سُڀاءَ، وضعداريءَ ۽ ڏاهپَ جو سنگم: شمس جعفراڻي

تحرير:ياسرقاضي

اڄ اسان اُن شمس جعفراڻيءَ جو ذڪر ڪنداسين، جنهن کي سنڌُ، ڪنهن دؤرَ ۾ فقط هڪ سرڪاري ڪاموري طور سُڃاڻندي هئي، پر اڄ هڪ برجستي قلمڪارَ، دانشور، متعدد ڪتابن جي مصنف ۽ همعصر ادب جي هڪ سُلجھيل مبصر طور سندن ڀرپور سُڃاڻپ ۽ ساڃاهه جو قدر ڪري ٿي. جيتوڻيڪ ادب ۽ صحافت سان سندن تعلق انتهائي ديرينه آهي ۽ هنن صحافيءَ طور پنهنجي پيشاوراڻي زندگيءَ جي شروعات ڪري، پنهنجي نؤجوانيءَ ۾ ڪجھه عرصو سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي ۾ به ملازمت ڪئي. ادب سان خانداني وابستگيءَ به کين باقي ڪامورن کان ممتاز رکيو، پر شايد پنهنجي ملازمت واري عرصي ۾ لکڻ کي هيڪاندو وقت نه ڏئي سگھيا. جيتوڻيڪ ان دؤران سندن مطالعو عمر ڀر جاري رهيو.

جيڪڏهن آءٌ شمس جعفراڻي صاحب سان پنهنجي شناسائيءَ جو پيرائتو ڇيدُ ڪريان ته ان کي سنوَن سِڌن ٽن دؤرن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. جن مان پهريون دؤر 1990ع جي وچ ڌاري (1995ع کان 1997ع تائين) وارو زمانو آهي، جڏهن جعفراڻي صاحب لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ مان تازو تازو پبلڪ اسڪول ميرپورخاص مان انٽر جو امتحان پاس ڪري پنهنجي گھر لاڙڪاڻي آيو هئس ۽ ان ئي سال لاڙڪاڻي ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي هئي، جنهنجي پهرين ٽيم ۾ شامل ٿيس. ان ئي دؤر ۾ لاڙڪاڻي جي اسٽيجن تي مختلف ادارن پاران ٿيندڙ هم نصابي سرگرمين ۾ آءٌ نؤخيز شريڪ طور متحرڪ هوندو هئس ۽ ڪجھه نه ڪجھه پرفارم ڪندو رهندو هئس ۽ جعفراڻي صاحب انهن منجھان اڪثر تقريبن ۾ خاص مهمان طور موجود هوندا هئا. مان ڀلا ان شخصيت کي ڪيئن ٿو وساري سگھان، جنهنجو آٽوگراف، ڊپٽي ڪمشنر طور منهنجي ڊوميسائيل تي هجي ! پر ڪنهن کي اهو گمان هوندو! ته منهنجي ڊوميسائيل تي فيروزي رنگَ جي ’فائونٽين پين‘ سان پنهنجي رعبدار سگنيچر ڪندڙ هن ’ڊِي سي صاحب‘ سان منهنجي ڪڏهن زندگيءَ ۾ ايڏي ويجھي نيازمندي به ٿي ويندي ! ساڻن شناسائيءَ واري ان پهرين دؤرَ دؤران لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل انهن تقريبن ۾ پاڻ کي مليلَ مڃتا سرٽيفڪيٽَ ڏسندو آهيان ته انهن مان ڪن تي انهن تقريبن جي خاص مهمان طور جعفراڻي صاحب جي صحي موجود ملندي آهي.

