مورو مارچ ۽ سنڌي قوم جا وڌندڙ حوصلا

تحرير: سيد يوسف شاهه

31 آگسٽ حڪمرانن پاران پيدا ڪيل خوف ۽ دھشت جا ڪارا بادل ھٽائي سنڌي قوم جي اميدن، حوصلن، ھمتن۽ جذبن کي بلندين تي پھچائڻ جو ڏينھن آھي، جڏھن سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي صدر ۽ درياهه بچايو اتحاد جي اڳواڻ سيد زين شاهه موري جي ڳوٺ لغاري بجراڻيءِ جي مظلوم ڳوٺاڻ جي مدد ۽ واھر ڪرڻ لاءِ ”مورو مارچ“ جو سڏ ڏنو. يقينن سندس اھو سڏ سنڌ جي حقن حاصل ڪرڻ واري جدوجهد جي حوالي سان ھڪ وڏو انقلاب قدم آھي، اھوئي سبب آھي جو سنڌي ماڻھن ان جي ڀرپور موٽ ڏيندي ھزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري سنڌ وطن تان ساهه ڏيڻ جو وچن ورجايو، ا موقعي تي سنڌ ڄايون اسان جون نياڻيون به اڳي کان اڳڀريون رھيون ، سندن ھزارن جي تعداد ۾ شرڪت ۽ جوش ايئن پئي لڳو ڄڻ ھٿيار بند حڪمران کي للڪاريندي چئي رھيون ھجن ”آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين“ سندن اھڙين للڪارن سنڌ دشمن قوتن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا.

سنڌي قوم سنڌو درياهه تي غير قانوني ۽ غيرآئيني طور ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌارين ڪمپنين کي ڏيڻ خلاف اھڙي عالمي مڃتا ماڻيندڙ شاندار تحريڪ ھلائي جنھن سنڌ ۽ مرڪز جي متعصب حڪمرانن سميت اصل اقتداري قوتن کي به پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو ۽ انھن پاران اعلان ڪيو ويو ته ”تعمير ٿيندڙ سمورن ڪئنالن جو ڪم روڪيو ويو آھي ۽ جيستائين سمورن صوبن جي مڪمل رضامندي شامل نه ھوندي، ڪوبه ڪئنال نه ٺاھيو ويندو.“ پر اھڙو اعلان ڪندي سنڌ دشمن اقتداري قوتن کي سندن سنڌ کي برباد ڪرڻ وارا ناپاڪ ۽ ڪڌا ارادا مٽيءَ ۾ ملندي نظر اچڻ لڳا ھئا.اھوئي سبب ھو جو سنڌ ۽ وفاق جي حڪمرانن سميت اسٽيبلشمينٽ ھن عظيم پرامن تحريڪ کي بندوقن جي زور تي چپي چيڀاٽي عوام ۾ خوف ۽ دھشت پيدا ڪري پنھنجن سنڌ دشمن رٿائن کي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۽ سندن پھريون نشانو موري جو بجراڻي لغاري ڳوٺ بڻيو، جڏھن مئي20 تي ڳوٺ جا نوجوانن پرامن طور ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪري رھيا ھئا تڏھن بنا ڪنھن چتاءُ ڏيڻ جي پوليس ۽ سرڪاري سرپرستيءَ ھيٺ نجي بدمعاشن بندوقن جا منھن کولي احتجاج ڪندڙ نوجوانن تي گولين جو وسڪارو ڪري ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه قومي ڪارڪن زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري شھيد ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿيا جن مان ھڪ نوجوان جي ٽنگ وڍي ويئي جيڪو تاحيات معذور تي ويو ۽ سوين قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو، جن جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو ڪونھي،ڪيترن ئي بيڏوھي ماڻھن تي مختلف ضلعن ۾ نشيدار شين رکڻ ۽ دھشتگرديءَ جا ڪيس ڪيا ويا، ساڍا ٽي مھينا گذرڻ باوجود اڃا تائين ڳوٺ لغاري بجراڻي پوليس جي گهيري ۾ آھي، ڳوٺاڻن جي اچ وڃ ۽ روزگار جا سمورا گس بند ڪيا ويا، ڳوٺاڻن جا گهر ۽ دڪان ڍاٿا ويا، بيمارن کي اسپتالن تائين پھچڻ جي اجازت نه ھئي ۽ بک ، بيروزگاريءَ ۽ بيمارين کان تنگ ٿي نوجوان مائرون پنھنجين معصوم نياڻين سميت پاڻ کي درياهه ۾ اڇلائي آپگهات ڪرڻ لڳيون. حڪمرانن جي ان ظلم ۽ غير انساني روئي خلاف وڪيلن ۽ سياسي اڳواڻن سميت ھر طبقي سان تعلق رکندڙن احتجاج ڪيا، انساني حقن جون تنظيمون واويلا ڪرڻ لڳيون پر حڪمرانن تي ان جو ڪوبه اثر نه پيو ڇوته سندن اکين ۾ رت تري آيو ھو. ھتي اھو سمجهڻ پڻ ضروري آھي ته حڪمرانن جي ڪا خاص دشمني ڳوٺ لغاري بجراڻي جي رھواسين سان نه آھي پر اھي ھن ڳوٺ کي ”عبرت جو نشان“ بڻائي اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ته سندن سگهه آئين، قانون، انساني بنيادي حقن ۽ عدالتي فيصلن کان مٿانھين آھي، تنھنڪري جيڪي به حڪمرانن جي فيصلن جي مخالفت ڪندا، تن جو حشر اھڙوئي ٿيندو جهڙو ڳوٺ لغاري بجراڻيءَ وارن جو ٿي رھيو آھي.!

