ڳجها معاهدا ۽ عوام کي بي خبر رکڻ وارو الميو

تحرير: سهيل وڙائچ

دنيا جي هر فوجي حڪمت عمليءَ جي فطرت ئي اهڙي هوندي آهي جو اها ڳجهي، خاموش ۽ پراسرار رهي، جيئن دشمن کي حقيقي طاقت، طريقه ڪار ۽ چال کان بي خبر رکجي، ۽ پوءِ ان کي اوچتو، اڻڄاتل وار سان حيران ڪري شڪست ڏني وڃي. ان جي ابتڙ، جديد جمهوريتون پنهنجن عملن ۽ مقبوليت کي جواز ڏيڻ لاءِ شفافيت جي راهه اختيار ڪنديون آهن. فوج ڪڏهن به پنهنجي حڪمت عمليءَ جو اعلان عام نه ڪندي آهي، جڏهن ته حڪومت پنهنجن منصوبن جو واڪائتو اعلان ڪندي آهي، ۽ ان سان گڏ پنهنجي قدمن جي مشهوريءَ ۾ به ڪسر نه ڇڏيندي آهي. اپوزيشن پنهنجي طبيعت ۾ ڳالهيون وڌائيندڙ، ڪڏهن ڪڏهن لغو الزامن سان حڪومت يا رياست تي تنقيد ڪندي آهي، جنهن جو بهترين جواب رڳو شفافيت سان ئي ممڪن ٿيندو آهي، ته جيئن عام ماڻهو به ڳالهه جي نوعيت کي سمجهي سگهن.

پر تضادستان جي نالي سان مشهور ملڪ ۾ جتي هائبرڊ نظام قائم آهي، اتي رياست، فوج ۽ حڪومت هڪ ٻئي ۾ ايئن گڏي ملي ويون آهن، ڄڻ سندن وچ ۾ فرق ئي ختم ٿي ويو هجي. ان ڪري سندن ذميوارين جي ورهاست ۾ به هڪ قسم جي اڻبرابري يا مونجهارو موجود آهي. عسڪري معاملن ۾ پراسرار هجڻ جي گهرج هوندي آهي، پر جڏهن ڪو قومي فرض سامهون اچي ٿو ته پوءِ اهو ڪم ڳجهو رکڻ جي بدران ان بابت عوام کي باخبر ڪرڻ ضروري ٿي پوي ٿو، ته جيئن ماڻهن جي دلين ۾ اطمينان پيدا ٿئي ته رياست صحيح رخ تي هلي رهي آهي.

ڪجهه وقت کان، خاص ڪري جڏهن کان ڀارت سان جنگ کٽي وئي آهي ۽ آمريڪا سان دوستيءَ جا چرچا ٿين ٿا، هر معاملي ۾ پراسراريت وڌي وئي آهي. حقيقت ته اها آهي، جيڪڏهن رياست يا اسٽيبلشمينٽ آمريڪي صدر سان ملاقات ڪري ته اهو عمل سياست جي دائري ۾ اچي ٿو، ۽ سياست ته ايتري قدر شفاف هئڻ گهرجي، جو ان ۾ ڪو به شڪ يا انديشو نه رهي. پر جڏهن ان تي ڳجها پردا وجهي ڇڏجن ٿا، ته اها وڌيڪ پيچيده ۽ شڪي بڻجي وڃي ٿي. اڪثر ماڻهن جو پختو يقين آهي ته فِيلڊ مارشل ۽ آمريڪي صدر جي ملاقات ۾ ملڪ جي سو سيڪڙو مفاد واري ڳالهه ئي طئي ٿي هوندي، پر ٻئي پاسي ڪجهه ماڻهن جا لغو الزام رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن: ڪڏهن معدنيات جي خفيه معاهدي جون ڳالهيون، ته ڪڏهن مهانگي پيٽرول جي در آمد بابت شڪايتون سامهون اچن ٿيون.

هي عاجز ايترو ڄاڻي ٿو ته رياست وٽ انهن شڪايتن جي لاءِ هڪ ئي تيار ٿيل جملو هوندو آهي: "عمل، لفظن کان وڌيڪ اثرائتا ٿين ٿا.” پر سياست ۾ هيءَ چوڻي تمام گهٽ اثرائتي ثابت ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن عمل جي باري اچي ٿي، تڏهن لفظن جو زهر ايترو پکڙجي چڪو هوندو آهي جو حقيقي قدم به مشڪوڪ ۽ ناپسنديده لڳڻ لڳي ٿو.رياست ۽ حڪومت جي مڪمل پراسراريت رڳو شڪي ناهي، پر سوال طلب به آهي. وچ اوڀر جي بحران ۾ جيڪڏهن اسان جو ڪردار مثبت رهيو آهي، ته ايران جي صدر جو دورو ۽ اتي جي پارليامينٽ طرفان پاڪستان جي واکاڻ به انهيءَ جو واضح اشارو آهي ته پاڪستان ڪا اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. پر سوال اهو آهي ته اهو ڪردار آخر هو ڇا؟ اسرائيل کي ڪهڙي طرح روڪيو ويو؟ ڇا ڳالهيون ٿيون؟ اسلامي دنيا جو مستقبل ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي؟ ۽ پاڪستان ان صورتحال ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو؟ ڇا انهن سڀني سوالن تي پراسراريت جو پردو قائم رهندو؟ يا شفافيت جي اصول تحت هن ملڪ جي عوام کي ڪجهه ٻڌايو به ويندو؟

