دادو ضلعي جو تاريخي ۽ قديم ڳوٺ ميان نصير محمد ڪلهوڙو، جيڪو ڪلهوڙا حڪمران جي نالي پٺيان ٻڌل آهي، اڄ جي هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. ڪاڇي جي تاريخي ڳوٺ ميان نصير محمد ڪلهوڙو جا رهواسي، پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ سڪي رهيا آهن. علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ قائم ڪيل واٽر سپلاءِ اسڪيم پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي جي ڪري سالن کان غير فعال بڻيل آهي، جنهن سبب مقامي آبادي ميلن جو پنڌ ڪري، گندن تلاون ۽ واٽر ڪورسن مان گدلو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي ڀرڻ تي پڻ مجبور آهن هي آلوده پاڻي واپرائڻ سبب علائقي واسين ۾ پيٽ جون مختلف بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته چونڊيل نمائندا رڳو ووٽن جي موسم ۾ نظر ايندا آهن ۽ مسئلا حل ڪرائڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري غائب ٿي ويندا آهن. 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب علائقي جو بنيادي ڍانچو مڪمل طور تباهه ٿي ويو هو، پر اڄ ڏينهن تائين بحاليءَ جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي ڏٺو وڃي ته جوھي تعلقو تيل گئس سان مالا مال آھي ھتان جو تيل گئس مقامي ماڻهن کي ڏيڻ بدران ٻين شهرن ڏانهن موڪليو ويندو آھي.
ڳوٺ ميان نصير محمد ڪلهوڙو جا متاثر حڪومت سنڌ، ضلعي انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته ڪاڇي جي قديمي ڳوٺ ميان نصير محمد ڪلهوڙو ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ۽ غير فعال واٽر سپلاءِ اسڪيم کي فوري طور تي فعال ڪري کين هن عذاب مان نجات ڏياري وڃي.
برڪت علي لغاري/ ڪاڇو