شاھده، ڪراچي وڃڻ لاءِ گهران نڪرڻ مهل چيو ته ”سڀاڻي سر پرويز جي برٿ ڊي آهي، تون ان تي لکجان۔“ آئون ساڻس هائوڪار ڪري، کيس الوداع ڪري، آفيس لاءِ تياري ۾ لڳي ويس۔ جڏهن تيار ٿي آفيس لاءِ نڪتس ته دل جي دنبوري تي خيال جي تند ڇڙي سڀاڻي پرويز جو جنم ڏينهن آهي، من چيو توکي پرويز تي لکڻ گهرجي، ڏاڪڻيون لهي، دروازو کولي جيئن ئي ٻاهر آيس ته پنهنجي ننڍڙي اڱڻ ۾ ٻيٺل موتئي جي گلن تي نظر پئي، جيڪي بڊي جي بارش ۾ سنان ڪري ڪنهن صوفي جي اندر وانگر اجرا ٿي پيا هئا چوڌاري سندن مٺي مٺي خوشبوءَ ساھ کي معطر ڪري رهي هئي، خيال آيو پرويز جي مرڪ به ته موتئي جي گل وانگر اجري ۽ معطر ڪندڙ هئي، پوءِ ياد آيم ته ڳوٺ ۾ هڪ ڀيري سندس جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا ڏيندي چيو هئم ” پرويز جڏهن مسڪرائيندو آهي، تڏهن سندس اکيون به مسڪرائينديون آهن، ۽ جن جون اکيون ۽ چپ گڏ مسڪرائيندا آهن، اهي منافق ناهن هوندا۔“ خيالن جو ربط ٽٽو ته آفيس ۾ ويٺو هئس، ڪيئن آيس، ڪٿان آيس ڪنهن سان سلام دعا ڪيم ڪهڙو مزدور رهجي ويو سڌ ئي ڪونه پئي!
پرويز جي شخصيت بابت سوچيندي، ڄڻ سنڌو نديءَ تان ڪنهن نيرڳيءَ وانگر ڪنهن صوفي شاعر جي سٽ ذهن جي امبر تي اوڀاري لهواري اڏامڻ لڳي:
”سامي هلن هيڪلا، پاڻ ڇڏيائون پوءِ “
سوچيم شاعر ڪهڙي اڪيلائي جي ڳالهه ٿو ڪري، فرد جي هجوم کان ٽٽڻ جي اڪيلائي يا فرد جي انفراديت جي اڪيلائي ته گرو (شيخ اياز) جو شعر رهنمائي جون اکيون بڻجي پيو:
هي اڻ ڄاڻ ڄاڻو، هي بي سمجهه سمجهو،
ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو۔
سوچيم پرويز حوالين جي هجوم ۾ اڪيلو مجسم عمل هو، چپن تي هلڪي طنزيه مرڪ تري آئي، انهن جي ڀورائيءَ تي جيڪي ڳالهين ۾ انقلاب آڻيندا آهن۔
پرويز حد درجي جو حساس شخص هو پيءُ ماءُ جي وفات ۽ سڄي خاندان جي ڪراچي مستقل رهائش باوجود، هو ڳوٺ وڃي پنهنجي گهر جي ڪشادي اڱڻ تي، ٻانهون سراڻو ڪري، سانتيڪو ليٽي، ستارن کي چوندو هو ته ” هي خاموشيءَ جي سنهڙن سرن ۾ ويڙهيل اڱڻ، ڪڏهن ٽهڪن جي سرگم سان ڀرپور زندگيءَ جو پهاڙي راڳ هو ۽ پوءِ ڪنهن ستاري جي لاٽ ۾ کيس پيءُ ماءُ جي مرڪ جي ٻاجهاري جهلڪ نظر ايندي هئي، مون سندس ان ڪيفيت تي هڪ غزل جو بند هيئن لکيو هو:
ماءُ جي ۽ پيءُ جي يادگيرين جي تڙپ،
سور مان تارا تڪڻ، ڳوٺ جي آ زندگي۔
هو جڏهن انهن ڪيفيتن ۾ هوندو هو تڏهن ڏکڻ جي ٿڌي هواءِ سندس وارن ۾ ماءُ جي شفقت ڀرين آڱرين وانگر ڦرندي هئي ۽ هو سپنن جو شهزادو بڻجي ويندو هو۔
