حيدرآباد ۽ ان جي اهم تعلقي جي صورتحال

نثار لغاري

تعلقو حيدرآباد سنڌ جو تاريخي ثقافتي ۽ مزاحمتي پرڳڻو آھي   هي تعلقو هن وقت ٻارنهن کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن تي ٻڌل آھي. ھن تعلقي ۾ ٻه اهم آئل فيلڊون آھن جن مان اربين رپيا حاصل ٿين ٿا پر تعلقي حيدر آباد تي هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو ويو مقامي ماڻهن لا روزگار جا دروازا بند آھن

هن تعلقي ۾ زرعي يونيورسٽي سنڌ ٽنڊو ڄام هوندي به تعلقي کي ڪو فائدو نه مليو آهي يونيورسٽي هتي علائقي جي ماڻھن ۾ جديد پوکي جو شعور ڏيڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ٿي آھي اهو وڏو سوال آھي جيڪو غور طلب آھي ، زرعي يونيورسٽي ۾ به مقامي ماڻهو ملازم نه آهن تعلقي جي ماڻھن لا هنري سکيا توڙي روزگار جو ڪو به بندوبست نه آهي  هن تعلقي ۾ هڪ به وڏي ڏھ بسترن واري گائني وارڊ واري ڪا اسپتال نه آھي ڪا هڪ لائبريري نه آھي ڪو هڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ هڪ پبلڪ پارڪ نه آھي ڪو هڪ ڪارخانو نه آھي

هتي جي پرائمري تعليم نهايت معزوري ۾ آھي نوان استاد ڀرتي نٿا ڪيا وڃن جنهن جي ڪري اسڪولن ۾ استادن خاص طرح ليڊي ٽيچرس جي تمام گهڻي کوٽ آهي گرلس پرائمري اسڪول اڪثر بند آهن هن وقت واڻڪي وسي ۽ يوسي مسو ڀرڳڙي ۾ ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ٽيچرس جي ضرورت آهي هڪ سئو نياڻيون ميٽرڪ ۽ انٽر ڪري ويٺل آھن پر مجال آھي جو سرڪار ۽ ان جا ڏھ سال حاڪم بنيل چونڊيل نمائيندا هن حوالي سان ڪو سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ لا تيار نه آھن مسو ڀرڳڙي هاءِ اسڪول واڻڪي وسي هٽڙي هاءِ اسڪولن ۾ استادن خاص طرح سائنس ٽيچرن جي وڏي کوٽ آھي

چونڊيل عوامي سڏرئيندڙ ڌرين به عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو اڪثر ڳوٺ رجسٽر نه آھن جنهن جي ڪري پنجاهه کان وڌيڪ ڳوٺن کي گئس بجلي جي سهولت هن ايڪيهين صدي ۾ به نه آھي اڪثر ڳوڄن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيا آھن ترقياتي فنڊ کائجي ڪرپشن حوالي ٿيا آھن اڪثر يونين ڪائونسلن جا نمائندا ڪرپشن ڪري عوام جو پئسو کائي ويا آھن

هتي جا مقامي نوناري چانڊيا لغاري ٻاگهل لاشاري ٻيلي جون زمينون ڪاهيندا به هئا ۽ ٻيلي جي سنڀال به ڪندا هئا انهن کي بي دخل ڪيو ويو هتي جون عورتون هاڻ حيدرآباد شهر ۾ گهرن اندر تمام سستي مزدوري تي ڪمائين ٿيون هي آھي سنڌ جي خوشحال تعلقي جو الميو ، ڀٽائي جي مارو ماڻهن لا روزگار جا دروازا بند آهن انيڪ جوڌاجوان معمولي پگهارن تي گارڊن جي نوڪري ڪري رهيا آھن يا وري تغاري مزدوري تعليم هوندي نوڪريون نه آھن بک بدحالي ۽ افلاس خانداني ذاتي جهيڙن جهڳڙن ۾ ماڻھن کي منجهائي ڇڏيو آھي  ، منشيات ويتر ان ۾ وڌارو ڪيو آھي هٽڙي جيڪا پئرس ۾ به گلاب جي گلن ڪري مشهور هئي اها اڄ تباه حال ۽ سماجي براين ۾ وڪوڙجي چڪي آھي ،

هتي طبقاتي شعور عام ڪرڻ جي ضروت اڳ کان وڌيڪ آھي هتي طبقاتي جدوجهد جو تجربو جمهوري طريقي ڏاڍو مقبول رهيو آھي هتان ئي 2005 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو حمايت يافتا ڪائونسلر ڪامريڊ غلام حسين لغاري مرحوم ڇهه سئو ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو ، هتي خاص طرح مجموعي طور کاٻي ڌر کي جيتري توجهه ڏيڻ کپندي هئي اها ناهي ڏني وئي عوام طرفان موٽ ضرور ملي آھي ،  افسوس ته سياسي سماجي تنظيمن به جوڳو ڪردار ادا ناهي ڪيو جنهن جي ڪري حيدرآباد شهر کي خوبصورت بنائيندڙ مياڻي ٻيلو به برباد ٿي ويو آهي ، هن وقت به اسان کي هن تعلقي جي مالڪي ڪرڻ گهرجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.