اھا پڻ حقيقت آھي ته ھن واقعي کان پوءِ سنڌي قوم جي تحريڪ وقتي طور ٿڌي ٿي ويئي ۽ مختلف ھنڌن تي ٿيندڙ ننڊن ننڊن مظاھرن ۾ تبديلٿي ويئي ۽ حڪمران سمجهڻ لڳا ته اھي سنڌي قوم جي تحريڪ کي ڌٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آھن جنھن جي نتيجي ۾ سندن من مستيون وڌي ويون ۽اھي سنڌي قوم جي محب وطني، شعور ۽ طاقت کي للڪاريندي ڪڏھن مائنر ۽ منرلز بل جي بھاني سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ، ڪڏھن آمريڪا سان ڳجهه ڳوهه ۾ سنڌ مان نڪرندڙ تيل گئس ۽ ٻين معدنيات جا سودا ڪرڻ، ڪڏھن ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ سنڌ کي ٽوڙي ڪڏھن ٻارنھن، ڪڏھن 15کان 20 صوبن ته ڪڏھن ملڪ جي سمورين ڊويزنن تي مشتمل 38 صوبن ٺاھڻ جون ڳالھيون ڪرڻ لڳا ۽ ”ڀاڙيتو دانشورن“ ذريعي اھڙو واويلا ڪرڻ لڳا ته ” ملڪ جي موجودهه ھر ڊويزن کي صوبي جي شڪل ڏني وڃي، آئين جي شق 239 کي ختم ڪري اھو ڪم آسانيءَ سان قومي اسيمبليءَ جي سادي اڪثريت سان ڪري سگهجي ٿو. وري سيلاب جي بحاني وزيراعظم پنھنجن ڪيل وعدن تان ڦرندي ٻيھر ڊئم ٺاھڻ جون ڳالھيون ڪرڻ لڳو. سڀني کي خبر آھي ته اھي سمورا اھتمام سنڌ جي سمورن وسيلن تي قبضو ڪري سنڌين کي هميشه لاءَ غلام رکڻ جا سانڀاھا آھن. اھڙين حالتن ۾ ماٺ ڪري ويھڻ سنڌ ڌرتيءَ جي وجود کي مٽجندو ڏسڻ ۽ سنڌي قوم لاءِ هميشه جي غلامي قبول ڪرڻ جي برابر آھي، انھن حالتن ۾ ڪنھن کي ته سر جو سانگو لاھي، ھن خوف ۽ دھشت جي راڄ کي ٽوڙي اڳتي قدم و ڌائڻو ھو،سو سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي سرواڻ سيد زين شاهه سنڌ جي سچي سپوت ۽ سنڌ پرست ھئڻ جو ثبوط ڏيندي، سنڌو درياهه جي مالڪي ڪرڻ ، ڳوٺ لغاري بجراڻي واسين عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري کي گوليون ھڻي شھيد ڪندڙ قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ ٻن نوجوانن جي خون جي ايف آء آر وارثن جي فرياد تي داخل نه ڪرڻ ۽ شھيدن جي خون سان انصاف نه ٿيڻ، مورو مان خوف وارو ماحول ختم ڪرڻ ۽ ڳوٺ بجراڻي لغاري جي ڳوٺاڻن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ”مورو مارچ“ جو سڏ ڏنو جنھن تي سنڌ جا عاشق ” پتنگن جيان پهه ڪندي، اچي مچ تي مِڙيا“ ۽ سيد زين شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ مورو پھچي ويا. خوف دھشت ۽ ڏھڪاءُ جا سمورا بادل ھٽي ويا ۽ ماڻھن ۾ نئون جذبو ۽ اتساهه جاڳي پيو. اتي ھن درياهه ۽ ڌرتيءَ جي شھيد زاھد لغاري ۽ شھيد عرفان لغاريءَ جي آخري آرامگاھن تي حاضري ڀري گلن ۽ اجرڪ جون چادرون چاڙھي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ تاريخي موقف ڏيندي چيوته ” انصاف لاءِ وڙھڻ اسان تي فرض