جيڪب آباد ۾ ڏاج تڪرار تان تازو شادي ڪندڙ نوجوان قتل

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد حق محلا ۾ شادي جو ڏاج گهٽ ڏيڻ جي ڳالهه تان ساهورن پاران 40 ڏينهن اڳ شادي ڪيل نوجوان صدام حسين پٽ محمد اسماعيل سولنگي  کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا، اطلاع تي وارثن ۽ حد جي پوليس پهچي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان جي ڀاءُ فراز سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ 40 ڏينهن اڳ لاشاري برادري مان شادي ڪئي جنهن بعد سالي صابر لاشاري، نعيم جکراڻي وارن اعتراض واريو ته توهان شادي ۾ سون گهٽ ڏنو آهي جنهن تان هو پنهنجي ڇوڪري کي واپس گهر وٺي ويا ۽ ڪالهه اسان جي گهر ۾ حملو ڪري گهر ڀاتين کي مارڪٽ ڪئي اڄ وري صابر لاشاري، نعيم جکراڻي ۽ هڪ اڻڄاتل حملو ڪري منهنجي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ايس ايس پي جيڪب آباد واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪري. جڏهن ته ڊي ايس پي سٽي خدا بخش پنهور صحافين کي ٻڌايو ته وارثن موجب ساهورن ڏاج گهٽ ڏيڻ جي ڳالهه تان حملو ڪري نوجوان صدام سولنگي کي قتل ڪيو آهي، جوابدار فرار ٿي ويا آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون ۽ واقعي جي جاچ پڻ جاري آهي. هوڏانهن وارث نوجوان جو لاش ايمبولينس ذريعي سندس گهر کڻائي ويا، لاش گهر ۾ پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو هر طرف روڄ راڙو پئجي ويو. آخري اطلاعن تائين حد جي ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.