ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جو سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ اعجاز سامٽيو، الاهي بخش بڪڪ، مظهر ميمڻ، ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ سعيده گوپانگ،عاشق ٿهيم جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي هنن چيو ته سعيد ميمڻ جي اغوا جا پيرا سرڪار ڏانهن وڃن ٿا 20ڏينهن گذرڻ باوجود سنڌ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن چيو ته هن وقت تائين سندس بازيابي سواليا نشان بڻيل آهي سرڪار کي سڀ خبر آهي ته سعيد ميمڻ کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي، اڳواڻن چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي جا ماڻهو پنهنجا مغوي آزاد ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ اچي جديد هٿيارن سان اچي ماڻهو بازياب ڪرائي هليا وڃن ٿاپر افسوس سعيد ميمڻ، پريا ڪماري سميت ڪيترائي اغوا ۽ لاپتا ماڻهن جي ڳولها ۽ بازيابي لاءِ سنڌ سرڪار ننڊ ستل آهي.