ڪولون (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي ٻارن جي امدادي اداري يونيسيف ايران ۾ بمباري تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ٻارن جي ان عالمي امدادي تنظيم جي جرمني جي شهر ڪولون ۾ موجود آفيس مان آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ايران ۾ اسڪولن تي حملن جا اطلاع آهن، جن ۾ ميناب ۾ هڪ شاگردياڻين جي اسڪول تي حملو به شامل آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته شهرين ۽ اسڪولن سميت شهري هنڌن تي حملا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن.
ايراني ذريعن موجب ملڪ جي ڏکڻ حصي ۾ هڪ اسڪول تي راڪيٽ حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 108 شاگردياڻيون مارجي ويون ۽ ڪيتريون ئي زخمي ٿيون آهن.
يونيسيف فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪندي ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ ۽ عالمي انساني قانون ۽ انساني حقن تحت پنهنجي ذميوارين جي پاسداري ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
You might also like