خراب حڪمراني خلاف سگھارو آواز ڪڏھن اٿندو؟

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر عباسي

بدعنواني جو مرض برصغير ۾ مغلن جي زماني کان نظر اچي ٿو جڏھن منصبدار زرعي ۽ واپاري طبقي کان ڍل اوڳاڙڻ بھاني سندن کيسا خالي ڪري ڇڏيندا ھئا۔  جڏھن انگريزن ھندستان تي قبضو ڪيو ته ھنن ھتان جي ماڻھن تي تسلط قائم ڪرڻ لاءِ نوڪرشاھي کي گھڻا اختيار ڏئي سندن ايئن تربيت ڪئي ته ماڻھن جو ساھ مٺ ۾ رھي۔ جيئڻ چوڻي آھي ته طاقت ڪرپشن کي جنم ڏيندي آھي ۽ مڪمل طاقت ڪرپشن کي بي انتھا وڌائي ڇڏيندي آھي۔ ان ڪري نوڪرشاھي ماڻھن کي پنھنجي رعيت سمجھي خوب لٽيو ۽ ڦريو۔ ان ماحول ۾ وري مسلمان ڪامورن ۾ رشوت وٺڻ جو لاڙو ٻين کان وڌيڪ ھيو۔ اھو ئي سبب آھي جو قائد اعظم ٦ مئي ۱۹۴٦ ۾ پنھنجي دوست اصفھاني کي خط لکي آگاه ڪيو ته مسلمان ڪامورن ۾ رشوت وٺڻ جو مرض ٻين سڀني کان وڌيڪ آھي۔ پاڪستان ٺھڻ کان پو۽ نوڪرشاھي جو جيڪو ڍانچو اسان کي مليو اھو بنيادي طرح عوام جي خدمت ڪرڻ ن پر عوام تي حڪمراني ڪرڻ لا۽ ٺاھيو ويو ھيو۔ ٿوري ئي عرصي۾ سياستدانن جي پاڻ ۾ ويڙهه سبب ڪامورا اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويھي رھيا۔ ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ نوڪر شاھي جاگيردار سياستدانن سان ٺاهه ڪري حڪومت ڪندا رھيا۔ ڪرپشن کي وڌيڪ ھٿي تڏھن ملي جڏھن فوجي حڪومتون قائم ٿيون۔ايئن خراب حڪمراني جو ھڪ ن کٽندڙ سلسلو جاري رھيو۔وقت سان گڏ اشرافيا جو ھڪڙو اڻ لکيل اتحاد قائم ٿي ويو جنھن ۾ جاگيردار,  صنعتڪار, ڪامورا سڀ شامل ٿي ويا۔ ان صورتحال ھڪ اھڙي نظام کي جنم ڏنو جن جو نتيجو ھيٺين شڪلين۾ ظاھر ٿيو۔

۱۔عوامي وسيلن جي ڀيل جي نتيجي ۾ عوام جي بنيادي سھولتن جھڙوڪ تعليم، صحت ۽ بنيادي ترقي جي ڍانچي کي ڪمزور  ڪري ڇڏيو

۲۔ بدعنواني امير ۽ غريب جي فرق کي وڌايو آھي۔

۳۔ ماڻھن جو نظام تان ويساهه ڪمزور ٿيو آھي ۽ سماجي ناانصافي ڪر کڻي بيھي رھي آھي ۽ بدامني۽ ڏوھن ۾ اضافو ٿيو آھي۔

۴۔سياسي عدم استحڪام جھڙوڪ ھڙتالون, مظاھرا, ۽ ڀج ڊاه جھڙا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آھن۔

۵۔ماحولياتي تباھي بنا رنڊڪ ٿيندي رھي ٿي ان ڪري موسمياتي مسئلن کي منھن ڏيڻ لا۽ڪا به رٿا عمل پذير ڪونه ٿي سگھي آھي۔

٦۔ ادارتي تباھي ڪري ڪامورن جي اھليت گھٽجندي وڃي ٿي۔ سڌارن وارو عمل ناڪام ٿيندي نظر اچي ٿو۔ اسان صاف طرح ڏسي سگھون ٿا ت جن ملڪن ۾ خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن گھڻي آھي اتي مٿيان سمورا مسئلا موجود آھن۔ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل,  ورلڊ بئنڪ ورلڊ وائيڊ گورننس انڊيڪيٽر,۽ فريجائيل اسٽيٽس انڊيڪس مطابق پاڪستان ڪانگو ھيٽي  ڏکڻ سوڊان زمبابوي ميانمار لبنان ۽ وينزويلا اھڙا ملڪ آھن جتي بدعنواني ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال عام آھي ان ڪري مٿيان ذڪر ڪيل مسئلا به وڌيڪ آھن۔

