¨ ڪي شخصتيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي پنهنجي شعبي جي ايڏي ڊگهي خدمت ڪنديون آهن جو اهي اڳتي هلي پاڻ ان شعبي جي سڃاڻپ بڻجي وينديون آهن اهڙين شخصيتن مان ادل سومرو صاحب به هڪ آهي جنهن کي هاڻي جڏهن به ڏسبو آهي يا سندس نالو ٻڌبو آهي ته ادب ۽ اديبن جو تصور ذهن تي تري ايندو آهي
¨ ادل سومرو انهن شخصيتن مان به آهي جنهن کي ڏسندي محسوس ٿيندو آهي ته کيس واقعي به اديب ۽ شاعر طور ئي جنم ماڻڻ گهربو هو. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي زندگي جو نصب العين ئي ادب کي بڻائي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي زندگي ۾ ساهه به ايترا نه کنيا هوندا جيترو هن ادب لاءِ سوچيو، لکيو ۽ ڳالهايو آهي.
¨ ادل سومري صاحب کي جديد سنڌي ادبي تاريخ جو هڪ باب چئجي يا ايئن چئجي ته جديد سنڌي ادب جي تاريخ ادل سومري جي نالي ۽ ذڪر کانسواءِ اڻ پوري سمجهي ويندي ته تڏهن به شايد سندس ادبي مقام سان انصاف نه ٿي سگهي. حقيقت ته اها آهي ته اڄ ادل سومرو پاڻ پنهنجي ذات ۾ سنڌي ادب جي تاريخ بڻجي چڪو آهي. سنڌي ادب جي جيئري جاڳندي انسائيڪلو پيڊيا آهي.سنڌي ادب بابت ڪنهن به سوال ۽ مسئلي جو جواب به آهي ته حل به آهي.
¨ سو ايئن ادل سومرو پنهنجي شخصي وجود اندر هڪ تمام وڏي ادبي ڪائنات سمايو ويٺو آهي جنهن جا گهڻ رخا حولا آهن. هونئن ته ادل سومري ننڍي وهيءَ کان لکڻ شروع ڪيو پر هن وڏي تعليمي ڊگري به ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي ۽ پوءِ ان شعبي کي پنهنجي ڪيرئير جو به حصو بڻايو. هو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ سنڌي ادب جو استاد رهيو، پروفيسر بڻيو ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين بڻجي يونيورسٽي مان رٽائرڊ ٿيو.
¨ هڪ ادبي ورڪر ناتي رڳو سنڌي ادبي سنگت جا ڪلاس اٽينڊ نه ڪيائين، اڳتي هلي ٻه ڀيرا سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ئي نه چونڊيو پر هن خيرپور يونيورسٽي مان ”سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار“ جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسي جي رهنمائي ۾ پي ايڇ ڊي به ڪئي، مطلب ته سندس زندگيءَ جو مقصد ئي ادب رهيو آهي نه رڳو ذاتي طور پر سندس اڪيڊمڪ ۽ پروفيشن به ادب ئي رهيو آهي.
¨ ادبي تاريخ ۾ ادل سومري کي غزل، وائي، نظم ۽ بيت جو بهترين شاعر تسليم ڪيو ويو آهي جنهن جي شاعريءَ کي تمام گهڻو ڳاتو به ويو آهي.ايئن ادل سومري جي شاعريءَ سنڌي سنگيت ۽ ريڊيو ٽي وي کي خوبصورت ۽ مقبول ڪلامن سان به نوازيو آهي.ٻارن لاءِ ڪيل شاعري ۾ به ادل سومري جو وڏو نالو آهي.
¨ پاڻ سنڌي ادب جو بهترين نقاد به آهي ۽ ساڳي وقت سنڌي ادب جو محقق به آهي ته ڪيترن ادبي رسالن جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. سندس تحقيقي ادبي مضمون، ڪتابن جا مهاڳ ۽ تبصرا سنڌي ادب جا مقدما به سمجهي سگهجن ٿا.
¨ هو ڪيترن ئي ادبي ادارن جو ميمبر، صلاحڪار ۽ چيئرمين به رهي چڪو آهي. ان کان علاوه سڄي ڄمار ادبي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي، ان موقعي تي مقالا لکندو رهيو آهي ۽ اسٽيجن جي صدارت جو به چڱو خاصو ريڪارڊ اٿس.
¨ ادل سومري کي ريڪارڊ مڃتا ايوارڊ به مليا آهن، سندس مڃتا ۾ اخباري ايڊيشن ۽ رسالا پڻ نڪرندا رهيا آهن. مطلب ته کيس جيئري ئي هر قسم جي مڃتا ملي چڪي آهي. اخبارن رسالن، ريڊيو ۽ ٽي وي تي سندس اڻ ڳڻيا انٽرويو ٿي چڪا آهن.
¨ اسان نه ٿا سمجهون ته ڪو ادل سومري صاحب کي هاڻي ڪنهن مڃتا يا ايوارڊ جي ڪا تمنا رهي هوندي، هاڻي ته سندس اها حيثيت ۽ مقام آهي جو خود سندس نالي ايوارڊ ڏيڻ گهرجن ۽ ادارن، لائبرين ۽ روڊن رستن تي سندس نالا رکيا وڃن
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اڄ ان ليجنڊ اديب جو جنم ڏينهن آهي، سنڌي ادبي سنگت مرڪز کي سندن جنم ڏينهن جي موقعي تي سڄي سنڌ جي ادبي شاخن ذريعي خاص پروگرام ڪرائڻ جو اهتمام ڪرڻ گهرجي ها ته جيئن سنڌ سطح تي ادل سومري جو جنم ڏينهن هڪ ئي وقت ملهائي سگهجي ها، ان جي ذاتي طور تي ادل سومري صاحب کي بلڪل به ضرورت ناهي پر ان جي هاڻي خود سنڌي ادبي سنگت ۽ سڀني ادبي ادارن کي ضرورت آهي ته جيئن ان جي غير فعال وجود ۾ ڪو نئون ساهه پئجي سگهي.