آهي، اسان مورو سانحي ۾ سنڌو درياءَ لاءِ جان نثار ڪندڙ شهيد نوجوانن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ پوليس گرديءَ ذريعي پيدا ڪيل خوف جي فضا کي ختم ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، سنڌ ڌرتيءَ جا شهيد قوم جو سرمايو آهن ۽ سندن قربانيون وساري نٿيون سگهجن. مورو سانحي ۾ ذميوارن خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهيدن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. گم ٿيل ڪارڪنن کي ظاهر ڪيو وڃي ۽گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ، لغارين قومپرست اڳواڻن تي بلا جواز دھشتگرديءَ جا ڪيس داخل ڪري موري ۾ ڏھڪاءُ پکيڙيو ويو ۽ پوليس ھٿان نوجوان اغوا ڪري انھن تي ڦرن ڌاڙن ۽منشيات جا ڪوڙا ڪيس ڪري کين چالان ڪري ڇڏيو ڪيترائي ڪارڪن گم ڪيا ويا، موري جا ماڻھو نڌڻڪا ناھن کين انصاف ڏيڻو پوندو. سنڌ جي ماڻھن کي ڀت سان نه لڳايو سنڌ جا ماڻھو پنھنجا حق وٺڻ ڄاڻن ٿا، جيسيتائين ھڪ به سنڌي جيئرو آھي ڪراچي سنڌ کان الڳ نه ٿيندي ضرورت پوڻ تي سنڌ جي عوام سان گڏ ڪمو شھيد کان سنڌ ۽ پنجاب جو بارڊر به بند ڪندا سين ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪئنال ٺاھڻ ڪونه ڏيندا سين.“ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، علامه  اياز قمي، عامر نواز وڙائچ، قادر بخش ڪورائي، مجيب ماڇي، ڊاڪٽر زين ڀٽو، رياض ڪاڪيپوٽو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ جس لھن جن مورو مارچ ۾ شرڪت ڪري ھڪ طرف ته ڳوٺ لغاري بجراڻي واسين سان يڪجھتيءَ جو اظھار ڪري سندن ھمت وڌائي ته ٻئي پاسي ايس يو پي جي سڏ تي گڏ ٿي اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته جڏھن به سنڌ سڏ ڪيو تڏھن اسان سڀ گڏ ھوندا سين.اھو انھن سمورين سنڌ دشمن قوتن کي ڀرپور جواب آھي، جيڪي سنڌ کي ڀاڱا ڪري سندس وجود مٽائڻ جون رٿائون جوڙي رھيا آھن.اتي سنڌي قوم ھڪ ڀيرو ٻيھرپاڻ ملھايو۽ اھو ثابت ڪري ڏيڪاريو ته سنڌ جي وجود، بقاءَ ۽ سلامتي انھن لاءِ زندگيءَ ۽ موت جو سوال آھي، جنھن لاءِ اھي سڀئي

حدون پار ڪري سگهن ٿا.ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته سنڌ جي حقن حاصل ڪرڻ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ سموريون پارٽيون پنھنجن انائن، نظرين ۽ پارٽي پروگرامن کان مٿانھيون ٿي ھڪ وسيح ترين اتحاد جوڙي نئين سر سنڌ دشمن رٿائن خلاف ھڪ وڏي پرامن جدوجھد جي شروعات ڪن، سنڌي قوم ھر جدوجهد لاءِ تيار آھي ۽ جڏھن ڪروڙين سنڌي روڊن تي نڪرندا، تڏھن ڪا به سگهاري قوت رياستي طاقت ۽ ھٿيارن جي زور تي سندن آڏو جٽاءُ ڪري نه سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.