ٺٽو/جنگشاھي(رپورٽ: منصور جلالاڻي/غلام حسين شاھ) عوامي تحريڪ جي سربراهه سنڌ جي عظيم انقلابي مفڪر ۽ مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي جو جلسي عام جنگشاهي ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ڪيو ويو. آمريڪي سامراجي دهشتگردي، اٺاوهين آئيني ترميم، عورتن جي قتلام ۽ مهانگائي خلاف ملڪگير جلسي عام ۾ سموري سنڌ ۽ ملڪ مان هزارين ماڻهو شريڪ. هزارن جي تعداد ۾ عورتون ۽ ٻار شريڪ. سنڌ جي يگاني عالم ۽ ڏاهي کي اٺين ورسي جي موقعي تي زبردست ڀيٽا پيش. سنڌياڻين پريڊ وسيلي پنهنجي قائد ۽ عظيم ڏاهي مفڪر رسول بخش پليجي کي سلامي پيش ڪئي. سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان قومي گيتن تي ٽيبلو پيش ڪري رسول بخش پليجي کي ڀيٽا ثقافتي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جلسي عام ۾ اٺاوهين آئيني ترميم ۽ آمريڪي سامراجي دهشت خلاف قراردادون پاس. جلسي عام ۾ قرارداد پاس ڪئي وئي ته ملڪ جو بنياد 23 مارچ 1940 واري پاڪستان قرارداد ۽ باني پاڪستان محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947 واري تقرير تحت وڌو وڃي. جلسي عام ۾ مجوزه 28هين آئيني ترميم سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش قرار. 28هين آئيني ترميم کي رد ڪرڻ جي قرارداد پاس اٺين ورسي جي جلسي عام ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سراج سيال، عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسٽ) جي وفاقي سيڪريٽري جنرل بخشل ٿلهو، سرائڪستان قومي اتحاد جي سربراه خواجا غلام فريد ڪوريجا، عوامي ورڪرس پارٽي سنڌ جي صدر علي نواز نظاماڻي، آرٽسٽ شيما ڪرماني، سنڌ بار ڪائونسل ميمبر ايڊووڪيٽ رشيد راڄڙ،عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،مرڪزي نائب صدر ستار رند،سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪز صدر غلام مصطفي چانڊيو،عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو،لال جروا،ماهنور ملاح،ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي،علي محمد ميمڻ،ڪاشف ملاح، نور نبي پليجو،ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر،ڄام تماچي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو،سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر خالق گندرو،سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪائنات هاليپوٽو،سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر اعتزاز گائينچو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر سرمد سائينداد خاصخيلي، دستگير ڀٽي، دودو چانڊيو، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاهه، ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ رحمان ڪورائي،سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ سڀاني ڏاهري،حسنه راهوجو، سلما لاشاري،شبانه پليجو، شهناز پليجو، ڊاڪٽر اسلم پرويز،موسيٰ درس،مارو خشڪ،ڊاڪٽر فدا ڀريجو،مسعود انور پليجو،جميل پليجو، سليم پليجو،ظفر اقبال پليجو سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ادبي شخصيتن خطاب ڪيو،ان موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته رسول بخش پليجو ٽين دنيا جي مظلومن جي انقلابي جدوجهدن جو سرواڻ آهي.سنڌ جهڙي خطي ۾ عالمي انقلابي پورهيت تحريڪ کي نظرياتي بنياد رسول بخش پليجي ڏنا. رسول بخش پليجي سنڌ جي عورتن کي سياست ۾ آڻي سنڌ اندر انقلاب برپا ڪيو. رسول بخش پليجي سنڌ جي تاريخ جا غير معمولي ڪم ڪيا. رسول بخش پليجي پورهيت عوام کي سياست جي اڳواڻي ڏني. رسول بخش پليجي سموري حياتي ملڪ کي سامراجي چنبي مان ڪڍڻ لاءِ علمي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. رسول بخش پليجي آمريتن سان مقابلو ڪيو. هن چيو ته اڄ به پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو آهي. پيڪا ايڪٽ جهڙا ڪارا قانون پاس ڪري اظهار جي آزادي جو ڳلو ڪپيو ويو آهي.هن چيو ته پپيلزپارٽي جي سهڪار سان وفاقي سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون پاس ڪري عدالتن کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ سنڌ ۾ نياڻيون ڪاروڪاري جي آڙ ۾ قتل ڪيون پيون وڃن پر عدالتون هن انساني قتلام تي خاموش آهن. هاڻ 28هين آئيني ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. 28هين آئيني ترميم جناح جي پاڪستان جو قتل هوندي،28هين آئيني ترميم وسيلي صوبائي خودمختياري مٿان راتاهو هنيو پيو وڃي. مهانگائي جو طوفان آڻي عوام کان جيئڻ جو بنيادي حق کسيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ کي ايس آئي ايف سي وسيلي هلايو پيو وڃي. پاڪستان جي مظلوم قومن جا وسيلا وڪرو پيا ڪيا وڃن. پيپلز پارٽي سنڌ جي وسيلن ۽ درياه جي نيلامي ۾ وفاقي سرڪار سان گڏ آهي. پپيلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏني وئي آهي. ملڪ تي جڏهن به غير جمهوري قوتون هاوي ٿينديون آهن ته انتهاپسندي ۾ اضافو ٿيندو آهي، ملڪ ۾ بدترين آمريت مڙهيل آهي. جنهن ڪري سنڌ وڌيڪ خطري هيٺ آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ کي کائي ڇڏيو آهي. حڪمران عياشين ۾ پورا آهن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته پ پ اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو کي وزير اعظم بنائڻ لاءِ سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪيو ويو آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته پيپلزپارٽي سرڪار ڪارو ڪاري جو ناسور پيدا ڪري سنڌي عورتن جو قتلام ڪيو آهي. سنڌ ۾ روز عورتن جو قتلام پيو ٿئي. بخشل ٿلهي چيو ته رسول بخش پليجي سرمائيداري ۽ جاگيرداري خلاف ويڙهه ڪئي. خواجه غلام فريد ڪوريجا چيو ته رسول بخش پليجي آمريتن سان ويڙه ڪئي. رسول بخش پليجي ملڪ جي مظلوم قومن جي حقن لاءِ ويڙه ڪئي. سراج سيال چيو ته سنڌ اندر منشيات کي هٿ وٺي فروغ ڏنو ويو آهي. جلسي عام جو آغاز عوامي تحريڪ جي اڳواڻن رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاه تي گلن جي چادر چاڙهي ڪيو، جنهن کانپوءِ لطيف جي وائي سان ثقافتي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شيما ڪرماني پڻ پنهنجي فن وسيلي رسول بخش پليجي کي خراج عقيدت پيش ڪيو. قومي راڳين سوڍي جوڳي، حنيف سارنگ، بختاور ملاح ۽ ٻين قومي گيتن وسيلي پنڊال جهومائي ڇڏيو ۽ سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجي کي ڀيٽا ڏني.