اسلام آباد کي ڌار صوبو ٺاھڻ سنڌ ورھائڻ لاءِ رستو کولڻ جي ڪوشش آهي:رياض چانڊيو

حيدرآباد ) پ ر( جيئي سنڌ محاذ جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي چيئرمين رياض علي چانڊيو  جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو تـ آئيني ترميمن جي آڙ ۾ نوان صوبا ٺاھڻ جي پٺيان سنڌ کي ورھائڻ جي سازش لڪل آھي. اسلام آباد جي آبادي 20 لک بـ ناھي ان کي ڌار صوبو ٺاھڻ سنڌ کي ورھائڻ  لاءِ راھ ھموار ڪرڻ جي ڪوشش آھي سنڌ جي ڳالھه ڪرڻ جي ڏوھ ۾ اسان جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي گھر ۽ پراپرٽيون ڊاٺيون پيون وڃن، اسان جي قانوني ملڪيتن کي مسمار ڪري سامان کڻي وڃڻ کليل غنڊا گردي آھي اھڙي عمل خلاف 14 جون تي سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا ۽ ھن معاملي کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويندو.اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ وڌندڙ مذھبي انتھاپسندي جو دليل سان مقابلو جاري رھندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.