حيدرآباد ۾ ڪُتي جي حملي جو شڪار عورت جي حالت نازڪ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ريبز (ڪتي جي چڪ سان ڦهلجندڙ بيماري) جو هڪ ٻيو مشڪوڪ ڪيس سامهون آيو جڏهن ته صوبي ۾ ڪتن جي چڪ جي واقعن ۽ ريبز سبب فوتگين ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ رپورٽ ٿي، جناح اسپتال ڪراچي جي اختيارين موجب حيدرآباد سان تعلق رکندڙ 35 ورهين جي هڪ عورت کي ڪتي جي چڪ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال  منتقل ڪيو ويو جتي طبي معائني دوران سندس جسم ۾ ريبز جون علامتون ظاهر ٿيون، اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته مريضه ۾ هائيڊروفوبيا (پاڻي کان خوف) سميت ريبز جون ٻيون نمايان علامتون به موجود هيون بعد ۾ ڪرايل ٽيسٽن جا نتيجا به مثبت آيا، جنهن سان بيماري جي موجودگي جي تصديق ٿي وئي، اسپتال انتظاميا موجب ٽيسٽ مثبت اچڻ کان پوءِ مريضه جا وارث کيس پنهنجي ساڻ وٺي ويا، ٻئي طرف سنڌ صحت کاتي جي انگن اکرن موجب هلندڙ سال صوبي ۾ ڪتن جي چڪ جا 40 هزار کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن، صحت کاتي موجب رڳو ڪراچي ۾ هلندڙ سال هيل تائين ريبز سبب 10 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.