سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ميرٽ جي لتاڙ

تحرير: غلام حسين جوڻو

دنيا ۾ ڪنهن به نوجوان جي اهليت ۽ قابليت جاچڻ لاءِ، ان کان چٽا ڀيٽي جو آزمائشي امتحان ورتو ويندو آهي. ان امتحان ذريعي اهليت، قابليت ۽ مهارت جي خبر پوي ٿي. ان امتحان وٺڻ جا اصول متعين ڪيا ويندا آهن. انهن قانونن موجب ميرٽ کي ظاهر ڪيو ويندو آهي. دنيا جا ترقي يافته ملڪ ميرٽ ڏانهن خاص ڌيان ڏين ٿا. ميرٽ جي لتاڙ کي عيب ۽ گناهه سمجهندا آهن. ميرٽ جي لتاڙ سان ٻين جو حق غضب ٿئي ٿو. ٻين جي حق تلفي، هرگز معاف ڪونه ڪندا آهن. اهي ملڪ ميرٽ موجب پنهنجي شهرين کي ذميواريون ڏيندا آهن ته جيئن هو صحيح نموني قوم و ملڪ جي خدمت ڪري سگھن ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري ترقي وٺرائن. اهوئي سبب آهي جو دنيا ۾ ميرٽ کي قائم رکڻ لاءِ، ملڪي ادارن جي سختي سان نگراني ڪئي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون وينديون آهن. ميرٽ ۾ ڪابه هيرا ڦيري برداشت ڪونه ڪئي ويندي آهي. صاف ۽ شفاف ميرٽ جي ڪري اهي ملڪ ترقي جو منزلون تيزي سان طئه ڪري رهيا آهن.

اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ته قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي. دنيا ترقي ڪري وڃي چنڊ تي پهتي آهي. پر، اسان وٽ ترقي جو نالو و نشان ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. هتي ميرٽ کي نظرانداز ڪري اقربا پروري جي بنيادن تي من پسند ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي يا رشوت وٺي نا اهل ماڻهن کي اهم ذميواريون ڏنيو پيون وڃن. کين اڳيان آندو پيو وڃي. هونئن ته اهو حشر سڄي ملڪ ۾ آهي. پر، سنڌ ۾ سڀ کان سرس ۽ سوايو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان جو تازو مثال اکين جي سامهون آهي ته، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ جي نوڪرين لاءِ ورتل لکت واري ٽيسٽ بعد انٽرويو جي رزلٽ جاري ڪئي آهي. جنهن مان ڪير به مطمئن ۽ راضي ڪونه ٿو نظر اچي. رزلٽ ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جا افواهه تيزي سان پکيڙجي رهيا آهن. ميڊيا تي به اهي دانهون ٻڌڻ ۾ اچن پيون. اخبارن ۾ به اهڙيون خبرون شايع ٿي رهيون آهن. اهي دانهون ٻڌڻ ۽ خبرون پڙهڻ سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪارڪردگي ناقص ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ان جي پت وائکي ٿي آهي. هن امتحان ۾ اهل ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي ۽ نا اهل سفارشي ماڻهن کي اهل ڏيکاري ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آهي. اهڙي طرح اهل ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي. اها هڪ وڏي نا انصافي ۽ بي ايماني آهي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته، هنن نوڪرين لاءِ کلم کلا رشوت ورتي ويئي آهي. جيڪي نا اهل ماڻهو پاس ڏيکاريا ويا آهن. تن کان چاليهن لکن کان سٺ لکن تائين رشوت وٺڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن ۽ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ڪن اميدوارن پنهنجي زرعي زمين کپائي، رشوت ڏيئي نوڪري حاصل ڪري ورتي آهي. اي ايس آءِ يارهين گريڊ جي نوڪري آهي. جنهن لاءِ اميدوارن ايترا پئسا ڀريا آهن. مطلب ته مذڪوره پوسٽن جون سيٽون تقريباً  وڪرو ڪيون ويون آهن ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ۽ ٿوريون پوسٽون سفارش تي ڏنيون ويون آهن يا ميرٽ تي ڏنيون ويون هجن جيڪڏهن ميرٽ تي هڪ ٻه سيٽ ڏني اٿن ته، اها هڪ خوشقسمتي چئبي.

هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته، جڏهن اهي ماڻهو پنهنجيون ذميواريون سنڀاليندا ته اول ته هو رشوت ۾ ڏنل رقم  حاصل ڪرڻ لاءِ غريب عوام کي ڦريندا رهندا ۽ جنهن سان رشوت جي بازار گرم ٿيندي اڳ ۾ ئي اسان وٽ رشوت عام آهي. ويتر، ان ۾ اضافو ايندو جنهن ڪري عوام کي وڏيون پريشانيون ورائي وينديون. ڪيترائي مونجهارا ۽ مسئلا پيدا ٿيندا جن کي حل ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ۽ ڏکيو ٿي پوندو. قانون ۽ قاعدن کي به پوئتي رکيو ويندو. پر، رشوت وٺڻ کي اهميت ڏني ويندي. اهو عمل هڪ مهذب ۽ تهذيب يافته ملڪ لاءِ وڏو داغ آهي ۽ سٺو سنوڻ ڪونه آهي.

