حملن ۾ شدت نه آڻيو نه ته اهڙي ڪارروائي ڪنداسين جيڪا اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺي وئي: ٽرمپ جي ايران کي تنبيهه

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته اهو پنهنجا حملا نه وڌائي نه ته آمريڪا ان شدت سان حملا ڪندو، جيڪا اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺي وئي.
ٽرمپ جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو، جڏهن ايران سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت کانپوءِ حملن جي ڌمڪي ڏني آهي.
آمريڪي صدر آچر تي پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي لکيو ته ايران چيو آهي اهو شديد حملا ڪندو، جيڪي ان اڳ ڪيا، ان کان وڌيڪ سخت.
ٽرمپ چيو انهن لاءِ بهتر آهي ته ائين نه ڪن، ڇو ته جيڪڏهن هو ائين ڪندا ته اسان انهن تي ان شدت سان حملو ڪنداسين، جيڪي اڳ ڪڏهن ناهن ڏٺا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.