ٿرپارڪر جيڪو سنڌ جو سڀ کان پوئتي پيل ۽ وسيلن سان مالا مال ريگستاني ضلعو آهي، اتي موسمي تبديلي سان نوان خطرا جنم وٺي رهيا آهن، جتي اڳي برسات خوشيءَ جو سبب سمجهي ويندي هئي،اڄ اها خوف، موت ۽ تباهيءَ جي علامت بڻجي وئي آهي، خاص طور تي وڄ ڪرڻ جا واقعا جيڪي ماضي ۾ انتهائي گهٽ ٿيندا هئا،هاڻي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪا آهن،2018 کان وٺي اڄ تائين سوين انساني حياتيون ۽ هزارين جانور انهن واقعن جو شڪار ٿي چڪا آهن، ان سلسلي ۾ ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب سال 2018ع کان 2025ع تائين ٿر ۾ 350 کان وڌيڪ ماڻهو کنوڻ ڪرڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن،2023 کان 2025 جي وچ ۾ ئي 60 ماڻهو کنوڻ ڪرڻ سبب فوت ٿي چڪا آھن ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن ۽ 1600 کان وڌيڪ مال جا جانور مري چڪو آھي،ڪيترائي واقعا اهڙا آهن،جيڪي رپورٽ ئي نٿا ٿين، خاص ڪري پري پري وارن علائقن ۾ جتي نيٽورڪ ناھي اتي ٿيندڙ واقعا گھٽ رپورٽ ٿين ٿا.
گذريل ٻن سالن ۾ کنوڻ ڪرڻ جا ڪيترائي دل ڏاريندڙ واقعا پيش آيا آهن ٻه سال اڳ مٺي ڀرسان ھندن جي مرشد فقير پار برهم جي ميلي ڏانهن ويندڙ ڇهه هندو نوجوانن تي وڄ ڪري پئي ھئي ۽ جو فوت ٿي ويا ھئا،گذريل سال نگرپارڪر ڀرسان ڳوٺ اڪراڙو ۾ پوري ڪٽنب تي وڄ ڪري پئي ھئي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ھئا،رڳو گذريل ٽن هفتن دوران ڪلوئي ۽ ننگرپارڪر جي ڳوٺن ۾ 6 ماڻهو کنوڻ ڪرڻ سبب فوت ٿيا، جڏهن ته مھينو اڳ ننگرپارڪر جي روڊ تي هڪ موٽرسائيڪل تي وڄ ڪري پئي ۽ موٽرسائيڪل سوار وڄ جو شڪار ٿي ويو، اھڙي نموني گذريل مھيني اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جي ڳوٺن ۾ وڄ ڪرڻ سبب 400 ٻڪريون ۽ رڍون مري ويون انھي سان گڏ 4 اٺ ۽ 10 ڍڳيون به نشانو بڻيون،
ٿر جي مقامي سياسي سماجي اڳواڻن،صحافين، ليکڪن، ڪارڪنن توڙي مقامي ماڻھن جو چوڻ آهي ته اهڙا واقعا اڳ ۾ ايترا عام نه هئا پر 2018-19 کانپوءِ تيزي سان وڌيا آهن،”ڪول بلاڪ I ۽ II تي کليل کوٽائي دوران ڪمپنين جي پاور پلانٽن مان نڪرندڙ دونهين ۽ گئسن ٿر جي نازڪ ماحول کي شديد متاثر ڪيو آهي، اڳي جتي برسات خوشي هئي، اڄ اها ڏک، خوف ۽ موت بڻجي چڪي آهي.”1958 واري ڪلائيميٽ هٽ ايڪٽ تحت وڄ ڪرڻ جي متاثرن کي 2 لک کان 5 لک رپين تائين معاوضو ڏيڻ جي گنجائش آهي، پر ٿر ۾ ڪنهن به خاندان کي اڃا تائين ڪا امداد نه ملي آهي، ٿرڪول بلاڪن تي جيڪا سي ايس آر فنڊز استعمال ٿي رھيو آھي اها ھن مسئلي تي مھم ھلائڻ بدران خاموش آھي، ٿر واسين موجب ته صرف هن برساتي موسم دوران ئي 10 کان وڌيڪ هنڌن تي کنوڻ ڪري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو ۽ سوين جانور مري چڪا آهن،”2023ع ۾ مٺي ۾ ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو هو ته 2500 ڳوٺن ۾ lightning arresters لڳايا وڃن،پر ٻه سال گذري ويا،ڪجهه به عمل ناھي ٿيو،خاص طور تي ڪول بلاڪن جا ڀرپاسي وارا