ٽرمپ- پوٽن ملاقات ۽ ڀارت جي مٿان اضافي اوڳاڙين جي ٽنگيل تلوار

آمريڪي سيڪريٽري خزانو اسڪاٽ بسنيٽ خبردار ڪيو آهي ته ڀارت تي وڌيڪ محصولات لڳائي سگهجن ٿا، ۽ اهو فيصلو وڏي حد تائين صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس روسي هم منصب ولاديمير پوتن جي ملاقات جي نتيجي تي دارومدار رکندو. بلومبرگ ٽي وي سان ڳالهائيندي بسنيٽ چيو ته: ”اسان ڀارت تي روسي تيل خريد ڪرڻ جي ڪري اضافي محصولات لاڳو ڪيا آهن، ۽ جيڪڏهن حالتون بهتر نه ٿيون ته وڌيڪ پابنديون يا اضافي محصولات لڳي سگهن ٿا.“

ياد رهي ته هن ئي مهيني ٽرمپ ڀارت تي اڳ ۾ لاڳو 25 سيڪڙو محصولات ۾ وڌيڪ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي هئي، جنهن جو سبب روسي تيل ۽ هٿيارن جي خريداري ٻڌايو ويو هو.ان وقت ٽرمپ روس ۽ يوڪرین جي وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. اربع ڏينهن هن خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ماسڪو امن معاهدي تي راضي نه ٿيو ته ”سنگين نتيجا“ نڪري سگهن ٿا.

يوڪرين جنگ جي شروعات کان ئي ڀارت طرفان سستي قيمت تي روسي تيل جي وڌندڙ درآمد آمريڪا ۽ نئين دهلي جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي آهي، ۽ تازو ئي تجارتي ڳالهيون به انهيءَ ڪري ناڪام ٿيون. 2024ع ۾ ڀارت جي مجموعي تيل جي درآمد جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو حصو روسي تيل تي ٻڌل هو، جڏهن ته 2021ع ۾ اهو صرف ٽن سيڪڙو هو. ڀارت پنهنجي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته ”توانائي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي، ملڪ جي غريب ماڻهن کي مهانگائي کان بچائڻ لاءِ اسان کي سڀ کان سستو تيل درآمد ڪرڻو پوي ٿو.“آمريڪا جي تازو بيان جو وقت به خاص آهي، ڇو ته ٽرمپ چيو آهي ته محصولات لڳائڻ سندس انتظاميه جي اهڙي حڪمت عملي جو حصو آهي، جيڪا آمريڪي معيشت کي وڌائڻ ۽ عالمي واپار کي منصفاڻو بڻائڻ لاءِ اختيار ڪئي وئي آهي. ٽرمپ ڀارت تي بار بار الزام لڳايو آهي ته اها ناجائز طريقي سان محصولات لاڳو ڪري ٿي، ۽ هاڻي هو ڀارت سان 45 ارب ڊالر جي تجارتي خساري کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

گهڻن مهينن کان آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، ۽ 25 آگسٽ تي آمريڪي اهلڪار نئين دور جي ڳالهين لاءِ نئين دهلي پهچندا. پر ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت جو زرعي ۽ کير واري شين تي ڊيوٽي گهٽائڻ کان انڪار ئي ڳالهين جي ڪاميابي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي.

ٽرمپ جا لاڳو ڪيل نوان محصولات 27 آگسٽ کان لاڳو ٿي ويندا. ماهرن موجب ان کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار تقريباً رڪجي سگهي ٿو. ٽرمپ جي فيصلي سبب ڀارت هن وقت ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ محصولات ڀرندڙ آمريڪي تجارتي ساٿي بڻجي ويو آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو ڌڪ ٽيڪسٽائل ۽ زيورن جي شعبي کي لڳندو. ڪجهه اندازن مطابق، جيڪڏهن اهي محصولات لاڳو ٿي ويا ته ڀارت جي معاشي واڌ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ٿي سگهي ٿي.هن تجارتي ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ خطي ۾ نيون سياسي ۽ معاشي سرشتي جون ڳالهيون زور وٺي رهيون آهن، جتي ٽرمپ جي هر نئين ڌمڪي سان مودي حڪومت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ۽ ماضي جا دوستاڻا جملن وارا لاڳاپا هاڻي ”مائي فرينڊ“ کان ”ٽريف ڪنگ“ جي تلخ حقيقت تائين پهچي ويا آهن.

يوڪرين جنگ جي شروعات کان ئي ڀارت طرفان سستي قيمت تي روسي تيل جي وڌندڙ درآمد آمريڪا ۽ نئين دهلي جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي آهي، ۽ تازو ئي تجارتي ڳالهيون به انهيءَ ڪري ناڪام ٿيون. 2024ع ۾ ڀارت جي مجموعي تيل جي درآمد جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو حصو روسي تيل تي ٻڌل هو، جڏهن ته 2021ع ۾ اهو صرف ٽن سيڪڙو هو. ڀارت پنهنجي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته ”توانائي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي، ملڪ جي غريب ماڻهن کي مهانگائي کان بچائڻ لاءِ اسان کي سڀ کان سستو تيل درآمد ڪرڻو پوي ٿو.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.