 ھاڻي اچو ته سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺون ت ڪيئن حڪمران جماعت پنھنجو نيٽ ورڪ جوڙي حڪومت ڪري رھي آھي۔سنڌ ۾ حڪمران جماعت وڏي ھوشياري سان ھڪڙو نيٽ ورڪ جوڙيو آھي جيئن ڪنھن به سطح تي ڪو ڀرپور احتجاج نه ٿي سگھي۔ اچو ته جائزو وٺون۔حڪومتي ڍانچو ايئن بيٺل آھي ته مٿين ليول تي ھڪڙا اھي ماڻھون آھن جيڪي اسيمبلي ۾ پھچن ٿا انھن جو پسمنظر جاگيرداراڻو آھي ۽ پنھنجي علائقي ۾ چڱو اثر رسوخ رکن ٿا۔ انھن وٽ پنھنجي علائقن ۾ وري ھلڪا ڀوتار آھن جن وٽ سوين ووٽر موجود آھن۔ انھن ننڍن ڀوتارن جا ڪم ڪاريون جھڙوڪ نوڪريون، بدليون۽ ٺيڪا ملن ٿا جنھن ڪري اھڙن ماڻھن کي اسيمبلي ميمبر خوش ڪيون ويٺا آھن۔ ٻيو گروه ننڍن نوڪرين وارا۽ واپارين تي ٻڌل آھي انھن کي به بدلين توڙي عام رواجي ڪمن ڪارين ۾ خوش رکيو وڃي ٿو۔ سماج ۾ غريب عورتن جو ڪافي تعداد موجود آھي جنھن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي خوش رکڻ جو بندوبست ڪيو ويو آھي۔

سماج ۾ صرف ٻه اھڙا طبقا بچن ٿا جيڪي حڪومتي نفعن کان پري آھن۔ ھڪ اھي جيڪي پنھنجي محنت ۽ صلاحيت تي اڳتي وڌڻ جا خواھش مند آھي پر سفارش ۽ بدعنوان سسٽم جي ڪري پاسيرو ۽ ناراض آھن۔ ٻيو اھو طبقو جيڪو اڻپڙھيل شعور کان خالي ۽ پيٽ پوڄا ۾ غرق آھي ان ڪري اھي ٻئي طبقا غير منظم ۽ تنظيمي صلاحيت کان محروم آھن۔ ھاڻي اچو ته ڏسون ته ايڏي وسيلن جي بيدردي سان ٿيل ڀيل خلاف ڪا اثرائتي تحريڪ ڇو نه ٿي ھلي۔  سنڌ جي سياست شھري ۽ ٻھراڙي واري آبادي جي بنياد تي ورھايل آھي۔ سول سوسائٽي بنهھ ڪمزور آھي۔ ڪابه ھڪڙي منظم سياسي پارٽي ڪانھي جيڪا ماڻھن کي پاڻ سان گڏ کڻي حڪومت کي مجبور ڪري۔ سياسي پارٽيون ڄڻ ته پريشر گروپ بڻيل آھن ۽ ذاتي اناعن جي ڪري گڏيل ۽ ديرپا اتحاد قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آھن۔ ان کان علاوه موجوده بندوبست کي قائم رکڻ ۾ اصل سرڪار جو پورو تعاون ۽ ٻٺڀرائي شامل آھي۔ جيئن چوڻي آھي ته برائي مان ئي ڀلائي جنم وٺندي آھي ٻيو ته جدلياتي سائنس به اھو سيکاري ٿي موجوده  بندوبست جا تضاد آھستي آھستي گھرا ٿيندا ته ساڳي وقت مخاف سياسي قوتون به پنھنجي طاقت جو نئين سر جائزو  وٺندي نظر اچن ٿيون۔ سوشل ميڍيا ھڪ اھڙو پليٽ فارم ثابت ٿي رھيو آھي جنھن کي ڪو وزير يا عملدار قيد نه ٿو ڪري سگھي۔ تنھن ڪري اھو پليٽ فارم سماجي نا انصافين کي وائکو ڪري رھيو آھي۔ ٻھراڙن مان شھرن طرف ماڻھن جو رخ ڀوتارن کي ڪمزور ڪري رھيو آھي۔ ڇاڪاڻ ته شھرن ۾ رھندڙ نوڪري يا ڪاروبار ڪندڙ ماڻھن جي بقا ڪنھن وڏيري جي رحم ڪرم تي ڪون آھي۔ مخالف سياسي قيادت ۾ اھو احساس ضرور پيدا ٿيو آھي ته گڏيل اتحاد کان سواءِ ڪا اثرائتي تحريڪ نه ھلائي سگھبي۔ ان ڪري مٿين سڀني سببن جي ڪري مستقبل ۾ سياسي تحريڪ ھلڻ جا چٽا امڪان موجود آھن۔ ھڪ متحرڪ سياسي ھل چل ۾ ئي بھتر حڪمراني جو راز پوشيده آھي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.