آمريڪا پاران بي ايل اي ۽ ان جي مجيد بريگيڊ کي ”دهشتگرد“ تنظيمون قرار ڏيڻ يقيناً پاڪستان جي قابلِ تحسين سفارتي ڪاميابي آهي. انهن ٻنهي کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جو اعلان روايتي طريقي سان نه ٿيو. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ڪنهن آفيسر کان پريس رليز جاري ڪرائڻ بدران سڌو سنئون وزير خارجه مارڪو روبيو هن حوالي سان بيان جاري ڪيو. جيڪڏهن ان بيان کي غور سان پڙهجي ته بلوچ انتهاپسند تنظيمَن کي رڳو پاڪستانين کي نشانو بڻائڻ جو ذميوار نه قرار ڏنو ويو آهي، پر گذريل سال جا ٻه واقعا به ذڪر ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪراچي ايئرپورٽ ۽ گوادر بندرگاهه تي چيني ماهرن تي حملا ٿيا هئا. آمريڪا گويا پاڪستان سان گڏ چين جي ڪري به بلوچ دهشتگردن کي مذمت ۽ تاديب جو مستحق قرار ڏنو آهي.
جنهن ڏينهن مارڪو روبيو جو بي ايل اي بابت تاديبي بيان جاري ٿيو، ساڳئي ڏينهن آمريڪي صدر ٽرمپ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي چين مان ايندڙ مصنوعات تي لڳايل ڳرا ٽيڪس لڳائڻ واري فيصلي کي وڌيڪ 90 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو. اهڙي معطلي جو اعلان ان کان 90 ڏينهن اڳ به ٿيو هو. جڏهن آمريڪا چيني مصنوعات تي انتهائي وڏي ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته چين سخت لهجو اختيار ڪندي پنهنجي ملڪ ۾ ايندڙ آمريڪي مصنوعات تي به لڳ ڀڳ برابر ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو. ٽرمپ کي احساس ٿي ويو ته هو چين کي دٻائي نه سگهندو، تنهنڪري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو.
چين جي حوالي سان ٽرمپ جي سڀ کان وڏي مجبوري اها “مقناطيسي چِپ” آهي، جيڪا موبائل فون ۾ لڳندڙ سم کان به ننڍي ۽ لڳ ڀڳ نظر نه ايندڙ هوندي آهي. اها ”ناياب مٽي“ مان تيار ٿئي ٿي. هن چپ کانسواءِ موبائل فون، ڪمپيوٽر ۽ ٻيا ڊجيٽل دور جا اوزار تيار ئي نٿا ٿي سگهن. مصنوعي ذهانت جو انقلاب به بغير هن ناياب مٽيءَ جي ذري نما چپ جي ممڪن نه آهي. ڪيترن ئي سالن کان چين چپ جي تياري تي اجاره حاصل ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا ان جي تياري ۾ دلچسپي نه ڏيکاري ۽ اڪثر ڪري تائيوان جي ڪمپنين سان شراڪت ۾ اها تيار ڪندو رهيو. چين جي هن اجاره داري هاڻي آمريڪا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري صدر ٽرمپ هاڻي دنيا ڀر ۾ ناياب مٽيءَ جا ذخيرو جنوني انداز ۾ ڳولي رهيو آهي ۽ کيس اميد آهي ته پاڪستان جي زمين به هن وسيلن سان مالا مال آهي. اسان جي ”خاڪ“ گويا قيمتي اثاثي ۾ بدلجي سگهي ٿي.
ٽرمپ جي چين سان نرم لهجي واري پاليسي ڀارت لاءِ تڪليف ڏيندڙ هوندي. هن صدي جي شروعات ۾ صدر بش جي دور ۾ اهو فيصلو ٿيو ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارت سبب ڀارت کي آمريڪي سيڙپڪاري سان چين جي مقابلي ۾ طاقتور بڻايو وڃي. بش کان پوءِ ايندڙ صدورن به اها حڪمت عملي جاري رکي. ٽرمپ به پنهنجي اڳئين دورِ صدارت ۾ اهڙو ئي رويو رکيو. مودي ۽ ٽرمپ گڏجي آمريڪا ۽ ڀارت ۾ عوامي جلسن کي چونڊ مهم جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
گذريل 25 سالن ۾ آمريڪا جي ڪوشش رهي آهي ته هو پاڻ کي ڏکڻ ايشيا بدران اوڀر ايشيا تي مرڪوز رکي. هزارين سال اڳ سامونڊي واپار ذريعي هندو ازم جا اثر ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا تائين پهتا هئا، انڊونيشيا جو بالي ٻيٽ به هندو ثقافت جو نمائندو رهيو. مغربي محققن انهن حقيقتن کي اجاگر ڪري ڀارت کي اوڀر ايشيا جي ملڪن سان گڏجي چين کي گهيرڻ لاءِ راغب ڪيو. آسٽريليا ۽ جاپان سان گڏجي آمريڪا ڀارت کي چين جي سامونڊي ڪنارن تي اثرانداز بڻائڻ چاهيو ته جيئن ضرورت پوڻ تي ڀارتي نيوي جي مدد سان چين جي بحري واپار کي روڪيو وڃي.
