مفاهمت کي رد ڇو ڪيو پيو وڃي؟

تحرير: اسلم اعواڻ

ڪجهه ڏينهن اڳ ناليواري صحافي سهيل وڙائچ برسلز ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏئي عمران خان لاءِ معافي وٺڻ جي صورت ۾ نجات جي نويد ٻڌائي، جنهن تي عمران سميت پوري پي ٽي آءِ ڀڙڪي پئي. سياسي مفاهمت جي انهيءَ پيشڪش کي وٺي ٽرولز سوشل ميڊيا تي فيلڊ مارشل خلاف توهين آميز مهم هلايائون، جنهن جي تدارڪ خاطر ڊي جي آءِ ايس پي آر کي ذڪر ڪيل ڪالم مان پيدا ٿيل ابهم جي وضاحت ڪرڻي پئي. پي ٽي  آءِ جي ٺال مٺول ڪرڻ باوجود به ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران سياسي مفاهمت جا رستا ٺاهڻ ۾ لڳل آهي، پر في الحال اسٽيبلشمينٽ، خان ۽ سندس پرجوش حامين کي معافي جهڙي توهين آميز پيشڪش وسيلي ڀڙڪائي، مفاهمت جي راهه کان پري ڌڪڻ ۾ مشغول نظر اچي رهي آهي.

عمران خان جي حمايت ۾ هڪ تجربيڪار صحافي ”معافي جو حسين رستو“ جي عنوان سان لکيل ڪالم ۾ تاريخي حوالن وسيلي عمران کي سياسي مفاهمت جي ذلت آميز انجام کان بچائڻ لاءِ فرضي حقيقتن جو خوبصورت انداز ۾ اظهار آهي. ڪالم نويس سلطان ٽيپو جي انگريزن هٿان دليراڻي موت کان وٺي عثماني بادشاهه بازيد جي امير تيمور هٿان تذليل، پوءِ گانڌي/نهرو جي روماني قيد و بند، نيلسن منڊيلا جي 25 سالن تي پکڙيل اذيتناڪ قيد سان جڙيل خاموش مزاحمت ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ”سرشار“ موت جا حوالا ڏئي خان ۽ سندس حامين کي مفاهمت جي ”ذلت“ قبول ڪرڻ کان ڊيڄاري ڇڏيو. پڪو صحافي وڏي مهارت سان عام سياسي عمل کي قرون وسطيٰ جي بادشاهن وچ ۾ ٿيندڙ خونريز جنگن سان تشبيهه ڏئي عمران خان کي مقتدره خلاف وڙهي ”فتح يا باعزت موت“ چونڊڻ جو رستو ڏيکاريو.

 حقيقت اها آهي ته امير تيمور پهرين نهايت انڪساري سان بايزيد کي عرض ڪيو هو ته هو سندس دشمنن، قرا يوسف ۽ سلطان احمد، جي مدد نه ڪري، پر  بايزيد مفاهمت واري پيشڪش کي حقارت سان ٺڪرائي جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جو نتيجو عبرتناڪ شڪست جي صورت ۾ نڪتو. ٻي طرف ٽيپو سلطان ۽ انگريزن ۾ مفاهمت جو ڪو امڪان ئي نه هو، ڇو ته اهي ڪنهن آئيني ۽ جمهوري نظام اندر مقابلي ڪندڙ پارٽيون نه هيون، پر ٻئي هٿياربند طاقتون رياست تي حتمي قبضو ڪرڻ لاءِ جنگ وڙهي رهيون هيون. اهڙي دور جي بادشاهن جا جنگي مظاهرا اڄ جي سياسي مشق تي ڪيئن لاڳو ٿي سگهن ٿا؟ ماضي قريب ۾ ڪانگريس جي پليٽفارم تان گانڌي ۽ نهرو جي ”جدوجهد“ علامتي هئي. ايلن اوڪٽويَن هيوم ۽ وليم ويدر برن 1885ع ۾ ڪجهه مقامي ماڻهن سان گڏجي ڪانگريس انهيءَ لاءِ ٺاهي هئي ته انگريز حڪمران نه رڳو 40 ڪروڙ ڀارتي ماڻهن کي مئنيج ڪن پر پنهنجا مقامي جانشين به تيار ڪن. لڳ ڀڳ 50 سالن تي پکڙيل ڪانگريس جي جدوجهد دراصل انڊين قيادت کي سياسي تربيت ڏيڻ جي مشق هئي. نهرو، گانڌي ۽ آزاد جي ”اسيري ۽ آزادي“ اهڙي هئي جو گانڌي جڏهن سياسي مصروفيتن مان ٿڪجي پوندا هئا ته پاڻ ئي جيل وڃڻ جي درخواست ڪندا هئا ۽ جڏهن ٻاهر نڪرڻ چاهيندا هئا ته وائسراءِ کي خط لکي ڇڏبو هو.

