سماجي روين جون اذيتون ۽ خودڪشين جو وڌندڙ لاڙو

تحرير: ايف اي گهانگهرو

پاڪستان ۾ خودڪشي بابت سرڪاري يا غير سرڪاري سطح تي انگ اکر نه ٿا ٻڌايا وڃن پر هڪ رپورٽ موجب هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائي ٿو.عالمي مطالعي مطابق خودڪشين جو لاڙو عورتن جي مقابلي ۾ مردن جو وڌيڪ آهي،اهو ان ڪري ته مرد پنهنجا معاملا ٻين کي ٻڌائڻ ناهن چاهيندا ۽ ٻئي کان مدد وٺڻ ۾ شرمساري محصوص ڪن ٿا،خودڪشي جي ڪوشش جو رجحان عورتن ۾ وڌيڪ ڏٺو ويو آهي.ماهر نفسيات ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته خودڪشي جو تعلق ذهني دٻاءَ يا ڊپريشن سان هوندو آهي ۽ ڊپريشن جي هڪ وڏي نشاني اها آهي ته انسان جي ذهن ۾ پاڻ کي نقصان پهچائڻ (خودڪشي) جا خيال اچڻ شروع ٿين ٿا. ذهني دٻاءَ يا ڊپريشن خاص ڪري نوجوانن ۾ خودڪشي جي ڪارڻن مان هڪ خاص ڪارڻ آهي. ڊپريشن به ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ اها جيڪا عام ماڻهن کي خبر هوندي آهي، يعني ڪنهن حادثي کانپوءِ يا سالن جا مايوسيءَ ڀريا تجربا ٿيڻ کانپوءِ جڏهن زندگي بي بي معنيٰ لڳڻ لڳي ٿي، تڏهن ماڻهو پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ بابت سوچي ٿو.ڊپريشن جو’ڊپريشن جو ٻيو قسم "فنڪشنگ ڊپريشن” آهي.جنهن کي سنڌيءَ ۾ "فعال ڊپريشن” يا "چُپ ڊپريشن” به چئي سگهجي ٿو ڇو ته هي اهڙي ذهني بيماري آهي جيڪا ظاهر ۾ نظر نٿي اچي پر ماڻهو اندروني طور پريشان هوندو آهي.روزمرهه جي زندگي جا ڪم عام ماڻهن وانگر ڪندو آهي (جهڙوڪ پڙهائي، نوڪري، خاندان سان وقت گذارڻ ٻين آڏو خوش، مسڪرائيندڙ ۽ "بلڪل ٺيڪ” نظر ايندو آهي پر اڪيلي ۾ هن جو دماغ ڊپريشن، مايوسي، بيچيني يا خالي هجڻ واري احساس سان ڀريل هوندو آهي. مسلسل ٿڪاوٽ يا توانائي جي کوٽ،بي سبب اداسي،پاڻ تي يا زندگيءَ تي شڪ،خوشيءَ جي شين مان لطف نه وٺڻ،پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ، جيتوڻيڪ ماڻهون ساڻ هوندا،دل ۾ خودڪشي جا خيال ،گهڻو ڪري ٻين کي خبر به نه هوندي اهڙن ماڻهن ۾ پاڻ کي نقصان پهچائڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ⁠ته خاموش ڊپريشن وارا ماڻهو ظاهري طور خوش ۽ نارمل لڳن ٿا، انڪري ماڻهو انهن جي اندروني تڪليف کي سمجهي نه سگهندا.اهي پاڻ به مدد وٺڻ کان لڄائيندا آهن.ان ڪري سندن حالت اڻڄاڻ طور تي بگڙندي وڃي ٿي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن انتهائي قدم (جهڙوڪ خودڪشي) تائين پهچي وڃي ٿي.فنڪشنگ ڊپريشن هڪ "خاموش” تڪليف آهي. جيڪو ماڻهو  روزمرهه جي زندگي صحيح نموني گذاري رهيو هجي، اهو به اندر ئي اندر جنگ وڙهي رهيوهوندو.

