اسان جي ٻوليءَ ۾ سائنسي، طبي ۽ ماحولياتي ڄاڻ عام پڙھندڙ تائين پھچائڻ وارا ليکڪ آڱرين تي ڳڻڻ کان به گهٽ آهن. جيڪي آهن، انهن جو قدر اسان وٽ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ رڳو شاعري ۽ فڪشن کي ئي ادب ٿو سمجهيو وڃي. اسان وٽ سائنسي ادب ڇاپڻ وارا نه رسالا آهن، نه ئي وري عام طور ڇپجندڙ جريدا ان قسم جو مواد ڇاپڻ کي اهميت ڏين ٿا. ادب جي اهڙي اهم شعبي ۾ اوندھه واري هن دؤر ۾ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جھڙا قلمڪارَ جيڪو ڪم ڪري ويا، اهو ڪنھن جھاد کان گهٽ ڪونھي. هن عدم مڃتا واري سماج ۾ سائنسي شعور پکيڙڻ لاءِ قلمي پورھيو ڪرڻ، ان کي پنھنجي ذاتي وسيلن مان ڇپائي ان اهم موضوع تي لکڻ جو رواج وجهڻ، ٻين ليکڪن ۽ پنھنجن شاگردن کي سائنسي موضوعن تي قلم کڻڻ لاءِ اتساھڻ ۽ همٿائڻ، ناشرن کي سائنسي، طبي ۽ ماحولياتي جاڳرتا جا ڪتاب ڇاپڻ تي آماده ڪرڻ، سائنسي ڪلبن جو بنياد وجهڻ، هھڙي دؤر مجاھدو ناهي ته ٻيو ڇاهي! سائنسي ۽ ماحولياتي جاڳرتا لاءِ لکڻ جي حوالي سان هن ڏڪر واري ڏيھه ۾ مجاھد جو درجو رکندڙ، ناميارو حياتياتي سائنسدان، ليکڪ، مترجم، سنڌي ءَ ۾ سائنس توڙي ماحولياتي تعليم جو باني ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي حيوانيات جي شعبي (زُولاجي ڊپارٽمينٽ) جو اڳوڻو چيئرمئن ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو اسان کان لڳ ڀڳ 2 هفتا اڳ 20 مئي 2026ع تي وڇڙي ويو. ڊاڪٽر علي مرتضيٰ جي شخصيت رڳو تدريس يا سائنسي تحقيق تائين محدود نه هئي، پر هو سنڌ ۾ سائنسي فڪر، ماحولياتي علم جي جاڳرتا کي عوامي سطح تي متعارف ڪرائيندڙ هڪ تحريڪ جو نالو هو، جنھن پنھنجي سڄي ڄمارَ ڪتابن جي تخليق، ترجمن ۽ تحقيق رستي نئين نسل جي ذهني آبياري ۽ اوسر ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. تنھنڪري سنڌ جي علمي، تحقيقي ۽ سائنسي ادب واري اُڀَ تي ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو هڪ چمڪندڙ ستاري جي حيثيت رکي ٿو.
2 سيپٽمبر 1950ع تي لاڙڪاڻي ساھه سيباڻي ۾ علي حسن ڌاريجي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ علي مرتضيٰ، پنھنجي سڄي حياتي علم ۽ سائنس جي ڦھلاءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڌاريجي صاحب جي تعليمي سفر جي شروعات لاڙڪاڻي جي ديني مدرسه پرائمري اسڪول مان ٿي، جتان پرائمري پاس ڪري هن گورنمينٽ پائلٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ’بي ايس سيءَ‘ جا امتحان پاس ڪيا. جنھن بعد هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1973ع ۾ حيوانيات (زولاجيءَ) ۾ ’ايم ايس سي‘ ڪئي. سائنس سان گڏ هُنَ ’اديب فاضل‘ ۽ ’ايل ايل بيءَ‘ جون ڊگريون پڻ ماڻيون، جڏهن ته 2006ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ئي زولاجيءَ ۾ ڊاڪٽوريٽ جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪيائين.
