سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ لاٿ ٿي وئي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 15 ڊالر گهٽجڻ سان 3 هزار 353 ڊالر في اونس ٿي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ جو اثر پاڪستاني مارڪيٽن تي به پيو، مقامي مارڪيٽ ۾ في تولو سون 1500 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 58 هزار رپين جي سطح تي اچي ويو.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1286 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 6 هزار 927 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.