اسان وٽ جڏهن سرنگهه جي آخرتائين اميد جي ڪابه روشني ڏسڻ ۾ نه اچي ۽ نه وڻندڙ حالتن جو گهيراءُ تيزي سان گڏ تنگ ڪرڻ شروع ٿي وڃي ته هڪ عام ماڻهونءَ جي برداشت جي طاقت جواب ڏئي ويندي آهي ۽ ان کي زندگي کان بيزاري لڳندي آهي جنهن ڪري هن کي زندگي ختم ڪرڻ واري رستي کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نظر نه ٿو اچي ۽ هو زندگيءَ کان ڀڄڻ وارو اهڙو رستو اختيار ڪري ٿو.صحت جي عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڏنل تعداد مطابق دنيا ۾ هرسال ڏهه لک انسان خودڪشيون ڪن ٿا.

انساني دماغ اهو ڪارخانو آهي جتي مختلف سوچون پيدا ٿين ٿيون ۽ پوءِ انهن مان ئي ڪا هڪ اڳتي هلي خودڪشي جو سبب بڻجي ٿي.پختي اميد رکندڙ شخص کي پاڻي سان ڀريل اڌ گلاس ڀريل نظر ايندو آهي ۽ مايوس شخص کي اڌ گلاس به خالي نظر ايندو آهي.اصل مسئلو سٺي ۽ خراب سوچ جو آهي.دنيا ۾ خودڪشين جي ان ٻوڏ واري ريلي تي فڪر ڪيو پيو وڃي ۽ ان خوفناڪ شرح کي عوامي صحت جو مسئلو قرار ڏنو پيو وڃي.ان موضوع تي باقائدهه جاچ هلي رهي آهي ۽ ان ۾ گهٽتائي لاءِ اپاءَ ڳوليا پيا وڃن.هي هڪ فطري حڪم به آهي ڇو ته انساني همدردي جي گهرج به اها آهي پر بدقسمتي سان اسان وٽ هن سماجي مسئلي تي پردو وڌو پيو وڃي،حالانڪ اڳ جي نسبت هاڻ خودڪشين جي واقعن ۾تيزي سان اضافو آيو آهي.ان جي بنيادي وجه اسان جو ڌپ ڪري ويل فرسودهه سماجي نظام به آهي جيڪو هاڻ آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ سماجي ۽ سرڪاري طور تي خودڪشين جي انگ اکرتي ڪو به توجه ناهي ڏنو ويو.بدنامي ۽ قانوني پيچيدگين کان بچڻ لاءِ به خودڪشين جي گهڻن واقعن کي رپورٽ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو.ان باري ۾ڪا به حڪومتي پاليسي تيار ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي وري خودڪشي وارن واقعن جو انگ اکر گڏ ڪرڻ جو ڪو نظام آهي.ان لاءِ عالمي صحت جو ادارو به پاڪستان ۾ ٿيندڙ خودڪشين جي انگ اکر متعلق ڪابه معلومات ڏيڻ کان مجبور آهي،ليڪن ان جي اهميت ۽ فائدن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.صحت جي عالمي اداري WHO دنيا جي 28 ترقي پذير ملڪن ۾ خودڪشيءَ جي لاڙو تي قابو ڪرڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ان ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حڪمت عملي طئي ڪئي،جنهن ۾ اهو ادارو ڪنهن حد تائين ڪامياب ويو، پر اسان جو ملڪ ان ۾ شامل نه هيو،اسان وٽ ان طرح جي ڪنهن به منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي تياري ناهي ٿي.يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ان ڪم لاءِ تعلق وارن ادارن جو تعاون پهريون شرط آهي.خودڪشين جي وڌندڙ رجحان تي حيرانگي ۽ پريشاني سان گڏ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي اهڙي عمل کان پاڻ کي ڪيئن بچائجي؟خودڪشيءَ جي هنن رجحانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هرهڪ شخص کي متبادل يعني هڪ ٻئي جي تربيت ڪرڻ  جي ضرورت آهي.

