هر سال وانگر، هن آزاديءَ جي ڏينهن تي به اهو بحث جاري آهي ته لڳ ڀڳ اٺ ڏهاڪا گذرڻ باوجود پاڪستان نه ته پنهنجا بنيادي مقصد حاصل ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪا اهڙي ترقي ڪري سگهيو آهي جنهن تي فخر ڪري سگهجي. ان جي ابتڙ، ملڪ کي سياسي اختلاف، نفرت، علائقائي بيچيني، دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي جهڙن بي شمار مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جن جو ڪو واضح حل نظر نٿو اچي.اهڙي صورتحال ۾ سوال اٿڻ فطري آهي ته ڇا آگسٽ 1947ع ۾ سفر شروع ڪندڙ پاڪستان پنهنجي رستي کان ٿڏي ويو آهي ۽ ڇا هو اڄ به اٺهتر سال اڳ واري هنڌ تي بيٺو آهي؟ ان سوال جو جواب پوري اعتماد سان “نه” ۾ ڏنو وڃي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان کي اٺهتر سال ٿي ويا آهن ته هو آهستي آهستي ئي سهي، پر اڳتي وڌندو رهيو آهي. بيشڪ ان سفر ۾ غلطيون ٿيون، نقصان به ٿيو، ۽ اهڙا موڙ به آيا جتي ملڪ کي سخت ڌڪ رسيا ــ جن مان سڀ کان وڏو 1971ع ۾ ملڪ جي ورهاست جو سانحو هو، جنهن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو ۽ ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌي اهو اعلان ڪيو ته ”اڄ نظريه پاڪستان کي خليج بنگال ۾ غرق ڪيو ويو آهي“.
جيڪڏهن اندرا گانڌي جي هن قول مان اهو مطلب ورتو وڃي ته هاڻي پاڪستان جو وجود ختم ٿي ويو يا اها بنياد ئي ٽٽي وئي، جنهن تي آل انڊيا مسلم ليگ مسلمانن لاءِ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو ۽ جناح جي قيادت ۾ اهو مقصد حاصل ڪيو، ته پوءِ اهو نتيجو غلط ثابت ٿيو. 1971ع جي الميي کان پوءِ به باقي بچيل پاڪستان نه رڳو قائم رهيو پر ٻن سالن اندر 1973ع جو آئين منظور ڪيو ويو، جيڪو ٻن فوجي حڪومتن جي جارحيت باوجود اڄ به نافذ آهي ۽ قومي اتفاق جو دستاويز بڻيل آهي.
اندرا گانڌي جو دعويٰ ان لحاظ کان به بي معنيٰ ٿيو جو جناح ۽ مسلم ليگي قيادت جيڪي خدشا هندستان جي ڪانگريسي اڳواڻن ۽ هندو سماج جي روين بابت ظاهر ڪيا هئا، اهي اڄ جي ڀارت ۾ چٽيءَ طرح سامهون اچي چڪا آهن. ڀارت کي هندو راشٽر بڻائڻ جي مهم عروج تي آهي، تاريخي نشانين کي مٽايو پيو وڃي، ۽ تازو اورنگزيب جو مقبرو ڊاهي هندو بالادستيءَ جي علامت قائم ڪرڻ جي ڪوشش به ڏٺي وئي. مسلمانن سميت سڀني مذهبي اقليتن لاءِ ڀارت ۾ زندگي تنگ ٿي وئي آهي. اعليٰ عهدن تي فائز مسلمان اڳواڻ به پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ پاڪستان خلاف نفرت جو اظهار ڪرڻ تي مجبور آهن. نفرت جي اها لهر ڀارت جي سيڪيولر اصول کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي ان ملڪ ۾ برابريءَ ۽ احترام تي يقين رکڻ وارن جو رهڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. ان ڪري، جنهن بنياد تي جناح پاڪستان جو مطالبو ڪيو هو، ان جي تصديق هاڻوڪو ڀارتي سماج