ڪُل جماعتي ڪانفرنسون ۽ اصل جمهوريت جو قيام

تحرير: نصرت جاويد

هاڻوڪي وقت ۾ پاڪستاني فوج جي سربراهه کي ڀارتي حملي کانپوءِ فيلڊ مارشل جو خطاب ملي چڪو آهي، پر هو ملڪ جو صدر ناهي. صدر جي عهدي تي هاڻي آصف علي زرداري ويٺل آهي، جيڪي اڳ ۾ به 2008ع کان 2013ع تائين چونڊيل صدر رهيا آهن. جڏهن ته وزيراعظم جي ڪرسي تي پنجاب جي اڳوڻي وڏو وزير، شهباز شريف ويٺل آهي، جيڪو چونڊيل قومي اسيمبلي جو قائدِ ايواڻ آهي.ظاهر آهي ته جمهوري ڍانچو ته قائم آهي، پر عام ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته ملڪ ۾ اصل جمهوريت ناهي، ڪا ٻئي قسم جي قوت حڪمران آهي. پڙهيل لکيل طبقو ان نظام کي ’هائيبرڊ‘چوي ٿو.

 اهڙي غيرجمهوري ترتيب مان جان ڇڏائڻ لاءِ ’تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان‘ جي نالي سان سياسي اتحاد قائم ٿيو آهي، جيڪو هاڻ هڪ وسيع اپوزيشن اتحاد جي شڪل وٺڻ لاءِ ڪُل جماعتي ڪانفرنسن جو سهارو وٺي رهيو آهي.

اها جماعتي ڪانفرنس جنهن هوٽل ۾ ٿيڻ واري هئي، اُتي انتظامي دٻاءَ سبب آخري لمحن تي بُڪنگ رد ڪئي وئي، جيتوڻيڪ اڳواٽ ئي رقم به جمع ڪرائي وئي هئي. پر مصطفيٰ نواز کوکر، جيڪو تازو ئي ان تحريڪ ۾ شامل ٿيو آهي، همت نه هاري ۽ پنهنجي فارم هائوس کي ڪانفرنس لاءِ مهيا ڪري ڇڏيو.اهو قدم هن پنهنجي والد، حاجي نواز کوکر جي روايت جي پيروي ڪندي کنيو. ياد رهي ته جڏهن نواز شريف جي جماعت لاءِ اسلام آباد جي ڪنهن به هوٽل پنهنجو هال مهيا ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ته حاجي نواز کوکر پنهنجو گهر مهيا ڪيو هو. بعد ۾ هو مختلف سببن جي ڪري مسلم ليگ (ن) ڇڏڻ تي مجبور ٿيو ۽ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. مصطفيٰ نواز کوکر اپريل 2022ع تائين ان پارٽي ۾ سرگرم رهيو، ان کان پوءِ ڌار ٿي ويو.

جنهن ڏينهن اها ڪانفرنس ٿي رهي هئي، اُن ڏينهن تحريڪ انصاف جا لڳ ڀڳ 14 قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز کي 9 مئي جي واقعي بابت دهشتگرديءَ جي مقدمي ۾ ڏهه سال قيد جي سزا ملي. ان کان اڳ به احمد چٺه ۽ احمد ڀچر کي ساڳئي واقعي بابت سزا ملي هئي، ۽ صرف 48 ڪلاڪ اندر اليڪشن ڪميشن انهن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. انهن جي خالي ٿيل سيٽن تي ضمني چونڊ جو شيڊول جلد اچڻ جو امڪان آهي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ سياستدانن کي ’نااهل‘ قرار ڏيڻ جو رواج ملڪ جي قيام کان ٿورو ئي پوءِ شروع ٿيو. ’پروڊا‘ نالي قانون تحت سنڌ جي سياسي اڳواڻ ايوب کهڙو کي بدعنوانيءَ جي الزام هيٺ نااهل قرار ڏنو ويو. پوءِ ساڳيو ’ڪرپٽ‘ شخص دفاع واري وزير به بڻيو، ڇاڪاڻ ته هن ون يونٽ واري نظام جي حمايت ڪئي هئي، جنهن سان صوبائي سڃاڻپ ختم ٿي.