نئين نسل،اسڪولن،مدرسن،ڪاليجن،يونيورسٽين ۽ ميڊيا جي ميدان ۾ متبادلن ۽ هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي خواهشون رکڻ ۽ ان ۾ ضرورت جي بنياد کي سمجهڻ جي صلاحيت سکڻ گهرجي ته جيئن ماڻهون هڪ خواهش پوري نه ٿيڻ تي ٻي خواهش پوري ٿيڻ لاءِ سوچن.ٻئين نه ٿئي ته ٽين ۽ اها به نه ته وڌيڪ خواهشن جو سوچڻ گهرجي.ڇو ته خواهشون انسان جي سوچ جون پيداوار آهن،اهي ڪنهن تحفي يا اوڌر تي ناهن ملنديون.خواهشن جو هڪ مثال وٺو.مثال طور جيڪڏهن اوهان ڪپڙا وٺڻ لاءِ بازار ٿا وڃو ته اوهان جي ذهن ۾ گهٽ ۾ گھٽ چار پنج رنگ ۽ قسم هجڻ گهرجن ته جيئن هڪ نه ته جيئن ٻيو ملي سگهي.ڪنهن گاڏيءَ ۾ سفر ڪرڻ وقت اڳيان واري سيٽ نه ٿي ملي ته ان جاءِ تي ٻئين،ٽئين يا آخري سيٽ کي به ذهن ۾ رکو ته جيئن اوهان رش جي صورت ۾ گاڏيءَ ۾ ڪٿي به ويهي منزل تي پهچي سگهو،ڇوته اوهان جي منزل گاڏي ناهي اها ته صرف اوهان جي منزل تي پهچڻ جو ذريعو آهي.اهڙي طرح ننڍپڻ کان ئي ڪنهن هڪ ڇوڪري يا ڇوڪري طرف مڪمل ڌيان نه ڏيو پر وقت سان گڏوگڏ نون دوستن ۾ به اضافو ڪيو ته جيئن هڪ نه ته ڪنهن ٻئي سان اوهان خوشي ۽ غم ونڊي سگهو.اهڙي طرح داخلا،ڪاروبار،مطالعي جي چونڊ ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن ۾ متبادل ضرور رکو ته جيئن اوهان کي ضرورت وقت اوهان جي ڪم اچي سگهن ۽ اوهان جي زندگي متاثر نه ٿئي.

اسان جي زندگي ۾ جيڪڏهن نفسياتي دٻاءَ وڌي وڃي ته ڪنهن مصروفيت واري ڪم،عبادت،سير ۽ تفريح يا ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪنهن ٻئي شهر وڃڻ گهرجي ته جيئن دماغ تي دٻاءُ نه وڌي.پاڻ کي دٻاءَ واري ڪم کي ڇڏي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مصروف رکڻ نهايت ئي فائديمند ثابت ٿيندو.اسان کي پنهنجي عقل ۽ سوچ کان ڪم وٺڻ گهرجي.يورپ ۾ جيڪڏهن هڪ ماڻهون ان ئي دماغ،عقل سان جديد سائنسي ايجادون ڪري ٿو ته اسان کي به پنهنجي عقل ۽ شعور کان ڪم وٺڻ گهرجي.اسان کي هڪٻئي سان حال اورڻ سان گڏ هڪٻئي جي خيالن ۽ خواهشن جو احترام ڪرڻ گهرجي نه ڪي ان کي ٻڌڻ شرط ئي رد ڪيو وڃي ۽ زبردستي پنهنجي خواهش ۽ فيصلو مسلط ڪيو وڃي.يقين سان چئي سگهجي ٿو جيڪڏهن اسان موجودهه سماجي روين کي بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهي،هڪ ٻئي جي خواهشن جو احترام ڪنداسين ته پوءِ ڊپريشن سبب پيدا ٿيندڙ ڳڻتي،خوف ۽ خودڪشين تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.