ساڻن شناسائيءَ جو ٻيون دؤر، 2005ع کانپوءِ جو آهي، جڏهن پاڻ ثقافت کاتي ۾ پهرِين، ڊائريڪٽر جنرل ۽ بعد ۾ صوبائي سيڪريٽريءَ طور خدمتون انجام ڏيڻ لاءِ تعينات ٿيا ۽ مان ان کان اڳ کان ئي ’فري لانس‘ ميزبان طور کاتي جي مختلف پرگرامن جي ميزباني ڪري رهيو هئس. آءٌ سنڌ جي ثقافت کاتي سان گذريل لڳ ڀڳ 25، 30 سالن کان سلهاڙيل آهيان ۽ کاتي جي سنڌ، ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر مختلف نوعيت جي اڻ ڳڻين ميڙاڪن جي ميزباني ڪري رهيو آهيان. ان وچ ۾ ڳچ عرصو شمس صاحب ثقافت کاتي جو اعليٰ عملدار رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ به کاتي سندس خدمتن کي جاري رکندي کيس ’ڪنسلٽنٽ‘ (صلاحڪار) جي عهدي تي ڪجھه عرصو سلهاڙي رکيو. مون گذريل لڳ ڀڳ 3 ڏهاڪن جي ثقافت کاتي سان ان ايڏي ڊگھي سفر ۾ جعفراڻي صاحب جهڙو وضعدار ۽ معاشرتي قدرن جو پاسدار ٻيو ڪو آفيسر ڪونه ڏٺو. ثقافت کاتي جو سال جو وڏي ۾ وڏو ميڙاڪو ڀٽائيءَ جو ٽن ڏينهن وارو ميلو هوندو آهي. جنهنجي دعوت ڏيڻ لاءِ هر سال جعفراڻي صاحب پاڻ ڪال ڪري دعوت ڏيندو هو. ٻين جي خبر ناهي ته هو ڪنهن ڪنهن کي اهو انفرادي مانُ بخشيندو هو، پر پنهنجِي ۽ نصير مرزا صاحب جي پڪ اٿم ته اسانکي سندس ماتحت عملي پاران ميلي جي مختلف تقريبن جا تفصيلَ ٻڌائڻ کان اڳ، هر سال جعفراڻي صاحب پاڻ ڪال ڪري ميزبان طور شرڪت جِي  دعوت ڏيڻ پنهنجو فرض سمجھندو هو. سندن وضعداريءَ ۽ اعليٰ اخلاق جو اهو عالم هو جو ميلي ۾ هر رات جڏهن مان ۽ نصير صاحب اڃا ’لطيفي راڳ رهاڻ‘ جي ڪارروائي هلائڻ ۾ مصروف هوندا هئاسين ۽ جعفراڻي صاحب 12:00 يا 1:00 لڳي ڌاري پروگرام مان اُٿي آرام ڪرڻ لاءِ ريسٽ هائوس ويندو هو ته اسٽيج جي پاسي ۾ رکيل اسانجي نشستن تائين اچي سڀاڻي تائين ملڻ لاءِ باقاعدي موڪلائي ويندو هو ۽ معذرت به ڪندو هو ته: ”صبح کان سرڪاري مصروفيتن سبب ٿڪل آهيان، انڪري محفل جي آخر تائين ويهي نٿو سگھان… سڀاڻي وري ملنداسين!“ حسنِ اخلاق جو ان حد تائين مظاهرو ثقافت کاتي ۾ نه ان کان اڳ ڪنهن آفيسر پاران نظر آيو، نه جعفراڻي صاحب کانپوءِ ! اهو ئي سبب آهي، جو اڄ تائين جڏهن به ميلي ۾ پرفارم ڪرڻ وڃبو آهي، ته ان حَسِين دؤرَ ۽ جعفراڻي صاحب جهڙن گڻائتن ماڻهن کي ياد ضرور ڪبو آهي!

ساڻن منهنجي شناسائيءَ جو ٽيون دؤر سندن رٽائرمينٽ کانپوءِ جو آهي، جيڪو 2009ع ڌاري کان اڄ تائين جاري آهي ۽ حقيقت ۾ اسانجي سڀني کان وڌيڪ ويجھڙائي ان ئي ٽئين دؤر ۾ ئي ٿي آهي. منهنجي ۽ جعفراڻي صاحب جي عمرين ۾ لڳ ڀڳ 30 سالن جو فرق هوندو، پر مون ڪنهن به موڙ تي اهو محسوس ڪونهي ڪيو ته اسانجي عُمرين ۾ ايڏو وڏو فرق آهي. اسانجي ڪچهريءَ ۾ سنڌ جي علم ۽ ادب جي ماضي، حال ۽ امڪاني مستقبل کان وٺي، بين الاقوامي معاملن، يادگيرين، تاريخي واقعن، آرٽ، ثقافت، تاريخ، تهذيب، ثقافت، شوبز ۽ ادارن جي ڪارڪردگيءَ کان وٺي ماڻهن جي روّين، منافقين ۽ گُڻائتن ماڻهن جي نيڪين تائين جا اڪيچار موضوع شامل هوندا آهن ۽ سچ پڇو ته اسانجي ڪچهريءَ ۾ وقت گذرڻ جو احساس هرگز ناهي ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن به ٿيندو آهي جو اسين رات جو 8:00 ساڍي 8 لڳي ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ ڊنر ڪرڻ ويندا آهيون ته اسانجي ڪچهري ايڏي ڊگھي ٿي ويندي آهي، جو نيٺ هوٽل وارا ڊائننگ هال جُون بتيون بند ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ هڪ دفعي ته ’ويٽر‘ اچي چيو به هو ته: ”سر، ريسٽورنٽ بند ڪرڻ جو وقت ٿي ويو آهي !“ مطلب ته ٻنهي پاسي بوريت جو ڪو احساس ڪونهي ٿيندو، جنهنڪري ڳالهائيندي ڪيترو وقت گذريو، اهو احساس ئي ناهي ٿيندو ۽ جعفراڻي صاحب سراپا ”ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏُور ٿئي…“ جو اظهار لڳندو آهي.