ياد رهي ته سنڌ ۾ اهو پهريون واقعو ڪونه ٿيو آهي. اڳ ۾ به اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن. جنهن ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪارڪردگي کي هميشه ناقص سڏيو وڃي ٿو. ان تي سخت تنقيد ٿيندي رهندي آهي. آڱريون کڄي رهيون آهن. سنڌ جي اڪثر ماڻهن جو اهو خيال آهي ته اهو ادارو هڪ ڪرپٽ ترين ۽ نوڪريون وڪرو ڪندڙ آهي. جنهن ڪري ان جي ساک متاثر ٿيندي پئي وڃي. ماڻهن جو ان اداري تي ڀروسو ۽ اعتبار ڪونه رهيو آهي. اهو رشوت جو گھر ۽ اڏو بنجي ويو آهي. جنهن کي مڃڻ کان هرگز انڪار ڪري نه ٿو سگهجي. بهرحال اڳ ۾ به محنتي نوجوانن جي حقن تي اهو ادارو ڌاڙو هڻندو رهيو آهي. هن ڀيري به ان روايتن کي برقرار رکڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي اٿس حڪومت توڙي عدليه کي هن اداري جي ڪارڪردگي نظر ڪونه ٿي اچي جنهن ڪري انهن به خاموشي اختيار ڪئي آهي. هاڻ جڏهن اهو حال برقرار رهيو ته محنتي نوجوان، محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. نتيجي ۾ اسان وٽ اهل ماڻهن جي کوٽ پيدا ٿي سگھي ٿي. قابل ۽ ڄاڻو ماڻهن جو فقدان پيدا ٿيندو. اها، کوٽ قومي نقصان آهي. جنهن جو ازالو به ٿي نه ٿو سگھي. ادارا مضبوط ٿي نه ٿا سگھن. ملڪ ترقي جي راهن تي گامزن ٿيڻ کان ڪوهين پري هليو ويندو. پوءِ، ان جا نتيجا عوام کي ئي ڀوڳڻا پئجي  ويندا. عوام سراپا سورن ۾ اچي ويندو جڏهن ته عوام اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي.

بهرحال نوجوان اميدوار جيڪي هن امتحان ۾ ناپاس ڪيا ويا آهن. انهن عدالت جو دروازوکڙڪائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ۽ نتيجي خلاف احتجاج به ڪيا ويا آهن. سندن موقف آهي ته ميرٽ جو قتل ڪيو ويو آهي. پر، اڳ ۾ اهڙين دانهن ڪرڻ سان ڪنهن کي به انصاف ڪونه مليو آهي هن ڀيري به ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ ئي هوندا. ڪا، نواڻ ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي بس ماضي واري ساڳئي طريقي کي ورجايو ويندو. ان جو سبب اهو ڄاڻايو ويندو ته، درخواستگذار وٽ ڪي ٺوس ثبوت ڪونه آهن. سنڌ پبلڪ سروس جي مذڪوره رزلٽ شايع ڪرڻ تي هڪ ڀيرو وري سوال اٿاريا پيا وڃن جنهن سنڌي عوام ۾ وڏي هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ هر ماڻهو سوچڻ تي مجبور آهي ته آخر هن سماج جو ڇا ٿيندو؟ جنهن ۾ محنت جو ڦل ۽ اجورو ڪونه ٿو ملي. پوءِ اهڙي امتحان وٺڻ جو فائدو ڪهڙو ٿئي ٿو. بهتر آهي ته ڪميشن کي ختم ڪري سنئون سڌو ڀرتيون ڪيون وڃن. رشوت جي عيوض نوڪريون ڏنيون وڃن يا ڪنهن بااثر شخصيت جي سفارش تي نوڪرين جا آرڊر جاري ڪيا وڃن. باقي ڄاڻايل ڪميشن مان ڪوبه فائدو ڪونه ٿو ٿئي. ٻڌو اٿم ته هن ڪميشن ۾ جن اميدوارن لکت ۾ وڌ ۾ وڌ مارڪون کنيون آهن. تن کي انٽرويو ۾ فعل ڪري انهن کي مايوس ڪيو ويو آهي. اهو ڪٿان جو انصاف آهي. هن ظالم نظام ۾ ان محنت جو ڪوبه قدر ڪونه ٿو ڪيو وڃي. محنت ڪندڙ نوجوانن جي خوابن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ويو آهي. سندن خواب اڌورا ۽ اڻ پورا رهجي ويا آهن. انهن نوجوانن جي دل مان ڪهڙي آهه ۽ دانهن نڪتي هوندي. هاڻ محنت ڪندڙ نوجوانن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ايڊوڪيٽ ثناءَ الله ڀنڊ پنهنجي مضمون “ ميرٽ جو قتل ۽ محنت تي پاڻي ڦير” ۾ لکيو آهي ته، “ سڀاڻي اسان جو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو. هن هن ڏاڍ ۽ زيادتي خلاف جاڳڻ مزاحمت ڪرڻ وقت جي اشد ضرورت آهي” سندس موقف پنهنجي جاءِ تي درست ته آهي. پر، هن ڀوتارن جي ظالم دور ۾ غريب عوام ڇا ٿو ڪري سگھي. مذڪوره ڇٽا ڀيٽي جو امتحان قوم سان مزاق ڪئي ويئي آهي. سنڌ جي نوجوانن جي بي قدري ۽ توهين ڪئي ويئي آهي. ڪوبه ماڻهو هنن نتيجن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. سنڌ ۾ ڪوبه ادارو فعال ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي بلڪل اهڙي طرح سنڌ سروس ڪميشن جو ادارو به غير فعال آهي ۽ ان جو به سج لهي ويو آهي. جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي سو بلڪل ٿورو، گھٽ ۽ نه هئڻ جي برابر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.