بئراجون اهي پاڻي واري انجنيئرنگ جون اڏاوتون آھن، جيڪي درياهن جي وهڪري کي سنڀالڻ لاءِ ٺاهيون وينديون آهن۔ سڄي سنڌ کي خبر آھي ته بئراجن مان ئي اسان جو آبپاشي نظام ڦٽي نڪري ٿو۔ ان کانسواءِ ڪراچي سوڌو سنڌ جي وڏن شھرن کي پاڻي جي فراهمي پڻ بئراجون پنھنجن واھن وسيلي ڪن ٿيون ۔ بئراج ٻوڏن جي روڪٿام لاءِ پڻ اسعمال ۾ آنديون وينديون آھن . انتهائي وڏين ٻوڏين جي حالتن ۾، انهن جا دروازا عام طور تي مڪمل طور کوليا ويندا آهن ته جيئن پاڻي جي آزاد گذر کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙي حالت ۾ بئراج هائيڊرولڪ رڪاوٽ گهٽائي ڇڏين ٿا ۽ پل وانگر ڪم ڪرڻ لڳن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن جي هيٺان پاڻي آزاديءَ سان وهي ٿو ۽ مٿان گهڻو ڪري روڊ به هوندا آهن جيڪي درياهه جي ٻنهي ڪنارن کي ملائين ٿا. ان انجنيئري جي مسئلي بابت ويچار ونڊيون ٿا۔ ان جي ضرورت ان لاءِ پيش آئي جو ڪجهه خبرون بئراج جي ڪجهه دروازن جي بند ٿيڻ بابت آيون۔ سمجھڻ گھرجي ته سنڌ ۾ 30 آگسٽ تائين ڪنھن به بئراج تي وڏي ٻوڏ ڪونھي ان موضوع بابت عالمي مثال ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم جو ڳالهه سمجھڻ ۾ آساني ٿئي۔
دروازن جو آپريشن ۽ هائيڊرولڪ رويوؒؒ: وڏين ٻوڏين کان اڳ، بئراج تي پاڻي کي جزوي طور سنڀاليو ويندو آهي ته جيئن آبپاشي ۽ ٻين ضرورتن لاءِ گهربل سطح برقرار رهي ( يعني سڀ گيٽ مڪمل طرح کليل نه ھوندا آھن) . جڏهن پاڻي مخصوص حد کان مٿي ٿي وڃي ٿو ته سڀئي دروازا مڪمل طور کوليا وڃن ٿا ته جيئن اضافي پاڻي کي بنا ڪنھن رڪاوٽ جي ھيٺ نيڪال ڪري سگهجي. مثال طور، ھڪ بئراج جون آپريشنل هدايتون ٻڌائن ٿيون ته سڀئي کڄندڙ دروازا پاڻي جي سطح کان مٿي ڪري ڇڏيا وڃن ته جيئن وهڪري ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي ۽ ترندڙ ڪاٺ يا گند نه اٽڪي، ته جيئن گيٽن جي ريگيوليشن ۽ بناوٽ کي ڳرو ترندڙ بنڊ وغيرہ نقصان نه رسائي ۽ وهڪرو برابر ورهائجي (Bureau of Indian Standards, 2012). اهڙي عمل سان ٻوڏ کي منھن ڏيڻ ۽ بئراج وٽان ٽپائڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ بئراج جي اڏاوت تي گهٽ دٻاءُ پوي ٿو.
هائيڊرولڪ طور، مڪمل کولڻ سان بئراج جو ڪردار پل جهڙو ٿي وڃي ٿو، جتي صرف پلر يا پيئر باقي رهن ٿا، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽ وجهن ٿا (Ministry of Land, Infrastructure, Transport and Tourism, n.d.). اهڙو آپريشن پاڻيءَ جي وڌندڙ سطح تي دارومدار رکندو آهي ته جيئن ٻوڏ جي پيڪ ( وڌ ۾ وڌ مقداري سطح) وقت وهڪرو بنا ڪنهن اوچتو تبديليءَ جي محفوظ طريقي سان گذري وڃي (India Water Resources Information System, 2012). بئراجن ۾ گهڻو ڪري پل جهڙا حصا به شامل هوندا آهن جيڪي ٽرانسپورٽ/ آمدورفت کي بهتر ڪن ٿا ۽ ٻوڏ وقت دروازن کي کولڻ سان اضافي پاڻي کي نيڪال ڪيو ويندو آهي.
