائڻ جو واحد حل ڪالاباغ ڊيم آهي ٻي صورت ۾ درياهي ۽ برساتي پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ڪري ضايع ئي ٿي رهيو آهي. جڏهن ته اصل حقيقتون ٻيون آهن جن کي اهي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ئي ناهن. انهن کي اها به خبر ناهي يا ڄاڻي واڻي اڻ ڄاڻ بڻجي رهيا آهن ته درياهن تي آخري حق اصل ۾پڇڙي واري علائقي جو هوندو آهي ان عالمي درياهي قانون موجب سنڌو درياهه تي آخري حق سنڌ جو آهي.ان سنڌوءَ تي جيڪو به پراجيڪٽ قائم ٿيندو تنهن جي اين اوسي سنڌ ڏيندو پوءِ ئي سنڌوءَ تي ڪو پراجيڪٽ شروع ٿيندو. ٻيو ته سنڌوءَ جو پاڻي جڏهن سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو ته ان سبب سمنڊ اڳيان قدرتي تمر جا وڻ پيدا ٿيندا آهن جيڪي سامونڊي طوفانن کي روڪيندا آهن. جيڪڏهن درياهه جو پاڻي ڊيلٽا ۾ نه ويندو ۽ تمر جي وڻن کي نه پهچندو ته تمر جا وڻ ئي ختم ٿي ويندا نتيجي ۾ سامونڊي طوفانن جي رفتار وڌي ويندي تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو سمنڊ ۾ ويندڙ درياهه جو پاڻي اوهان کي سامونڊي طوفانن کان بچائڻ ۾ به مدد ڏيندو آهي.
جيستائين ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ ۽ بحران جو تعلق ٿيندو ته ان کي نقطه نظر سان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته پنجاب ئي پاڻي جي کوٽ ۽ بحران جو هر دور ۾ زميوار رهيو آهي جو ان ايوب خان جي حڪومت ۾ 1960 ۾ پنجاب جا ٽي درياهه راوي، ستلج ۽ بياس وڪرو ڪيا ۽ پوءِ جيڪي به ملڪي سطح تي پاڻي جا معاهدا ٿيا تن جي به پنجاب صوبو ڀڃڪڙي ڪندو رهيو ۽ غير قانوني طور تي ارهه زورائي تحت سنڌو مان سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻندو ۽ سنڌ کي سڪائيندو رهيو آهي. پر جيڪڏهن پنجاب 1991 جي پاڻي معاهدي جي قانون تي عمل ڪري ۽ قانوني طور پاڻي جي ورڇ ڪري ته اهو ئي پاڻي جي کوٽ ۽ بحران جي خاتمي جو حل آهي. ٻيو ته اسان پهريون به لکيو هو ته حڪومت کي هن معاملي ۾ پاڻي جي ماهرن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺڻ گهرجي جيڪي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته سنڌو درياهه جي واري هيٺيان سنڌوءَ درياهه جيترو الڳ پاڻي موجود آهي جنهن کي جديد مشينري ذريعي فائدو وٺي سگهجي ٿو. انهن ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻي وڏن ڊيمن جي ڪا ضرورت ناهي، پاڻي کي بچائڻ جو پهريون ۽ آخري حل ڪالاباغ ڊيم نه پر ڪافي متبادل آهن جن ڏانهن اڄ جا انڌا اونڌا ويڄ اصل ۾ نهارن ئي نٿا ۽ سندن سئي صرف ۽ صرف ڪالاباغ ڊيم تي اٽڪيل آهي جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ ۽ ضايع ٿيڻ وارو مسئلو حل ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿو وٺي.