شمس جعفراڻي صاحب هر ڪجھه ڏينهن کانپوءِ ملڻ جو يادگيرو ڏياريندو آهي ۽ اسانجون اڪثر ملاقاتون ڪنهن نه ڪنهن مانجھاندي يا سانجھاندي تي ٿينديون آهن. انفرادي ملاقاتن کان علاوه ڏهن ٻارهن دوستن کي ٻين ٽين مهيني گڏ ڪري بنا ڪنهن بهاني جي مانيءَ جي پرتڪلف دعوت ڪرڻ به جعفراڻي صاحب جو معمول ۽ مشغلو رهيو آهي. جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. جنهن مان سندن بي غرض طبيعت ۽ دوستن کي ڳنڍي رکڻ واري گُڻَ جِي بخوبي نشاندهي ٿئي ٿي.

جعفراڻي صاحب سان ويجھڙائيءَ کانپوءِ سندن طبيعت ۾ شامل مزاح (Wit) جو اندازو به خوب ٿيو آهي. هو سامهون به ڳالهيون پڪڙي (ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهن جملي جو ڪو هڪڙو لفظ پڪڙي به) ان تي چرچو هڻي ڪڍندو آهي، ته ڪڏهن ڪنهن فيس بُڪ پوسٽ تي به پنهنجي ’ڪمينٽ‘ رستي ذُو معنيٰ لفظن جي چُهنڊِي هڻي ڪڍندو آهي. سندس ڪنهن جملي تي بي ساخته ٽهڪ نڪري ويندو آهي ۽ ان ڳالهه جي مزاح جو اثر ايڏو گَهِرو هوندو آهي، جو ڪي ڏينهن ان ڳالهه کي ياد ڪري ڪري پنهنجي مُنهن سان کِلَ پئي ايندي آهي.

مصنف جي حيثيت ۾ سائينءَ جي ايوارڊيافته آتم ڪٿا ”ڪَتيم سڀ ڄمار“ (جنهن جا ٻه ڇاپا ڇپجي چُڪا آهن) سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل آتم ڪٿائن ۾ هڪ اُوچو مقام رکي ٿي (ڇاڪاڻ ته اها آتم ڪٿا کان وڌيڪ هڪ اهم دؤر جِي سياسي تاريخ آهي، جنهنکي لکي جعفراڻي صاحب پاڻ کي هڪ تاريخ نويس به ثابت ڪيو آهي)، ته سندن يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ”ڏٺم، ٻُڌم، پڙهيم“ به پنهنجي نوعيت جو هڪ اهم ۽ تاريخ ڪَٿيندڙ ڪتاب آهي. ٽنڊي بهاول واري واقعي ۽ مائي جندو جي جدوجهد تي لکيل سندن ڪتاب ”اندر جنين اڌُ“ به هڪ اهم تاريخي واقعي بابت ٽڙيل پکڙيل مواد جِي سهيڙ آهي، جنهن لاءِ مونکي خوشي آهي ته ان ڪتاب جو اردو ۽ انگريزي ترجمو به ٿي چڪو آهي، جيڪو عنقريب ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچڻ وارو آهي.

اعليٰ انساني گُڻن جي مالڪَ هن دلربا وضعدار شخص کي سندس لکڻين جي انفراديت تي داد ڏيندي، ”الله ڪري زورِ قلم اور زياده…“ جي دعا ڏيندي، اڄ سندس جنم ڏينهن تي نيڪ خواهشون ارپي، صحت سان ڊگھي ڄمار جُون دعائون ڏجن ٿيون! شل هر سال اوهانجي برٿ ڊي ڪيڪَ تي ميڻ بتين جو تعداد وڌندو رهي ۽ انهن جيان اوهانجي سُڀاءَ جي جادوءَ ۾ قيد ٿيندڙن جو انگُ پڻ !

”هيپي برٿ ڊي ٽُو يُو ــ سر!“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.