باک ويلي سنڌوءَ جي سيني مان روشني جا ڪرڻا ڄڻ سندس ماءُ جو آواز ٿي چوندا هئس ” پپو او پپو! ابا سج مٿي چڙهي آيو آهي، شاباس بابا اندر وڃي سمهھ“ ايئن جدائي جي درد سان تروتازه ٿي هو وري منهنجي اداس ديس جي اٻوجھه ماڻهن جا اهنج گهٽائڻ ۾ جنبي ويندو هو۔
لفظ سوشل ورڪر يا سماجي ڪارڪن جو اصل مفهوم هئي پرويز جي زندگي، سندس وجود جي بناوٽ ۾ سنڌ جي تصوف جو گلاب عرق پيل هو، هن سماجي ڪم کي وڏيرو ٿيڻ لاءِ نه پر عبادت سمجهي ڪيو، هي دور جنهن ۾ اسان جيئون ٿا، اهو دور معيار جي ڏيوالپڻي جو دور آهي، ماڻهو شخصي طور نم مان ڇڻيل پيلن پنن جيان هلڪڙا ٿي پيا آهن، پنهنجي ذات جي مشهوري جي پويان انڌي گهوڙي وانگر ريس ۾ آهن، پئسي کي دين ڌرم بڻائي رشتن جي مرياڌا کي قتل ڪري ڇڏيو اٿن، اخلاق جي منصب تان ڪرڻ جي ڪا حد ئي ڪونه اٿن، اهڙي غير معياري دور ۾ پرويز هڪ اعليٰ معيار جو شخص هو، هو هڪ اهڙو شخص هو جيڪو انسانيت جو وجود بچائڻ لاءِ سرگردان هو، جنهن لاچار ماڻهن جي لڙڪن جي ڪوساڻ ۾، پنهنجي دل کي جلندي محسوس ڪيو، انهن جي ڀلائيءَ لاءِ سانوڻ جو مينهن بنجي پيو، هو ڀٽائيءَ جو اهو ڪوري هو جنهن کي سنهي سئيءَ سان مارن جو من سبڻ ايندو هو، هو رشتن جو تقدس بخوبي ڄاڻندو هو، هو ڳنڍيندڙ هو:
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا۔
پرويز جي دل قلندريءَ ۾ دم دم ڌمال هئي. کيس سيوهڻ سان عشق هو، نه ته ڪير ٿو نوڪري ڇڏي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي معاوضي عيوض ڪيل ڪم جي هڙئون وڙئون ڏئي پوئواري ڪري، هو سيوهڻ ۽ ان جي آس پاس سندس دور ۾ اي سي ايف طرفان کوليل اسڪولن جي سار سنڀال لهڻ سان گڏوگڏ سندن مالي سهائتا به ڪندو هئو، هن جڏهن سيوهڻ ڇڏيو پئي، تڏهن سندس اسٽاف سان گڏ ڪميونٽيءَ وارا به اوڇنگارون ڏئي رنا هئا، روئندو ته ماڻهو مائٽن لاءِ آهي يا محبوبن لاءِ آهي، مون کي خبر ناهي ته هو سندن مائٽ هو يا محبوب هو، ڀلا ڪو اسٽاف وارو آفيسر جي بدلي ٿيڻ تي بيهوش به ٿيندو آهي ڇا؟ پر پرويز لاءِ سنڌ جو هر فرد سندس ڳوٺائي هو، هو غرمعمولي هو ڇو ته هو ذات پات کان مٿاهون گلزار جي هن شعر جهڙو هو:
آنکھیں پہچانتی ہیں آنکھوں کو،
درد چہرہ شناس ہوتا ہے۔
پرويز ”پاڻ ڇڏيائون پوءِ “ وانگر پنهنجي وجود مان ٻاهر نڪتل لاجواب شخص هو۔
هو جڏهن نواب شاھ ۾ نوڪري ڪندو هو، تڏهن هر موڪل جي ڏينهن اسان وٽ ايندو هو امان سان دل هئس ان ڪري، سڪرنڊ ۾ منهنجون ساڻس جام ڪچهريون ٿيون، سندس ٿورڙين ڪهاڻين تي طويل بحث ٿيا، لتا جي ريشمي آواز تي گڏجي ٿڌا ساھ ڀرياسين، هو گهٽ ڳالهائيندو ۽ گهڻو ڪم ڪندو هئو، سنڌ جي تعليم لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، سنڌ جي اعليٰ معيار جي شخص جو جنم ڏينهن مبارڪ۔