تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني اختيارين آيت الله سيد علي خامنه اي جي تدفين بابت تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ايراني خبر ايجنسي موجب، تهران جي سماجي ۽ ثقافتي معاملن واري نائب ميئر محمد امين توڪلي زادا تدفين بابت نيون تفصيلون جاري ڪندي چيو ته تدفين کان اڳ ٽن ڏينهن تائين عوامي تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن.
محمد امين توڪلي زادا موجب انهن ٽن ڏينهن جي سوڳ دوران عوام کي مرحوم اڳواڻ کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.
هن ٻڌايو ته عوامي تقريبن کان پوءِ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ باقاعدا جلوس شروع ٿيندو. سندس چوڻ موجب تهران ۾ اهو جلوس گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ جاري رهڻ جو امڪان آهي.
توڪلي زادا وڌيڪ ٻڌايو ته ان کانپوءِ تقريبون ايران جي اهم مذهبي مرڪزن قم ۽ مشهد ۾ به جاري رهنديون. سندس چوڻ موجب آيت الله خامنه اي جي خواهش موجب تدفين مشهد ۾ امام رضا جي روضي جي ويجهو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ايراني اختيارين موجب اهو ملڪ جي جديد تاريخ جي سڀ کان وڏي عوامي گڏجاڻين مان هڪ ٿي سگهي ٿو. توڪلي زادا ٻڌايو ته تهران ۾ اهڙا انتظام ڪيا پيا وڃن جو هڪ ڪروڙ 50 لک کان 2 ڪروڙ ماڻهو انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪري سگهن.
سندس چوڻ آهي ته انتظامن جي گڏائي نگراني پاسدارانِ انقلاب ڪري رهي آهي، جڏهن ته ميونسپل اختيارين ۽ ٻيا سرڪاري ادارا لاجسٽڪس ۽ عوامي سهولتن ۾ مدد فراهم ڪندا.
ياد رهي ته اڳوڻو ايراني سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ايران جنگ جي شروعات ۾ ابتدائي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي ويا هئا.