احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ ٽيمن وچ ۾ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جو فائنل سڀاڻي احمد آباد ۾ کيڏيو ويندو، جتي ٻئي ٽيمون پنهنجي بهترين راند ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن.
احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، جيڪو پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، فائنل مقابلي لاءِ نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي وچ واري پچ جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جي تياري ۾ ڳاڙهي ۽ ڪاري مٽي جو استعمال ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، تجزئي نگارن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن جو خيال آهي ته اها پِچ عام طور تي بيٽنگ لاءِ سازگار هوندي، ميچ دوران گرمي پد لڳ ڀڳ 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
واضح رهي ٻه هفتا اڳ احمد آباد ۾ ڪاري مٽي واري پچ تي ڀارت کي ڏکڻ آفريڪا کان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو، تنهنڪري ڀارتي ٽيم هاڻي قسمت بدلائڻ لاءِ تيار آهي.
رانديگرن کي بي ڊپي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو پيغام ڏنو آهي: سوريا ڪمار يادَو
ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو چيو آهي ته ٽيم گذريل ٻن سالن کان هڪ واضح مقصد سان اڳتي وڌي رهي آهي ۽ هاڻي اهو سفر ساڳئي اسٽيڊيم تي اچي پهتو آهي جتي 2023ع ۾ ٽيم کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي فائنل کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو چيو ته ٽيم جي رانديگرن کي رڳو هڪ ئي پيغام ڏنو ويو آهي ته ميدان تي بي خوف ٿي کيڏن ۽ ڏکين حالتن ۾ بهادري سان مقابلو ڪن.
سندس چوڻ هو ته ڊريسنگ روم ۾ اهڙا ڪيترائي رانديگر موجود آهن جن کي آءِ سي سي ٽورنامينٽس جو وڏو تجربو آهي ۽ هو دٻاءُ واري صورتحال ۾ پاڻ سنڀالڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
سوريا ڪمار جو چوڻ هو ته ٽيم اندر رانديگرن وچ ۾ راند دوران پيش ايندڙ ڏکين حالتن بابت مسلسل ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن، جيڪي ٽيم کي بهتر فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته ميگا ايونٽ ۾ ٽيم جي قيادت ڪرڻ خاص احساس آهي ۽ مڃان ٿو ته ٿورو دٻاءُ به هوندو آهي، پر اهڙين حالتن ۾ ئي کيڏڻ راند جو اصل مزو آهي.
ورلڊڪپ کٽڻ لاءِ ڪجهه دليون ٽوڙڻ ۾ ڪو حرج ناهي: مچل سينٽنر
ان کان اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مچل سينٽنر چيو هو ته جيڪڏهن ورلڊڪپ ٽرافي کٽڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن جون اميدون ٽٽنديون ته اِهو هن جو مسئلو نه آهي.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي فائنل کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي سينٽنر چيو ته اسان گذريل 11 سالن دوران آءِ سي سي جي وائيٽ بال فارميٽ جا پنج فائنل کيڏي چڪا آهيون پر اڃا تائين ڪو به ٽائيٽل نه کٽي سگهيا آهيون، تنهنڪري هن ڀيري ٽرافي کٽڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته ”مان ٽرافي کٽڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن ان لاءِ ڪجهه دلين کي ٽوڙڻو پوي ته به مون کي ڪو اعتراض ناهي.“
مچل سينٽنر چيو ته اسان جي ٽيم سدائين ڪوشش ڪندي آهي ته حالتن يا مخالف ٽيم کان گهڻو متاثر نه ٿئي ۽ هڪ يونٽ طور پنهنجي راند تي ڌيان ڏئي.
هن چيو ته ڪيوي ٽيم ڄاڻي ٿي ته شايد اسان کي فيورٽ نٿو سمجهيو وڃي، پر جيڪڏهن اسان پنهنجون ننڍيون شيون صحيح نموني ڪيون ۽ گڏيل ڪارڪردگي ڏيکاريون ته ٽرافي کٽڻ جو سٺو موقعو ملي سگهي ٿو.