ابوالڪلام آزاد جي تحريرن ۾ رانچي جي قلعي ۾ اسيري جو نقشو مغلن جي عيش عشرت ڀري زندگي کان به وڌيڪ دلڪش ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهن مان ڪنهن جي به انگريزن ڪردارڪشي لاءِ ڪرمنل ڪيس نه ٺاهيا، نه ئي برلا ۽ ٽاٽا جهڙن وڏن سرمائيدارن کي تنگ ڪيو، ايتري تائين جو نهرو کي لارڊ ماوئنٽ بيٽن جي بيگم سان رومانس جو موقعو به ملي رهيو. مسلم ليگ جي اڳواڻن جهڙوڪ جناح ۽ ٻين ته آزاديءَ جي جنگ ۾ هڪ ڏينهن لاءِ به جيل نه ڏٺو. حقيقت اها آهي ته انگريزن پنهنجي ئي تيار ڪيل ڪانگريس ۽ ليگ کي اختيار ڏئي نئون نوآباديتي نظام متعارف ڪرايو. پر ڀگت سنگھه ۽ سبهاش چندر بوس جهڙا حقيقي مزاحمتي اڳواڻ ظلم ۽ بيداد جي انتها هيٺ مارجي ويا. ڪانگريس جا قيدي بي ڪلاس ۽ ٻين سهولتن سان جيل ۾ هوندا هئا، پر احرار ۽ خاڪسار جهڙن سان جانورن کان به بدتر ورتاءُ ڪيو ويندو هو.

انگريزن خلاف ڀگت سنگھه جي تحريڪ ٻن ڀيرا نيوي ۽ ايئر فورس ۾ بغاوت پيدا ڪري ڇڏي، جنهن سان تاج برطانيا لرزي ويو. شايد ان ڪري انگريز جلدي ۾ هندستان ڪانگريس ۽ ليگ حوالي ڪري نئون حڪومتي نظام جاري ڪيو. آخرڪار جنگ آزادي جا حقيقي مزاحمتڪار بيوسيءَ جي موت مري ويا. نيلسن منڊيلا، جنهن کي ڪرمنل ڪيسن ۾ 27 سال قيد ۾ رکيو ويو، اڄ به حقيقي آزاديءَ جي جدوجهد جو استعارو سمجهيو وڃي ٿو. ڊگهي قيد باوجود آخرڪار هن سياسي مفاهمت وسيلي ملڪ آزاد ڪرايو. اصل ۾ سياسي مفاهمت جي اصطلاح به منڊيلا ڊيل مان ئي جنم ورتو. جتي ذوالفقار علي ڀٽو جي سزاءِ موت جو تعلق آهي، اتي هو آخري دم تائين مفاهمت جي ڪوشش ڪندو رهيو. ڀٽو جي زال ضياءُالحق کي رحم جي اپيل به ڪئي پر ڀٽو بدقسمتيءَ سان عالمي ۽ مقامي مفادن جي ور چڙهي ويو.

عمران خان جو معاملو تمام مختلف آهي. هو هڪ عام سياسي پارٽيءَ جو اڳواڻ ۽ ڪنٽرول ٿيل سياسي عمل جي پيداوار آهي. خبط عظمت هن کي فتح الله گولن وانگر اهڙي  مهم جوئيءَ تي اڪسايو جيڪا سندس ذهني صلاحيت ۽ حامين جي مزاحمتي طاقت کان ٻاهر هئي. هن مقتدره اندر ويٺل حامين ۽ ٻاهرين قوتن جي سهاري تي رياست کي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ جي جوا کيڏيو ۽ سڄي سياست وڃائي ڇڏي. اڄ هو حالتن جي رحم و ڪرم تي آهي. آمريڪا ۽ مغربي قوتون عمران لاءِ نجات جا رستا ڪڍڻ بدران هن کي اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اوزار طور استعمال ڪري رهيون آهن. نتيجي ۾ هو عالمي ڇڪتاڻ ۾ ڦاٿل آهي، جتي مقتدره کيس جيئڻ نه ڏيندي ۽ آمريڪا کيس مرڻ نه ڏيندو. اسان جي جديد تاريخ ۾ نواز شريف اهو خوش نصيب ليڊر آهي جنهن ٻن ڀيرا مفاهمت وسيلي نه رڳو سياسي بقا حاصل ڪئي پر قومي سياست ۾ پنهنجو ڪردار برقرار رکيو. آصف زرداري جهڙو ڪمزور ماڻهو به سياسي مفاهمت کي هٿيار بڻائي پارٽي تي گرفت مضبوط ڪئي ۽ قومي سياست ۾ پنهنجي لاءِ ڀٽن کان به وڏي جاءِ ٺاهي ورتي. کيس چڱيءَ ريت خبر هئي ته ڀٽو ۽ بينظير عالمي ۽ مقامي مقتدره جا شڪار بڻيا، پر پاڻ آمريڪا ۽ فوج ٻنهي سان مفاهمت وسيلي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻايو.

ارسطو چيو هو ته ”سياست معاشري جي جهيڙيندڙ طبقن جي وچ ۾ مفاهمت جو آرٽ آهي.“ خان مفاهمت جي هنر کان عاري آهي. جيڪڏهن کيس مفاهمت جو ڪو موقعو ملي ته ضرور قبول ڪرڻ گهرجي، ڇو ته خدشو آهي ته عالمي ۽ مقامي مقتدره کيس اها سهولت ڪڏهن به نه ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.