ميرپورخاص (رپورٽ: غفار رند) عمرڪوٽ جي سيف هائوس جي انچارج زرينه قمبراڻي کي مبينا طور هراسان ڪرڻ ۽ نوڪري مان نيڪالي ڏيارڻ خلاف سنڌ مزدور اتحاد، درجنين عورتن ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ميرپورخاص پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، متاثر زرينه قمبراڻي الزام هڻندي چيو ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد راجپوت 2025ع کان کين مسلسل هراسان ڪندو رهيو آهي، شاهد راجپوت سيف هائوس، جيڪو عورتن جي تحفظ جو مرڪز آهي، اتي غير لاڳاپيل مردن کي کڻي ايندو هو، جنهن تي اعتراض ڪرڻ باوجود هو پنهنجي عمل کان باز نه آيو، ان عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي کين وارننگ آرڊر جاري ڪيو ويو، جنهن جو جواب ڏيڻ باوجود کين نوڪري تان هٽايو ويو، بيواهه عورت آهيان، روزگار جو واحد ذريعو اها نوڪري هئي، تنهن ڪري مون کي فوري طور بحال ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. جسقم شهيد بشير خان قريشي گروپ اڳواڻ اصغر راجپوت، شبانه کوکر، ڪلثوم مهر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي چيو ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد راجپوت خلاف هراسمينٽ جي الزامن جي شفاف جاچ ڪرائي قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، زرينه قمبراڻي کي فوري طور نوڪري تي بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.