راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا آهن، جن ۾ 17 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان داري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز اهي آپريشن 24 مئي تي ٽرين واري واقعي کانپوءِ مستونگ، نوشڪي، زهري، خضدار ۽ ڪيچ جي ضلعن ۾ ڪيا.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن جي مارجڻ سان انهن علائقن ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، وڏي مقدار ۾ بارودي مواد ۽ آءِ اي ڊيز هٿ ڪيون ويون آهن.
آءِ ايس پي آر جو چون آهي ته دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترن ئي مختلف واقعن ۾ ملوث هئا، هن وقت انهن علائقن ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن.
آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ادارن جي ملڪ گير دهشتگردي جي خاتمي واري مهم ڀرپور نموني ۾ جاري رهندي ۽ ملڪ مان ٻاهرين حمايت يافته دهشتگردي جي خطري جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.