انتقامي ڪاررواين ذريعي سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ غير جمهوري آهي:زين شاهه

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي  چانڊيو جي پيٽرول پمپ ڊاهڻ، سندس زرعي زمينن ڏانهن پاڻي پهچائيندڙ واٽر ڪورس بند ڪرڻ ۽ مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انهن قدمن کي سياسي انتقام قرار ڏنو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته اهڙن قدمن جو مقصد سياسي مخالفن کي دٻائڻ ۽ اختلاف راءِ رکندڙ آوازن کي خاموش ڪرڻ آهي.  هن چيو ته انتظامي ڪاررواين ۽ قانوني ڪيسن ذريعي سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ غير جمهوري عمل آهي، جيڪو جمهوري قدرن ۽ نظام لاءِ نقصانڪار آهي. هن زور ڀريو ته سياسي اختلافن جو حل جبر ۽ انتقامي ڪاررواين بدران ڳالهين، برداشت ۽ جمهوري طريقن سان ڳوليو وڃي. سيد زين شاهه لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اهڙيون ڪارروايون فوري طور بند ڪيون وڃن ۽ سڀني شهرين ۽ سياسي ڪارڪنن سان قانون موجب هڪجهڙو ۽ منصفاڻو سلوڪ يقيني بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سياسي انتقام جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪري ٿو، عوام جو رياستي نظام تي اعتماد متاثر ڪري ٿو ۽ جمهوري روايتن کي نقصان پهچائي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.