نئين نسل کي جيڪڏهن يوسف رضا گيلاني جي نااهلي ياد نه هجي، ته نواز شريف واري ضرور ياد هوندي. گيلاني کي سپريم ڪورٽ جي سخت مزاج چيف جسٽس افتخار چوڌري پاران صدر زرداري خلاف خط نه لکڻ تي توهينِ عدالت جي الزام ۾ نااهل قرار ڏنو ويو. نواز شريف کي به ساڳي عدالت، چيف جسٽس ثاقب نثار جي نگراني هيٺ، تاحيات نااهل ڪيو. وقت گذرڻ سان سندس نااهلي ختم ٿي، ۽ عمران خان انهن جي جاءِ ورتي، جنهن کي به جيل ۾ هلندڙ ڪيسن جي بنياد تي سياست لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو.

گيلاني ۽ نواز شريف جي نااهلي سپريم ڪورٽ جي مفصل سماعتن کانپوءِ ٿي، جڏهن ته عمران خان ۽ سندس ساٿين جي نااهلي ماتحت عدالتن مان ٿئي پئي. جيڪڏهن ائين ئي هلندو رهيو ته شايد اهو ڏينهن به ڏسان، جتي ڪو به ايس ايڇ او، ڪنهن به سياستدان کي رڳو الزام هيٺ گرفتار ڪري، عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ ئي کيس سياست لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيندو.اهو سڀ ڄاڻندڙ حلقا، جيڪي سياستدانن کي گهڙي ۾ هيرو ته گهڙيءَ ۾ زيرو ڪن ٿا، چڱيءَ طرح سمجهن ٿا ته اسانجا سياستدان پنهنجي مخالف جي نااهلي تي خوشيون ملهائين ٿا، ڇاڪاڻ ته ان مان انهن لاءِ ’نظام ۾ فِٽ ٿيڻ‘ جو موقعو پيدا ٿئي ٿو. منهنجي ننڍپڻ کان وٺي پوڙهائپ تائين جي سموريون جماعتي ڪانفرنسون ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ جو عزم ته ظاهر ڪن ٿيون، پر ساڳين چڪرن مان ٻاهر نٿيون نڪرن. هاڻ ته ان ۾ ’نيٽسن منڊيلا‘ واري ’سچ ۽ مفاهمت‘ (Truth and Reconciliation) جو نالو به اچڻ لڳو آهي. پر سچ ڳالهائڻ جي نوبت اڄ نه، سڀاڻي تي ئي ڇڏبي پئي. مثال طور مصطفيٰ نواز کوکر جي فارم هائوس تي ٿيل ڪانفرنس ۾ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ، جيئن اسد قيصر، به شامل هئا. موصوف 2018ع کان 2022ع تائين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رهيا آهن. جيڪڏهن هو پنهنجي تجربي جي بنياد تي ’هائيبرڊ نظام‘ جي تخليق ۽ ان جي طريقيڪار بابت کليل انداز سان عوام کي ٻڌائين ها، ته شايد اسان کي وري ’سچ ۽ مفاهمت‘ لاءِ مستقبل جي آس تي نه رهڻو پوي ها.

سياستدانن جي مقابلي ۾ صحافي ڪاشف عباسي ان حوالي سان اخلاقي همت جو مظاهرو ڪيو. هن صاف صاف چيو ته ’ايڪ پيج‘ واري سهولت جي دور ۾ ڪجهه صحافين کي ٽي وي اسڪرين تان غائب ڪرڻ جو حڪم مليل هو. اڄ اهي سڀ به وساري ڇڏيا ويا آهن. ان ڪري جيستائين پنهنجن ڏوهن جو کليل اعتراف نه ٿيندو، ان وقت تائين ملڪ ۾ اصل جمهوريت جو قيام، ڪُل جماعتي ڪانفرنسن جي باوجود، ممڪن نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.