نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) افغانستان سيپٽمبر ۾ پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڀارت جي ميزباني ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارت ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون 13، 16 ۽ 19 سيپٽمبر تي کيڏيون وينديون.
ان کانسواءِ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني هڪ ٽيسٽ ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ ڀارت جو دورو ڪري رهي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جوابي دوري لاءِ ڀارتي بورڊ سان رابطو ڪيو هو، ٻنهي بورڊز وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن ۽ سيريز لاءِ ڳالهيون ٿي چڪيون آهن.
واضح رهي ته افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي سيريز جي ميزباني ماضيءَ ۾ ڀارت ۽ گڏيل عرب امارتن۾ ڪندو رهيو آهي.
ڀارت ۾ افغانستان ان کان اڳ آئرلينڊ، بنگلا ديش ۽ نيوزيلينڊ جي ميزباني ڪري چڪو آهي.