مثال: تازو، خانڪي بئراج پاڪستان ۾ هڪ اهم مثال طور سامهون آيو، جتي تازين ٻوڏن دوران هڪ ملين ڪيوسڪس( ڏھ لک) کان وڌيڪ پاڻي گذري ويو ۽ انتظاميا جي تصديق موجب سڀئي دروازا مڪمل طور کوليا ويا هئا. هيءَ ڪارروائي نه صرف وهڪري کي محفوظ رکڻ لاءِ پر بئراج جي پل جهڙي ڪردار کي به ظاهر ڪري ٿي، جنهن سان درياهه جي ٻنهي ڪنارن کي ملائيندڙ 1,336 ميٽر ڊگهي روڊ پل پڻ مقامي ٽرانسپورٽ ۽ معيشت کي سهارو فراهم ڪري رهي آهي (SMEC, n.d.; Asian Development Bank, n.d.).
ٻيا مثال پڻ هن نقطي کي ثابت ڪن ٿا: ٽيئس بئراج (برطانيا) هڪ ئي وقت ٻوڏ تي ڪنٽرول/ ضابطو ۽ روڊ پل طور ڪم ڪري ٿو، جيڪو وهڪري کي سنڀالي ٿو (Environment Agency, 2009). نگراگاوا ايسچوئري بئراج (جاپان) ۾ جڏهن وهڪرو 800 m³/sec تائين پهچي ٿو ته سڀئي دروازا مٿي ڪري ڇڏيا وڃن ٿا ۽ اهو پل وانگر ڪم ڪرڻ لڳي ٿو (Ministry of Land, Infrastructure, Transport and Tourism, n.d.).
نڪڊونگ ريوَر ايسچوئري بئراج (ڏکڻ ڪوريا) نه رڳو ٻوڏ ڪنٽرول ڪري ٿو پر مغربي ۽ اوڀر علائقن کي ملائيندڙ پل پڻ فراهم ڪري ٿو، ۽ ٻوڏ وقت سيڊيمينٽ فلشنگ/ لٽ کي ڪڍڻ جو ڪم به ڪري ٿو (K-water, n.d.). ڊيزائن جا پهلو پڻ انهيءَ ڳالهه جي تائيد ڪن ٿا ته هر حال ۾ دروازا مڪمل کوليا وڃڻ ضروري ناهي، پر وڏي ٻوڏ جي حالتن ۾ کليل پوزيشن کي ترجيح ڏني ويندي آهي ته جيئن پاڻي جي توانائي کي محفوظ طريقي سان گھٽائي سگهجي ۽ وهڪري کي رڪاوٽ کان آزاد رکيو وڃي (National Water Academy, 2019).
مٿيان مثال واضح ڪن ٿا ته انتهائي وڏين ٻوڏين ۾ بئراجن جا دروازا مڪمل کوليا وڃن ٿا ته جيئن وهڪري کي ڪنھن رڪاوٽ کانسواءِ گذرڻ ڏنو وڃي، ۽ اهڙي حالت ۾ اهي پل وانگر ڪم ڪن ٿا. هي عمل نه ٻوڏ ڪنٽرول کي بهتر بڻائي ٿو. خانڪي بئراج جو تازو تجربو انهيءَ جو عملي مثال آهي، جتي محفوظ ۽ موثر طريقي سان گڏ ھڪ وڏو وھڪرو بئراج کي ڇيھو رسائڻ کانسواءِ گذري ويو۔ اميد ته آبپاشي کاتو پنھنجون ذميداريون پروفيشنلي طور نڀائيندو ۽ عام سنڌ لاءِ پنھنجي ساک بحال ڪندو