مان عورت آھيان
پر رڳو چوڙين جي ڇڻڪار ناھيان،
نه ئي ڪنگڻن ۾ قيد
خاموش صدائن جو نالو آھيان.
مان اُن تاريخ جو ورق آھيان
جيڪو اوهان ساڙي ڇڏيو آ،
پر منهنجي رک مان
هر ڀيري نئون سوال اُڀري ٿو.
مان اُها ماءُ به آھيان
جيڪا شهيدن کي جنم ڏئي ٿي،
۽ اُها ڌيءَ به
جيڪا تقدير سان ٽڪر کائي ٿي.
منهنجي چُپ کي ڪمزوري نه سمجهو،
هيءَ طوفان کان اڳ واري خاموشي آهي.
جڏهن مان ڳالهائينديس
ته ديوارون لرزنديُون،
۽ صديون پراڻا قانون
مٽي ٿي ويندا.
مان پنهنجي حق لاءِ
هاڻي سوال نه ڪنديس،
مان اعلان ڪنديس
ته منهنجي وجود تي
ڪنهن جو به اختيار نه آهي.
مان محبت به آھيان،
پر جيڪڏهن ضرورت پئي
ته انقلاب به بڻجي وينديس.