ڪالهه اسان ”برساتون: حڪومتي بدانتظامي جو آئينو به آهن ته سبق به“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو هو هو جنهن ۾ حڪومتن کي اڳواٽ حفاظتي انتظامن بابت ڪجهه صلاحون ۽ تجويزون ڏنيون هيون، انهن صلاحن ۽ تجويزن ۾ هڪ اها به هئي ته هن چؤماسي جي برساتي موسم ۾ اهان جيڪي حفاظتي انتظام ڪيا يا جيڪي تياريون ڪيون تنهن جي هاڻوڪن نتيجن کي ڏسي انهن جي روشني ۾ اڳتي لاءِ تياريون ڪرڻ جو سوچڻ گهرجي. مثال طور جيڪڏهن ڪراچي کي ڏسجي ته اهو سوچجي ته هن ڀيري شاهراهه فيصل سميت وڏين شاهرائن روڊن رستن تي ڪيترو پاڻي بيٺو ۽ ڪيترو جلد انهن جو نيڪال ٿيو، پوين سالن وارين برساتن جي روشني ۾ هيل جيڪا تياري ڪئي وئي تنهن جا ڪهڙا نتيجا نڪتا. ايئن اهو به ڏسڻ گهرجي ته شهر جي اندرين علائقن ۾ برساتن جي ڇا صورتحال رهي. اندرين روڊن ۽ رستن تي پاڻي ڪيترو بيٺو ۽ ڪيترو جلد انهن جو نيڪال ٿيو، پوين سالن وارين برساتن جي روشني ۾ هيل جيڪا تياري ڪئي وئي تنهن جا ڪهڙا نتيجا نڪتا. ايئن اهو به ڏسڻ گهرجي ته شهر جي اندرين علائقن ۾ برساتن جي ڇا صورتحال رهي. اندرين روڊن ۽ رستن تي پاڻي ڪيترو بيٺو ۽ ڪيترو نيڪال ٿيو يا نيڪال ئي نه ٿي سگهيو.
هن ڀيري سنڌ حڪومت اها ته دعويٰ ڪري رهي آهي ته وڏين شاهرائن ۽ روڊن تان جلد پاڻي نيڪال ڪرايو ويو پر اهي شڪايتون عام آهن ته ننڍن علائقن ۾ پاڻي تلاءُ بڻجي بيٺل آهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا شهرن جي اندرين علائقن ۾ رودن رستن تي جيڪو اڃان تائين پاڻي بيٺل آهي تنهن جو نيڪال جو اڳواٽ انتظام نه ڪيو ويو هو جيڪڏهن نه ڪيو ويو هو ته اهو به هيلوڪي چؤماسي جي برساتي موسمن جي خراب انتظامن جي نتيجن مان هڪ سبق ٿي سگهي ٿو. سکڻ تي اچجي ۽ هيلوڪي برساتن جي ڪيل انتظامن جي نتيجن مان سکجي ته اهو به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هلندڙ برساتن ۾ رستن تان پاڻي ڪڍڻ جو ڪيئن انتظام ڪجي، ڪيو ويو يا اڃان ان کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
اهو سڀ سوچڻ ان ڪري ضروري آهي ته چؤماس جي موسم جي برساتن جا اسپيل ملڪ ۽ سنڌ صوبي ۾ اڃان اچڻا آهن ۽ ترت ئي نوان حفاظتي انتظام وري ڪرڻا آهن. سو جيڪي انتظام ڪرڻ کان رهجي ويا هيا سي هاڻي ڪيا ويا وڃن، شهرن جا جيڪي وڏا ننڍا نالا بند آهن، کلي نه سگهيا سي هاڻي کوليا وڃن ۽ سنڌ ۾ 27 آگسٽ کان ايندڙ نيئن برساتي اسپيل کان اڳ شهرن جي اندرين علائقن روڊن رستن تي بيٺل پاڻي کي ڪڍڻ جو هنگامي بنياد تي بندوبست ڪرڻ گهرجي.
ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ هلندڙ برسات دوران ڪجهه وزيرن سان گڏ جيڪو شهر جو دورو ڪيو هو تنهن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجن انتظامن ۽ ڪارڪردگي بابت گهڻو ڪجهه ڳالهايو هو ۽ چيو هو ته دنيا اندر توڙي ملڪ ۾ جتي به برساتون پونديون آهن ته غير معمولي حالتون پيدا ٿي وينديون آهن سو اهو مسئلو رڳو سنڌ جو ناهي باقي ايترو ڪم ضرور ٿيو جو رات جو پاڻي رستن تي بيٺل هو ته اهو ته صبح تائين اهو نيڪال ٿي چڪو هو. هن چيو ته ميڊيا جو اهو به ڪم آهي ته اها عوام کي شعور ڏي ته هلندڙ برساتن ۾ روڊن تي نه اچي ته جيئن اهو ڪنهن به ناگوار حالتن ۽ تڪليفن کان محفوظ رهي سگهي. ان بابت پنهنجو خيال آهي ته جڏهن به تيز برساتن جي موسمي اڳڪٿي ٿئي ته عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن آفيسن لاءِ ماڻهو گاڏيون ۽ اسڪوٽر ٻاهر نه ڪڍن. اهڙا وقتائتا فيصلا به حڪومتن کي ڪرڻ گهرجن عام طور تي اهڙن موقعن تي صرف تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا آهن جڏهن ته هنگامي حالتن ۾ ٻيا سرڪاري ادارا ۽ آفيسون به بند ڪري سگهجن ٿيون.
وڏي وزير اهو به چيو هو ته مڪاني سطح تي نمائندن ۽ ادارن کي به متحرڪ ٿيڻ گهرجي هن اهو به چيو ته 100 ملي ميٽر في ڪلاڪ برسات پوي ته ڪوبه شهر کي فوري سنڀالي نٿو سگهي، اهڙو نظام ٺاهڻ لاءِ سڄو شهر ٻيهر کوٽڻو پوندو جنهن لاءِ اربين ڊالر ۽ ڪيترائي سال گهربل آهن. اها ڳالهه ان حڪمران پارٽي جو وڏو وزير ڪري رهيو آهي جيڪا لاڳيتو چار ڀيرا چونڊجي حڪومت ڪري رهي آهي ۽ جنهن جي حڪومت ۾ هر سال چؤماسي جي برساتي موسم به ايندي رهي آهي ته ٻوڏون به اينديون رهيون آهن. جڏهن ته ان موقعي تي وڏو وزير اهو به اعتراف ڪندي ٻڌو ويو ته ڪراچي ۾ برساتي نظام عالمي معيار مطابق ڊيزائن ڪيل آهي. سو سوال اهو آهي ته ڪراچي ۾ جيڪو عالمي معيار جو برساتي نظام ڊيزائن ٿيل آهي تنهن کي موجوده حڪومت وڌائڻ لاءِ پاڻ ڪيترو ڪم ڪيو آهي. هن ٻين ادارن جهڙوڪ ڪنٽومينٽ بورد، ڪي ڊي اي، ڪائونسلرز يا ڪي ايم سي بابت به ڳالهايو ته هر ادارو پنهنجي طور ڪم ڪري ٿو تنهن ڪري ڪو به مربوط نظام ناهي. ان ڏس ۾ هن تجويز ڏني ته هڪ مرڪزي اٿارٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا سڀني ادارن تي نظر رکي ۽ باقاعدي نگراني رکي.
اسان هتي رڳو سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي شهر ڪراچي تائين برساتي موضوع کي محدود رکيو آهي ته اندازو لڳايو ته جيڪڏهن حڪومت صرف ڪراچي کي ئي برساتن ۾ سنڀالڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندي هجي ته باقي سڄي سنڌ جي وڏن ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين جي ڇا حالت هوندي. سو هن اشوءَ تي هر هر لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ به هن معاملي جي جائزي وٺڻ ۽ انهن انتظامن کي اڳتي لاءِ بهتر ڪرڻ تي فوري طور تي سوچڻ ۽ هنگامي بنيادن تي اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته 27 آگسٽ کان سنڌ ۾ وري نئون برساتي سسٽم داخل ٿيڻو آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ حڪمران يقينن پنهنجي ڪارڪردگي، ڪوتاهين ۽ مجبورين جو به ذڪر ڪندا جن جي روشني ۾ يقينن نيون تجويزون به اچي سگهن ٿيون. بهرحال حڪومت کي 27 آگسٽ تي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ نئين برساتي سسٽم بابت اڄ کان ئي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ گهرجي ۽ برساتي حفاظتي انتظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجا سمورا انتظامي وسيلا استعمال ڪري ته جيئن 19 آگسٽ کان 21 آگسٽ واري بدانتظامي جو ايڪشن ري پلي نه ٿي سگهي.