علائقا وڄ جي اثر هيٺ آهن،ضلع ڪائونسل پاران مهران يونيورسٽي کي تحقيق لاءِ لکيو ويو، پر ڪا سائنسي جاچ نه ناھي ٿي، وڄ هڪ عالمي فطري عمل آهي پر آخري سالن ۾ اها شدت سان وڌي آهي earthing rods لڳائڻ سان وڏو جاني ۽ مالي نقصان بچائي سگهجي ٿو،”آويئر آرگنائيزيشن”جي CEO علي اڪبر راھيمون ٻڌايو ته هنن چاچرو ڀرسان ڏهه ڳوٺن ۾ earthing rods لڳايا آهن،جنهن کانپوءِ انهن ڳوٺن ۾ ڪو وڏو نقصان نه ٿيو آهي”جتي rods ناهن لڳا اتي ماڻهو خوف هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن،ٿر واسين جو چوڻ آهي ته اربين روپيا ADP ۽ SDG تحت خرچ ٿي رهيا آهن پر سندن تحفظ لاءِ ڪجهه به نه پيو ٿئي اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ايندڙ بجيٽ ۾ هر ڳوٺ ۽ شهر لاءِ lightning arresters لاءِ فنڊ مختص ڪيو وڃي، ھوڏانھن ٿرڪول ڪمپنين جو موقف رھيو آهي ته موسميات کاتي جي تحقيق مطابق ڪول مائننگ ۽ وڌندڙ وڄ جي واقعن جي وچ ۾ ڪو سائنسي تعلق ناهي.ياد رهي ته ٿر ۾ برسات جيڪا ڪڏهن خوشيءَ جي علامت هئي اڄ خطري جي علامت بڻجي وئي آهي، وڄ ڪرڻ جا واقعا تيزي سان وڌي رهيا آهن،جن جو ممڪن تعلق ماحولياتي تبديلي ۽ ڪول منصوبن سان جڙيل آهي،مقامي ماڻهو حڪومتي ادارن ۽ منصوبن جي بيحسي تي ڳڻتي ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ مطالبو ڪري رهيا آهن ته earthing systems، awareness مهم ۽ early-warning systems تي عمل ڪري انساني جاني ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي،
ھن وقت ٿر ۾ تمام گھڻو ضروري آھي ته ھر ڳوٺ ۾ گھرن،اسڪول،اسپتالن سميت عبادتگاهن تي ارٿ راڊون لڳايون وڃن، برساتن دوران ايف ايم ريڊيو توڙي لوڪل الرٽ ذريعي اطلاع ڏنا وڃن،جاڳرتا مهم ذريعي مقامي ٻولين ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن،شھرن،اسڪولن پروگرام وغيره منعقد ڪري عوام کي آگاھي ڏني وڃي،تحقيقاتي ادارن جي سنجيده تحقيق ڪرائي وڃي،مهران يونيورسٽي ۽ ٻين علمي ادارن کي آزاد ۽ جامع تحقيق ڪرڻي پوندي ته جيئن خبر پوي کنوڻ ڪرڻ جا اصل ڪارڻ ڪھڙا آھن،سرڪاري فنڊن جو شفاف استعمال،ڪول رائلٽيز ۽ CSR فنڊز جو صحيح استعمال يقيني بڻائڻ سان ڪافي حد تائين مسئلو حل ٿي سگھي ٿو،
ٿر جا ماڻهو جيڪي اڳي برسات جو انتظار ڪندا هئا،هاڻ آسمان ڏسي ڊڄن ٿا،آسماني بجلي جي خطرناڪ واڌ،وسيلن جي کوٽ،حڪومتي لاپرواهي ۽ ماحولياتي تبديلي هڪ گڏيل بحران کي جنم ڏئي رهي آهي،ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٿر جي ماڻهن جي زندگين کي ترجيح ڏني وڃي،ترقياتي منصوبن جي قيمت تي انهن جون حياتيون قربان نه ٿين،
ٿر جا ماڻهو جيڪي اڳي برسات جو انتظار ڪندا هئا، پر هاڻ آسمان تي ڪڪر ڏسي ڊڄن ٿا،کنوڻ ڪِرڻ جي خطرناڪ واڌ ،وسيلن جي کوٽ، حڪومتي لاپرواهي ۽ ماحولياتي تبديلي هڪ گڏيل بحران کي جنم ڏئي رهي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٿر جي ماڻهن جي زندگين کي ترجيح ڏني وڃي،ترقياتي منصوبن جي قيمت تي انهن جون حياتيون قربان نه ٿين،