پاڻ ڪري رهيو آهي. يعني ڀارت ئي اندرا گانڌي جي ان دعويٰ کي رد ڪري رهيو آهي ته نظريه پاڪستان ختم ٿي ويو آهي. البت اهو مڃڻ ضروري آهي ته پاڪستان اندر نظريه پاڪستان جي نالي تي شروع ڪيل بحثن مذهبي انتهاپسنديءَ کي هٿي ڏني ۽ معاشري ۾ اهڙا لاڙا وڌيا، جن جو نه ته حقيقي نظريه پاڪستان سان واسطو آهي ۽ نه ئي انهن سان ملڪ جي طاقت وڌي آهي. ان غلط رخ جي نتيجي ۾ ڪڏهن مذهبي توهين جا ڪوڙا ڪيس داخل ٿين ٿا ته ڪڏهن ناجائز ٺهيل مسجدن کي ڊاهڻ خلاف ملا جي دانهن ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
پاڪستان کي اڻ ڳڻيا مسئلا آهن، پر اها ڳالهه دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ته پاڪستان ناڪام رياست آهي يا ڪو اهڙو ضعيف ملڪ آهي جنهن کي دشمن آسانيءَ سان ڳِهي سگهي. 7 مئي تي جڏهن ڀارتي فوج ’آپريشن سندور‘ تحت بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان تي حملو ڪيو، تڏهن پاڪستاني فوج جنهن بهادري سان مزاحمت ڪئي، ان کان پوءِ دنيا ۾ پاڪستان جي عزت وڌي ۽ ڀارتي اڳواڻن کي سوچڻو پيو ته آخر هو ڪهڙو قدم کڻن جو پاڪستان کي دٻائي سگهن.سياست ۾ اختلاف، آزاديءَ تي پابنديون، اقليتن جي حالت، پيداوار ۾ رنڊڪ ۽ آباديءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو جهڙا مسئلا ضرور آهن، پر انهن سببن جي آڙ ۾ پاڪستان جي ترقيءَ کي رد ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. آباديءَ ۾ واڌ به وڏي چئلينج آهي، پر ساڳي وقت نوجوان آبادي ملڪ جي اصل طاقت به آهي. انهن جي صلاحيتن کي ڪم ۾ آڻي هڪ مضبوط معيشت ۽ ڀرپور معاشرو قائم ٿي سگهي ٿو.
سالن جي معاشي دٻاءَ کان پوءِ هاڻي پاڪستان جي معيشت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي، عالمي مارڪيٽن ۾ ساک بحال ٿي آهي، ۽ سفارتي طور پاڪستان اهم عالمي قوتن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي. اهڙي وقت ۾ مايوسي ڦهلائڻ مناسب نه آهي. مسئلا ضرور بيان ڪيا وڃن، پر ساڳي وقت امڪانن ۽ حل تي به ڳالهه ٿيڻ گهرجي. اختلاف هجن، پر اختلاف برداشت ڪرڻ جي سگهه به هئڻ گهرجي.
هر سال وانگر، هن آزاديءَ جي ڏينهن تي به اهو بحث جاري آهي ته لڳ ڀڳ اٺ ڏهاڪا گذرڻ باوجود پاڪستان نه ته پنهنجا بنيادي مقصد حاصل ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪا اهڙي ترقي ڪري سگهيو آهي جنهن تي فخر ڪري سگهجي. ان جي ابتڙ، ملڪ کي سياسي اختلاف، نفرت، علائقائي بيچيني، دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي جهڙن بي شمار مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جن جو ڪو واضح حل نظر نٿو اچي.اهڙي صورتحال ۾ سوال اٿڻ فطري آهي ته ڇا آگسٽ 1947ع ۾ سفر شروع ڪندڙ پاڪستان پنهنجي رستي کان ٿڏي ويو آهي ۽ ڇا هو اڄ به اٺهتر سال اڳ واري هنڌ تي بيٺو آهي؟ ان سوال جو جواب پوري اعتماد سان “نه” ۾ ڏنو وڃي ٿو.