علي مرتضيٰ صاحب جي عملي ڪيريئر جي شروعات 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ’نيشنل ڊيولپمينٽ والنٽيئر پروگرام‘ تحت هڪ استاد طور تقرريءَ سان ٿي. بعد ۾ کيس زولاجي شعبي ۾ مستقل بنيادن تي ’ميُوزيم ڪيُوريٽر‘ (عجائب گهر سينگاريندڙ) ۽ ليڪچرار طور تعينات ڪيو ويو. ڊاڪٽر ڌاريجي جي علمي قابليت سبب کيس عالمي سطح تي پڻ وڏي پذيرائي ملي. 1976ع ۾ کيس ’يونيسڪو‘ (UNESCO)، ’يُونائينٽڊ نيشنس ڊويلپمينٽ فنڊ ــ يُو اين ڊي پي‘ (UNDP)، ’آءِ سي آر او‘ (ICRO) ۽ ’هنگئرين اڪيڊمي آف سائنس‘ پاران 11 مھينن جي اھم فيلوشپ ملي، جنھن تحت هن هنگريءَ جي شھر ’سيگيڊ‘ (Szeged) ۾ ’ماڊرن بائلاجي ان اميونو جينيٽڪس‘ (مدافعتي جينيات ۾ جديد حياتيات) جي چُونڊ موضوعن تي ٻڌل هڪ عالمي ڪورس ۾ حصو ورتو. جنھن بعد 1984ع ۾ جپان سرڪار جي مشھور ’مونبوشو اسڪالرشپ‘ تي 18 مھينن لاءِ جپان جي ’هما ماتسو يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن‘ مان تربيت حاصل ڪيائين. هن 1986ع کان 1987ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي جي نمائندگي ڪندي، جپاني سائنسدانن سان گڏجي پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ ’اِيئر سائيٽالاجي‘ (ڪنَ جي جيوگهرڙن) جي موضوع تي ’ڪو پرنسپل انويسٽيگيٽر‘ (شريڪ مُک محقق) طور 18 مھينا گڏيل تحقيق ۾ پڻ حصو ورتو.
ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي سان لڳ ڀڳ 36 سال ساندھه واڳيل رھيو، جتان هن ڊگهي تدريسي سفر بعد، 60 سال عمر پوري ٿيڻ تي 2010ع ۾ رٽائر ڪيو. ان عرصي ۾ هن هزارين شاگردن جا ذهنَ علم جي روشنيءَ سان منوّر ڪيا. سندس نگرانيءَ هيٺ هڪ شاگرد ’پي ايڇ ڊي‘ جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته ڪيترائي شاگردَ ’ايم فِل‘ جي ڊگريءَ لاءِ تحقيقي مقالا پڻ لکي چڪا آهن. تدريس سان گڏ ڊاڪٽر ڌاريجي مختلف ادارن ۾ ڪيترن ئي اهم انتظامي عھدن تي پڻ پنھنجيون خدمتون انجام ڏنيون، جن ۾ مختلف وقتن تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ’بيورو آف ٽرانسليشن اينڊ پبليڪيشن‘ (ترجمي ۽ اشاعت واري شعبي) جي ڊائريڪٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنٽرولر آف ايگزامينيشن (امتحاني ناظم)، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ’ڊائريڪٽر انچارج‘ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشوري جي سيڪريٽريءَ طور ديانتداريءَ سان هن پنھنجيون پيشاوراڻيون خدمتون نڀايون. ان کانسواءِ هُو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رھيو.
انھن سرڪاري فرضن جي انجام دهيءَ سان گڏوگڏ سائنسي ادب جي واڌاري لاءِ ڊاڪٽر ڌاريجي پاران انجام ڏنل قلمي ۽ صحافتي خدمتن جو ڳاڻيٽو ڳڻڻ کان ڳؤرو آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ادب کي عام ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي مان ’سائنس پبليڪيشن‘ جو بنياد وڌو، جنھن تحت ڪيترائي اهم سائنسي ڪتاب منظرِ عام تي آيا، جيڪي هن پنھنجي هڙان وڙان ڇپائي سنڌ جي نؤجوانن جي ذهني اوسر جو اھتمام ڪيو. هو ماحوليات ۽ صحت جي موضوعن تي مسلسل ورڪشاپس منعقد ڪرائڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماهوار رسالي ’سائنس‘ ۽ ٽماهي ’ماحول‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ڊاڪٽر صاحبَ مختلف ملڪي ۽ بين الاقوامي جرنلز ۾ 30 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا (Research Papers) ۽ اخبارن ۾ سوين سائنسي ۽ طبي مضمون لکي عوام ۾ سائنسي، حياتياتي ۽ ماحولياتي شعور کي بيدار ڪيو.
سندس قلم مان نڪتل 20 کان وڌيڪ ڪتابَ سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي توڙي ماحولياتي تحقيقي ادب جو قيمتي سرمايو آهن. انهن سمورين سائنسي ۽ ماحولياتي تصنيفن توڙي اخباري ڪالمن ۽ مضمونن رستي هن هڪ طرح سان ’عوامي سائنس‘ جي علم جو بنياد وڌو، جنھن تحت سائنس جي ڳُوڙھن موضوعن جِي سؤلِي ۽ عام فھم لفظن ۾ تفھيمَ ممڪن ٿِي سگِهي. ڊاڪٽر ڌاريجي جو وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته هُن ڪيترن ئي سائنسي لفظن، اصطلاحن توڙي آوازن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري انهن جا متبادل نج سنڌي نالا ۽ لفظ ڏنا. سندس مقصد عام کان عام ماڻهوءَ تائين سائنسي، طبي ۽ ماحولياتي ڄاڻ پھچائڻ هو. سندس چوڻ هو ته ”جيستائين هاريءَ جو پٽ سائنس کي پنھنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ نه سمجهندو، تيستائين سنڌ ترقي نه ڪندي!“
ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جي انهن بي لوث علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ کيس نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، رائيٽرس گِلڊ آف پاڪستان ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ سميت ڪيترن ئي قومي ادارن پاران اھم اِوارڊَ، اعزازَ ۽ سندون ڏنيون ويون.
ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو، نامياري شاعر عبدالغفار ”تبسم“ جي ڀيڻ روشن ناز سان پرڻيو، جيڪا پاڻ به نثري نظم جي سھڻي شاعره آهي ۽ سنڌي ساھت ۾ ورهن کان پنھنجي سڃاڻپ رکي ٿي. کين چئن پٽن زاھد مرتضيٰ، ضيا مرتضيٰ، ظفر مرتضيٰ، ذوالفقار مرتضيٰ ۽ هڪ نياڻيءَ رابيل مرتضيٰ جو اولاد ٿيو. پنھنجي شعبي ۾ پنھنجو مٽُ پاڻ، ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو، پنھنجي ذات ۾ هر قسم جي غرور، تڪبر ۽ خودپسنديءَ کان آجو هڪ مخلص ۽ بي لوث انسان ۽ فقير منش هو. پيشاوراڻي کيتر ۾ عالمي مڃتا ماڻڻ باوجود هو پنھنجي پائڻ توڙي کائڻ، اٿڻ توڙي ويھڻ ۾ بنھه سادو هو. رشتن ناتن نڀائڻ ۾ سندس سڀاءُ ايڏو مثالي هو، جو شادي هجي يا غمي، پنھنجي هر واقفڪار کي ڳولي ساڻس پاڻ وڃي ملندو هو… حال احوال وٺندو هو ۽ هر دوست جي سڏَ تي لبيڪ چئي هر حال ۾ وڃي پھچندو هو.
ڊاڪٽر صاحب ڊگهي مُدي کان گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا هو ۽ 2024ع کان مسلسل ’ڊائلاسِز‘ رستي سندس گڙدن جي صفائي ٿيندي هئي. تازو ئي 20 مئي 2026ع تي گڙدن جي ڪم ڇڏڻ سبب هن 76 ورهن جي ڄمارَ ۾ پنھنجن هزارين شاگردن، پڙھندڙن، ساٿي استادن توڙي عالمن کان بنا موڪلائڻ جي عدم جو رستو ورتو ۽ سنڌي ساھت کيتر کي اداس ڪري پنھنجي خالق سان وڃي مليو.
ڊاڪٽر علي مرتضيٰ جي ڪٽنب وارن جي گذريل ڪجهه سالن کان اها خواھش هئي ته هر سال 5 جون تي ملھائجندڙ ”ماحوليات جو عالمي ڏينھن“ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ جي سائنسي ۽ ماحولياتي ميدان ۾ ڪيل خدمتن سان منسوب ڪري ملهايو وڃي ۽ ان موقعي تي سندس نالي سان هڪ اِوارڊ جو اجراء ڪيو وڃي، جيڪو ماحوليات جي ميدان ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ مختلف شعبن جي ماڻهن کي ڊاڪٽر ڌاريجي هٿان ئي ڏياريو وڃي، پر اهو خواب سندس حياتيءَ ۾ تعبير ماڻي نه سگهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ کي تجويز آهي ته ان پاران ماحوليات جي عالمي ڏينھن يا ڊاڪٽر صاحب جي جنم يا وفات جي ڏينھن کي سندس نالي سان منسوب ڪري هر سال ملهائڻ ۽ سائنسي توڙي ماحولياتي جاڳرتا جي کيتر ۾ سندس نالي اهو اِوارڊ ڏيارڻ جي ڪم جي سرپرستي ڪئي وڃي، ته اهو هڪ مستقل ساليانو ماحولياتي ڪاڄ نه رڳو ڊاڪٽر ڌاريجي کي هڪ شايانِ شان ڀيٽا هوندو، بلڪه نؤجوان ليکڪن توڙي صحافين ۾ ماحوليات جھڙي وقت جي ضرورت بڻيل اهم موضوع تي لکڻ ۽ ان جي آگاهي پکيڙڻ لاءِ اتساھه به هوندو. ڪيڏو نه ڀلو ٿئي! جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي زُولاجي ڊپارٽمينٽ کي ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جي نالي سان منسوب ڪري، سندس سڄي حياتيءَ جي منفرد قلمي پورھيي جي مڃتا جو اهتمام ۽ سندس ڪم کي سدائين لاءِ ڳائڻ جو سعيو ڪيو وڃي!