شاداب 3 سالن کان ون ڊي نه کيڏيو، پوءِ واپس ڪيئن آيو؟ باسط عليءَ جي آل رائونڊر تي ڇتي تنقيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر باسط علي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر شاداب خان جي شموليت تي سوال اُٿاري ڇڏيا.
باسط علي هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ سُهري ثقلين مشتاق جي سامهون ئي سندس ناٺي شاداب خان جي قومي اسڪواڊ ۾ شموليت تي سخت تنقيد ڪئي.
هن سوال ڪيو ته ” مون کي اهو ٻڌايو ته شاداب خان 3 سالن کان ون ڊي ڪرڪيٽ ناهي کيڏي ته پوءِ هو ٽيم ۾ واپس ڪيئن آيو؟“
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته شاداب رڳو پي ايس ايل کيڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن توهان شاداب کي ون ڊي ميچن لاءِ ٽيم ۾ واپس وٺي اچو ٿا، ته اها مڪمل طور تي پسند يا ناپسند جي بنياد تي سليڪشن ٿي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ”مان اهو پهريون شخص هئس جنهن شاداب خان کي انڊر 19 ٽيم لاءِ چونڊيو هو، پر جڏهن ڪارڪردگي خراب هجي ۽ توهان اهڙي طرح پيراشوٽ جي ذريعي رانديگر کي ٽيم ۾ کڻي ايندا ته ڪو به ٻار خوش نه ٿيندو.“
باسط علي چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ٻار پي سي بي ۽ سليڪٽرز جي ڊپ کان خاموش رهندا، پر اهي سڀ شيون پاڪستان ڪرڪيٽ کي نقصان پهچائي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.