واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جاري تڪرار مان جلد ٻاهر نه نڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فلوريڊا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مقصد حاصل ڪرڻ تائين تڪرار مان نٿا نڪري سگهون، ڇو ته ان سان ڪجهه سالن کانپوءِ ٻيهر مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر اعلان ڪيو ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪرڻ ڏينداسين، گڏوگڏ اهو به چيو ته جيڪڏهن ايران کي نه روڪيون ها ته اسرائيل ۽ يورپ جا پرزا پرزا ٿي وڃن ها.
سندس چوڻ هو ته ايران وٽ بحريا، فضائيا ۽ ڪا قيادت ناهي رهي، ايران جي قيادت لاءِ ڪير به تيار ناهي، ايران جي قيادت باقي نه رهڻ تي افسوس آهي.
You might also like