اڄڪلهه پاڪستان يورپ ۽ آمريڪا ۾ تمام سرگرم آهي. فِيلڊ مارشل يا اعليٰ حڪومتي نمائندن جا دورا زير غور آهن. اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي امڪاني دوري بابت به پٺيان ڪجهه سرگرميون هلي رهيون آهن. ناڻي واري وزير اورنگزيب، آمريڪا سان جيڪو ٽيرف تي ڳالهين جو عمل شروع ڪيو آهي، ڇا ان جي تفصيل ۽ امڪاني اثرن بابت عوام کي ڄاڻ ڏيڻ ضروري ناهي؟ آمريڪي پيٽرول ڇو درآمد ڪيو پيو وڃي؟ ڇا ڪويت ۽ ٻين عرب ملڪن کان اهو وڌيڪ مهانگو پيو آهي؟ معدنيات ڪيتريون آهن، ۽ انهن جي کوٽائيءَ ۽ واپار بابت ڪهڙا ارادا آهن؟اهي سڀ سوال عام ماڻهوءَ سان واسطو رکن ٿا، ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت انهن معاملا تي کليل گفتگو ڪري، ۽ شفافيت کي پنهنجو اولين فرض سمجهي. پراسراري اعلان، شفافيت جي کوٽ ۽ وڌندڙ عوامي مونجهارا

تازو ئي آمريڪي اعلانن مان هڪ اهڙو اعلان سامهون آيو، جنهن نه رڳو هر پاڪستاني کي حيران ڪري ڇڏيو، پر سڄي ملڪ ۾ هڪ نئون سياسي ۽ معاشي بحث به ڇيڙيو آهي. اهو اعلان هو پاڪستان جي پيٽروليم جي وسيلن جي موجودگي، انهن جي دريافت لاءِ آمريڪي ڪمپنين جي دلچسپي، ۽ ان کان به وڌيڪ تعجب خيز ڳالهه ــ پاڪستاني پيٽرول کي ڀارت ڏانهن برآمد ڪرڻ جي خواهش.

ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته سرڪاري سطح تي واضح ڪيو وڃي ته پاڪستان، اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ واري پنهنجي تاريخي موقف تي اڄ به قائم آهي؟ ڇا اهو ٻڌائڻ ۾ ڪا رڪاوٽ آهي ته ايران جي جنگ روڪائڻ ۾ پاڪستان جو ڪهڙو مثبت ۽ تعميري ڪردار رهيو؟ ڇا اهو راز افشا نه ٿيڻ گهرجي ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڪيترن سالن کان هلندڙ سفارتي ٿڌائي آخر ڪيئن ۽ ڇو ختم ٿي؟

ڇا ان ڳالهه کي ڳجهي رکڻ مان ڪو فائدو آهي ته پاڪستان، آمريڪا سان پيٽروليم جي ڳولها ۽ درآمد ۾ ڇو مصروف آهي، ۽ ان مان ملڪ کي ڪهڙا فائدا ملڻا آهن؟ ڇا هي به ڳجهي ڳالهه رهڻ گهرجي ته پاڪستان، آمريڪا ۾ جاري ”ابراهيم معاهدي“ جي خلاف مسلم ملڪن ۾ وڌندڙ متفقه مخالفت جي مهم جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي؟ اهي سڀ ڳالهيون جيڪي عوام کان لڪايون پيون وڃن، جيڪڏهن ظاهر ڪيون وڃن ته رياست ۽ حڪومت جي ساک ۾ واڌارو ايندو، ۽ ان جا سڌا مثبت اثر ملڪ جي سياسي فضا تي پوندا.

ڇا ان ڳالهه کي ڳجهي رکڻ مان ڪو فائدو آهي ته پاڪستان، آمريڪا سان پيٽروليم جي ڳولها ۽ درآمد ۾ ڇو مصروف آهي، ۽ ان مان ملڪ کي ڪهڙا فائدا ملڻا آهن؟ ڇا هي به ڳجهي ڳالهه رهڻ گهرجي ته پاڪستان، آمريڪا ۾ جاري ”ابراهيم معاهدي“ جي خلاف مسلم ملڪن ۾ وڌندڙ متفقه مخالفت جي مهم جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي؟ اهي سڀ ڳالهيون جيڪي عوام کان لڪايون پيون وڃن، جيڪڏهن ظاهر ڪيون وڃن ته رياست ۽ حڪومت جي ساک ۾ واڌارو ايندو، ۽ ان جا سڌا مثبت اثر ملڪ جي سياسي فضا تي پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.