ڀارت پاڻ کي ”تاريخي قوت ۽ تهذيب“ سمجهي ٿو ۽ دنيا جي ”قديم ترين تهذيب“ جو وارث سمجهي ٿو. هي سوچ مودي جي دور ۾ ”هندوتوا“ جي ڪري وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. جن ملڪن کان ڀارت ضروري شيون درآمد ڪري ٿو، انهن ۾ چين پهرين نمبر تي آهي. چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ واپار ڀارت لاءِ وڏي خساري جو سبب آهي. چين تي معاشي انحصار جي باوجود ڀارت پنهنجي پاڙيسري سان سرحدي تڪرار ڳالهين ذريعي حل نه ڪري سگهيو آهي. هن صدي جي شروعات کان ڀارت اهو گمان ڪندو رهيو ته آمريڪا لداخ ۾ چين-ڀارت سرحد تي فوجي طور پنهنجي موجودگي کي طاقتور بڻائڻ ۾ ان جي مدد ڪندو، پر آمريڪا جي ترجيح چين جي سامونڊي ڪنارن ۽ ان جي بحري واپار تي هئي.
آمريڪي ترجيحن کي نظرانداز ڪندي، مودي ٽرمپ جي ٻي صدارتي مدت جي شروعات تي بغير ثبوت جي پاڪستان تي الزام هنيو ته مقبوضه ڪشمير جي پهلگام ۾ دهشتگرديءَ واري واقعي جو ذميوار آهي. “بدلو” وٺڻ لاءِ 7 مئي تي ڀارت پاڪستان جي ٽن شهرن تي ميزائل حملو ڪيو. شروعات ۾ صدر ٽرمپ پاڻ کي پاڪستان-ڀارت جنگ کان الڳ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جلد ئي کيس احساس ٿيو ته ڀارتي جارحيت ٻنهي دشمن ملڪن کي ايٽمي جنگ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي. ممڪن ايٽمي جنگ روڪڻ لاءِ سندس انتظاميه متحرڪ ٿي ۽ اعليٰ سطح تي ٿيل فون ڪالز کانپوءِ جنگبندي ٿي وئي. پاڪستان کلي دل سان ٽرمپ جي ڪردار کي مڃيو ۽ وفاقي ڪابينا نوبل امن انعام ڏيڻ جي قرارداد به منظور ڪئي، پر ڀارت اڄ به دعويٰ ڪري ٿو ته جنگ ٽرمپ جي ڪردار سبب نه پر پنهنجي فيصلي سان روڪي وئي ۽ ”آپريشن سندور“ جاري آهي.
ٽرمپ ڀارتي رويي کي پنهنجي توهين سمجهيو. هڪ ڪاروباري شخص طور هو اڳ ۾ ئي محسوس ڪري رهيو هو ته ڀارت ۾ تيار ٿيل شيون آمريڪا ۾ وڌ ۾ وڌ وڪامجن ٿيون، پر ڀارت آمريڪا کان تمام گهٽ خريد ڪري ٿو. آمريڪي شين جي آمد روڪڻ لاءِ ڀارت ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن. جنگ روڪڻ ۾ پنهنجي ڪردار کي تسليم نه ڪرڻ تي طيش ۾ اچي ٽرمپ ڀارتي مصنوعات تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لڳائي ڇڏيو. چين، جنهن جي مقابلي ۾ ڀارت کي آمريڪا بيهارڻ چاهيو ٿي، اڃا تائين اهڙن ٽيڪسن کان محفوظ آهي، ۽ هاڻي بي ايل اي کي دهشتگرد قرار ڏئي آمريڪا چين جي وڌيڪ دل کٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کي پڪ آهي ته اها دلجوئي ڀارتي حڪومت جي ڪيترن ماڻهن جي دل ۾ ڇوهه ڇڏيندي.